آمريڪي سفارتڪار مسز نيٽالي اي بيڪر ۽ آمريڪي سفارتخاني جي وفد جي حيثيت سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. انهن مان خالد آباد ۾ مير شهباز احمد خان لنڊ ۽ مير سردار خان لنڊ سان الڳ ملاقات ڪئي. نئون ديرو هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وومين ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر سان خاص ملاقات ڪئي جڏهن ته نيو جتوئي ۾ رئيس عاقب خان جتوئي سان ملاقات ڪئي جنهن بنگلي ۾ ميزباني ڪرڻ کان وٺي فارم هائوس ۽ مقامي صحت مرڪز جو دورو ڪرڻ تائين سڄو ڏينهن مصروف گذاريو، ان کان اڳ مورو کان نوان جتوئي تائين آمريڪن سفارتي ليڊي عملدار مس نيٽلي بئڪر ٻئي سفارتخاني جي عملي ۽ مهمانن جو ڀرپور نموني سان استقبال ڪيو ويو. جتوئي هائوس نوان جتوئي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم عاقب خان جتوئي سندس آجيان ڪئي پوري نوان جتوئي شهر جي هر جڳهه تي گلاب جي گلن سان ورکا ڪري دهلن، شرنائين سان سندس آڌرڀاءُ ڪري کيس جتوئي هائوس آندو ويو. جڏهن ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين خفيه ادارن جي اهلڪارن وڏي اٽالن سان کين مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي.کين سنڌي روايت موجب سوکڙي طور اجرڪ لونگي ۽ ٽوپي جا تحفا ڏنا ويا ان تقريب ۾ جتوئي هائوس جي نمائندن ۽ برادران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آمريڪي وفد ۾ سفير مس نيٽالي بيڪر ۽ آمريڪي سياسي سربراهه ۽ اقتصادي سيڪشن چيف مسٽر پيٽر ميڪ شري شريڪ هئا. هن ملاقات کي ڪجهه ماڻهو اهم سياسي گڏجاڻي قرار ڏيئي رهيا آهن. ڪنهن تجزيه نگار موجب ڪڏهن ڪڏهن سياست ۾، خاموش منظر سڀ کان وڌيڪ ڳالهائيندا آهن. آمريڪي سفارتي وفد جي نيو جتوئي ۾ آمد هڪ اهڙو منظر هو جيڪو ظاهري طور تي هڪ سفارتي دورو هو، پر اندروني طور تي هڪ مڪمل اهم سياسي ملاقات هئي. ڇو ته جتوئي خاندان سنڌ جي سياست ۾ سياسي مخالف جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سڄي خاندان کي ٻڪري چوري، موٽرسائيڪل ڦر سميت ڪيترن ئي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسائي پريشان ڪري رهيا آهن، پر انهن خانداني روايت کي قائم رکندي سمورن ڪوڙن ڪيسن سان منهن پئي ڏنو آهي ۽ سياسي مخالفن يعني اقتداري ڌر کي پيغام ڏنو آهي ته توهان جا ڪوڙ هربا ۽ انتقامي ڪارروائيون اسان کي پنهنجي مقصد کان پوئتي نٿا هٽائي سگهن. نيشنل پيپلزپارٽي جي باني غلام مصطفيٰ خان جتوئي ۽ سندس وڏي ڀاءُ غلام مجتبيٰ خان جتوئي جي وصال کانپوءِ جتوئي خاندان غير منظم ڏسڻ ۾ آيو، ڇو ته انهن پنهنجي پارٽي کي مسلم ليگ (ن) ۾ ضم ڪري غلام مرتضيٰ خان جتوئي وفاقي وزارت ماڻي ۽ جڏهن مسلم ليگ (ن) پنهنجو مقصد ڪڍي کيس تنها ڪري ڇڏيو ته غلام مرتضيٰ خان جتوئي وري پنهنجي پارٽيءَ کي فعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي چڪو آهي، پر اسان وٽ ماڻهو سياستدان کي هجوم ۾ ڏسڻ پسند ڪندا آهن يعني اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندڙ سياستدان جي چوڌاري سرڪاري پروٽوڪول ۽ عوامي هجوم هوندو آهي. جڏهن ته مخالف سياستدان کي پنهنجا به سلام ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، پر ان ڏينهن نيو جتوئي جي ماحول واضح ڪري ڇڏيو ته سياست صرف هالن ۾ نه وڙهي ويندي