ادب جي آڪاس تي چمڪندڙ ستارو
قمر شھباز ھڪ اھڙو نالو جنھن جي اچارڻ سان انساني ڪيفيت ڪيترن ئي رنگن سان سرشار ٿي وڃي ٿي، قمر شھباز صاحب سنڌ، پاڪستان جي هڪ گهڻ رخي ٽيلنٽ، ادب، شاعري، ڊرامي ۽ اسڪرين رائٽنگ جي دنيا ۾ انمول نشان ڇڏي ويو آھي، قمر شهباز جي زندگي سندس تخليقي اظهار جي جذبي جو ثبوت آھي. ھو پنھنجي جذبن احساسن ۽ ڪيفيتن ۾ پيڙھجي سنڌي عوام، سماج جا سور بي راھ رويا، مفلسيءَ جي ماريل ماڻھن جا درد ۽ پيڙائن کي پنھنجي قلم سان پنن تي پکيڙڻ جو ئي ماھر نه ھو, پر ھو ھر صنف ۾ پنھنجو پاڻ ملهائيندڙ ڪردار ھو سندس اظھار جي بلندي بيان ڪندي ننگر چنا صاحب قمر شھباز جون ھي لائينون پيش ڪيون آھن ته ملڪ ۾ هاهاڪار متل هجي، گولي بارود جي بُوءِ ۾ دم گُهٽبو هجي، در دريون بند ۽ رستا ويران هجن، سوچَ تي پَھرا ۽ آزاديءَ تي تيرَ تاڻيل هجن ۽ شاعر گل ۽ بلبل جو داستان کڻي ويھي. عام ماڻهو بُکَ جو بَکُ ٿيندا هجن، ڳڀي جي ڳولا ۾ للنگ لِيلائيندا هجن، معصوم ٻارڙن کي چنڊ ۾ مانيءَ جو عڪس نظر ايندو هجي ۽ شاعر جام و مينا جي ڳالهڙي ڇيڙي ويھي.
Read More