“سائين جن کي ٻڌايو اٿم ته اصل زور ڳڙهه جا آهيون، پر پوءِ پنهنجي قوم سان پوک تي ناراضگي ٿي پئي، تنهنڪري سڄو گهر، مامو سندس اولاد، سئوٽ، سڀئي زور ڳڙهه مان لڏي وڃي رُجهان جمالي ۾ رهياسي، جيڪو جهٽ پٽ تعلقي ۾، ۽ ضلعي نصيرآباد ۾ آ. اهو ڳوٺ جعفر خان جماليءَ جو هيو. جڏهن رُجهان ۾ لڏي وڃي رهيا هئاسي، تنهن وقت منهنجي عمر پنجويهه ڇويهه سال هئي.”
ميرو ڪجهه دير لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ پوءِ مٿي تان اڇي ڪپڙي جي ٽوپلي لاهي، مٿي تي هٿ ڦيريائين ۽ وري پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳو:
“وڏي ڀاءُ پيرل ۽ منهنجي شادي زور ڳڙهه ۾ پنهنجي ئي قوم مان ٿيل هئي، پر پيرل جي زال شاديءَ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ گذاري وئي، تنهنڪري پيرل جي ٻي شادي رُجهان ۾ ڪرائيسي. اها مائي اسان ٽَڪن تي ورتي هئي. سوني ڪنڀر جي ڌيءَ هئي. ست سئو رپيا ڏنا هئاسي، انهن ڏينهن ۾ ست سئو رپيا سائين وڏي ڳالهه هئي.
“ڪجهه وقت کانپوءِ اها مائي يعني منهنجي ڀاءُ جي زال، ٻئي مرد سان کري پئي، هڪ رات زائفان منهنجي ڀاءُ سان ستل هئي. آڌي رات جو هوءَ چپڙي ڪري اٿي ۽ جهنگ ڏانهن وڃڻ لڳي، منهنجي ڀاءُ کي شڪ پيو ته هيءَ هيڏي مهل ڪاڏي ٿي وڃي. هيءُ به پوئتون ويس، ڪافي اڳيان ويو ته هن کي ٻه ماڻهو ستل نظر آيا، هڪ زائفان ۽ هڪ مڙد. چنڊ جي هلڪي هلڪي روشني هئي، هن مڙد کي سڃاڻي ورتو، اهو اسان جو ماروٽ خير محمد هيو. منهنجي ڀاءُ جي دل ۾ غيرت جي باهه ڀڙڪو کاڌو، پر هو انهيءَ وقت غصو پي ويو، صبر کان ڪم ورتائين. ٻئي پاسي انهن کڙڪو ٻڌو ته شڪ پئجي وين ته ڪو آ. تنهنڪري زائفان هيڏي هلي آئي ۽ مڙد پرتي هليو ويو. “منهنجو ڀاءُ تڪڙو تڪڙو هلي، زائفان جي پهچڻ کان اڳ، گهر پهچي، ماٺ ڪري، دُتُ هڻي سمهي رهيو، زالس آئي ته کيس شڪ ئي نه پيو ته مڙس ماکي ڪو خراب حالت ۾ ڏٺو آ.
“صبح جو ڀاءُ مان سان اها ڳالهه ڪئي. هوڏانهن ڪارو- ههڙي مرد کي اسان ڏانهن ڪارو چوندا آهن، اهو ڪارو انهيءَ رات ڪيڏانهن هليو ويو. پندرهن ويهه ڏهاڙا هو ڪونه آيو، اسان به کڻي چپ ڪئيسي، زائفان کي اڃان به وڌيڪ پيار ڏنوسين ته جيئن شڪ نه پويس، اسان اها لکائي نه ڏنيسي ته اسان کي ڪنهن ڳالهه جي خبر آ، جيڪو اسان کي ڪرڻو هو، اهو ته مان ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ اڳ ۾ سوچي ڇڏيو هو.