آهي ۽ نه ئي صرف ڪاغذي ووٽن تي کٽي ويندي آهي، بلڪه سياست عوامي مقبوليت، سماجي ۽ سياسي رابطن جي تسلسل تي زنده رهندي آهي. ڀلي جتوئي خاندان جا ڪاروباري شيئرز ٻاهرين ملڪن ۾ هجن ۽ انهن ماڻهن سان ڪاروباري تعلقات هجن، پر اها حقيقت آهي ته موجوده آمريڪي سفير ۽ سندس ٽيم جو هي دورو اهميت جوڳو آهي جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن آمريڪي سفير جو اهو دورو ذاتي نوعيت جو هجي ها ته مخالف سياستدانن کانپوءِ اقتداري سياستدانن سان نه ملي ها. هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته سنڌ ۾ ڪا اهم تبديلي اچي رهي آهي يا ائين کڻي چئجي ته آمريڪي سفير جي دوري کانپوءِ علاقائي توڙي صوبائي سطح جي سياسي ماحول ۾ هڪ خاموش تبديلي محسوس ڪئي پئي وڃي. اهي حلقا جيڪي ڪالهه تائين نتيجن کي حتمي سمجهي رهيا هئا، اڄ حساب ڪتاب ۾ مصروف نظر اچن ٿا. عام ماڻهوءَ کان وٺي اقتداري ڌر جا وسوسا وڌي ويا آهن، لهجو محتاط ٿي ويو آهي، هن دوري کي صرف ذاتي تعلق يا رسمي تقريب طور سمجهڻ سياسي سادگي هوندي. حقيقي سياست هميشه پسمنظر ۾ ٿيندي آهي ۽ حقيقي پيغام اڪثر ڪري ڪنهن به پريس رليز کانسواءِ ڏنا ويندا آهن. ڇو ته سياست انهن ماڻهن ۽ طبقن لاءِ آخري اميد هوندي آهي جن وٽ ٻيو ڪوبه رستو نه هوندو آهي. اها ساڳي عوامي سياست، جڏهن اڃان ڀٽڪڻ جو ذريعو نه بڻي هئي، جڏهن سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن طاقت کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽ هر قيمت تي پنهنجي عوام دوست بياني جي وهم کي برقرار رکيو هو، تڏهن سياست عوام جي محبت ۽ انقلاب جي اميد بڻيل هئي. سياسي روايتون جيڪي جمهوريت جو حصو هيون، جڏهن غير جمهوري دروازن ذريعي اقتدار تائين پهچڻ کي سياستدانن جي سياسي ڪيريئر تي داغ سمجهيو ويندو هو، اهو وقت هو جڏهن سياست ۾ ڦيرو ايندو هو، جڏهن سياسي ڪارڪن، پنهنجي جسمن تي ڪوڙا ۽ لٺيون برداشت ڪندي پوئتي هٽڻ بدران، ثابت قدم رهيا ۽ پنهنجن نظرين کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، اها ملڪي سياست جي هڪ خوبصورت تاريخ هئي، جيڪا اڄ عملي طور تي ڏسڻ بدران تاريخ جي صفحن ۾ دفن ٿيل آهي. جيتوڻيڪ اڃان تائين اهڙا ڪارڪن ۽ اڳواڻ موجود آهن جيڪي گذريل سياسي ماحول کي ياد ڪرڻ ۽ موجوده ملاوٽ واري سياست کي ڏسڻ کانپوءِ ٿڌو ساهه کڻندا آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا ٿيو جو “سياست” پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائي ڇڏي ۽ ڪاروبار جو روپ اختيار ڪيو؟ نه سياسي روايتون رهيون، نه جمهوري طاقت ۽ نه ئي انهن ڪارڪنن جا خواب سچا ٿيا جن پنهنجي جوانيءَ کان وٺي وڏي عمر تائين سياسي پارٽين لاءِ پنهنجيون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون. جيڪي ماڻهو آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري نظام جي نفاذ لاءِ لانگ مارچ، ريلين، ميٽنگن ۽ جلوسن ذريعي وڙهيا، انهن جون اميدون اقتدار جي حوس ۾ ڪٿي ۽ ڪيئن لُٽجي ويون؟ سوال اهو به آهي ته جڏهن سياسي عمل کي سڄي دنيا ۾ مسئلن جو واحد حل سمجهيو ويندو آهي ته پوءِ اسان جي ملڪ ۾ سياسي رستا ڇو ويران آهن؟ سياسي ڪارڪنن کي ڇو ڇڏيو ويو آهي؟ سياست ايتري ڪمزور ڇو ٿي وئي آهي جو قيادت جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي؟