“اهو ڪارو خير محمد پندرهن ويهن ڏينهن کانپوءِ آيو. هڪ ڏينهن مان هن کي ڌُوتاڙي، دلاسو ڏيئي ته: “فلاڻي هنڌ منهنجو دوست آيو آ، هل ته هلي انهيءَ سان ملون.” هو مان سان هليو. سارين جي ڪٽائيءَ جي مند هئي. ڀرسان جهنگل هو. مان کيس اتي وٺي ويس. جهنگل ۾ ڪافي پنڌ هلڻ کانپوءِ هن پڇيو، “مِيرا ڪٿي آ تنهنجو دوست؟” مان يڪدم ڪهاڙي اڀي ڪئي، ۽ چيومانس، چپ ڪر ويهي رهه، تنهنجي ته ڀيڻ کي…، تون ڪارو آن. تون سمجهين ٿو اسان غافل آهيون.
“هو ڏڪندو ويهي رهيو، هن جي اکين ۾ خوف هيو. مان ڪهاڙي اڀي ڪيو مٿان بيٺو هئس. ايتري ۾ منهنجو ڀاءُ زائفان کي به گهليندي اتي پهچي ويو، هنن گهڻو ئي ليلاهيو، پر هڪ هڪ ڌڪ سان انهن جا ڪنڌ وڃي پري پيا.
“اسين ڪارو ماري، انهن جي لاشن کي کڻي اتي رکيوسي، جتي منهنجي ڀاءُ انهن کي ڏٺو هيو، جعفر خان جماليءَ کي خبر پئي ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي اوهان ٻئي هنڌ خون ڪري جاءِ واردات رُجهان ڇو ڏيکاري. تنهنڪري جماليءَ اسان سڀني کي ٻئي ڏينهن تي ٻڌرائي ڇڏيو، ٽن ڀائرن ۽ پيءُ کي. اتي جي ڪيترن ماڻهن پنهنجي وسان گهٽايو ڪونه ته انهن حق ڪيو آ، غيرت جو ڪم ڪيو آ، انهن آزاد ڪرائڻ جي گهڻي ڪوشش ورتي، پر جمالي ڪنهن جي به نه ٻڌي.
“پوليس اسان کي ٻڌي، رُجهان کان ڇهه ميل پري، جهٽ پٽ جو شهر آ، اتي وٺي وئي، اتي ڪچو جيل آ، وڃي اسان کي رکيائون، اتي اسان کي پوليس تڪليف ڪابه نه ڏني.
“جيل جي ٻاهرين پاسي هڪڙو لوهي شيخن جو جهنگلو هيو، صبح جو انهيءَ ۾ وڃي ويهاريندا هئا، اتان رستو صاف نظر ايندو هو. اسين هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسي سگهندا هئاسين.
“انهيءَ ڪچي جيل ۾ اسان کي اڍائي مهينا ٿي ويا، نه ڪيس هلي، نه ڪا ٻي ڳالهه. اوهي نه واهي، ننڌڻڪا ٿيو ويٺا هئاسي.
“هاڻ اها ڳالهه تون اتي دل ۾ رکجان، پهرين ٻي ڳالهه ٿو ٻڌايان، انهيءَ ڳالهه سان واسطو ٿي رکي. اسين رجهان ۾ رهندا هئاسي، رجهان کان ميل سوا ميل پري تاج پور جو شهر آ. اتي هڪڙو همراهه، ڪاٿون ٻاهران لڏي، گهر ٻار سان اچي رهيو هو. هن پنهنجو نالو علي محمد ۽ ذات مهر ٻڌائي، پنجاهه سٺ ماڻهن جو اٽالو هو، هنن جو، انهيءَ سان اسان جي ڄاڻ سڃاڻ پوري ساري هئي، پر خبر هئي ته ماڻهو سٺو آ.
“هڪڙي ڏينهن اسان سوچيوسي ته علي محمد مهر کي ماڻهو موڪلي سڏايون ته اسان جي ڪا مدد ڪري. اسان اڃان انهيءَ سوچ ۾ هئاسي ته اسان جهنگلي مان ڏٺو ته علي محمد مهر گهوڙي تي سوار شهر ڏانهن پئي ويو. اسان وٽ انهيءَ وقت ڪو ماڻهو نه هيو جو علي محمد کي سڏي اچي. اسان کي ڏاڍي بيقراري ٿي ته متان علي محمد هليو نه وڃي. انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ويٺا هئاسي، جو ڪيڏي مهل ڏٺوسي ته علي محمد اسان ڏانهن آيو پئي.
“هو اسان لاءِ جهٽ پٽ شهر مان ميوا، ڪپڙا، صابڻ ۽ ٻيون شيون وٺڻ ويو هو، هن اسان کي ٻڌايو: “مان مير جعفر جماليءَ وٽ ويو هئس. جعفر خان کي چيم: “مان ٻڌو آ ته اوهان چيو آ: مان ميري وارن کي چوڏهن سال ٽيپ ڏياريندم.” انهيءَ کان اڳ جو مير جعفر خان ڪجهه چوي. مان وري چيو: “مان هتي جو ناهيان، ٻاهر جو آهيان. مان پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اوهان جي زمين تي اچي رهيو آن، پر اوهان وٽ انصاف ڪونهي. اڄ اوهان ميري وارن کي ناحق جهلايو آ، سڀاڻي ماکي به لڏائيندا. جنهن حق ڪيو آ. ميري پنهنجي ڀاءُ جو ساٿ ڏنو آ. ڪارو ڪاريءَ کي مارڻ حق آ، پر اوهان ناحق ڪيو آ. تنهنڪري مان اوهان جو ڳوٺ ڇڏي ٿو وڃان. مان وڃي سڀني کي ٻڌائيندم ته مير جعفر خان جيڪو جمالي قوم جو سردار آ، انهيءَ وٽ انصاف ڪونهي. انهيءَ وٽ حق ڪونهي. هو ناحق جو پاسو ٿو کڻي.”
“اها ڳالهه ٻڌي جعفر خان جمالي ڪاوڙيو ڪونه. اهو ڪونه چيائين ته لڏي وڃ منهنجي زمين تان. (ڇاڪاڻ ته اهو سردار جو وڙ ڪونهي ته هو انصاف نه ڪري ۽ ماڻهو انهيءَ ڪارڻ سندس (زمين) مان لڏي وڃن.) هن چيو: “نوجوان ڪاوڙ ڍري ڪر. ميري وارن سان ضرور انصاف ٿيندو. ڪيس جرڳي ۾ هلندو.”
“ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جرڳو ويٺو. پوليس اسان کي جرڳي وٽ وٺي هلي. جرڳي ۾ جعفر خان جمالي اسان جو ساٿ ڏنو. چيائين: هنن ڪو ڏوهه نه ڪيو آ، ڪارو ڪاري ڪيو اٿن، سو به هنن ٽن ڪونه ڪيو آ.” وري منهنجي ڀاءُ کان پڇيائين: “بابا، ڪارو ڪاري تو ڪيو آ؟، ڀاءُ جواب ڏنو: “ها سائين، مان ڪيو آ.” پڇيائين: “تنهنجي ڀائرن يا پيءُ مدد ڪرائي ٿئي؟، هن چيو: “نه”
“پوءِ جرڳي رڳو وڏي ڀاءُ کي ڏوهاري ڪيو ۽ اسان سڀني کي آزاد ڪيائون. “جرڳي جي ڏوهاري ٺهرائڻ کانپوءِ، سزا جو اختيار وري ڊپٽي ڪمشنر کي ڏنائون. جعفر خان جمالي ڊپٽي ڪمشنر کي به سفارش ڪئي هئي. سو هُن ڀاءُ کي چيو: “بابا، توتي سئو رپيا ڏنڊ آ، جيڪڏهن جرم (پئسا) ڀري ڏين ته توکي آزاد ڪريان نه ته ڇهه مهينا ٽيپ ڪاٽڻي پوندي.”
منهنجي ڀاءُ پنهنجي سئوٽ محمد بخش کي سڏرايو، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ٻاهران بيٺو هو. هن ڏنڊ جا پئسا ڀري ڏنا ۽ منهنجو ڀاءُ آزاد ٿي ويو.
“علي محمد مهر کي سڃاڻندو هئس، پر هُن سان اڳ ۾ تعلقات بلڪل ڪونه هئا، پر هُن اسان سان وڙ ڪيو، وڏو احسان ڪيو هو. هو بهادر ماڻهو هو، تنهنڪري هن وٽ بهادرن جو قدر هو. هن مون ۾ ڪا مڻيا ڏٺي هئي. خير، جڏهن اسين آزاد ٿي ڳوٺ پهتاسين ته علي محمد پنهنجي سئوٽ حاجي عبدالرحمان سان گڏ اسان کي مبارڪ ڏيڻ آيو ۽ پوءِ اسان جو پاڻ ۾ رستو ٿي پيو.”