هونئن سموري دنيا تعليمي طبقات جو شڪار رهندي آئي آهي يا خاص انهن ملڪن ۾ جيڪي رڳو (Capitalist) رياستون آهن، ان ڪري ته انهن ملڪن ۾ ڪمائيءَ جو گهڻو تڻو حصو رڳو ٻارن جي تعليم تي خرچ ٿئي ٿو، جنهن ۾ درسي ڪتابن کان وٺي اسڪول جي يونيفارم (پوشاڪ)، ٽرانسپورٽيشن ۽ ٽيوشن جا مسئلا اچي ٿا وڃن، پر انهن سڀني کان ڏکيرو ڪم اعليٰ تعليم به آهي جنهن ۾ خاص PhD اچي ٿي وڃي جيڪا اسان جهڙن ملڪن ۾ هڙان وڙان ڏئي پڙهڻ آهي. ان ڏس ۾ HEC يا سرڪار هڪ خاص (Age Factor) ۾ شاگرد کي ڪجھ وظيفا ڏئي ٿي جيڪي وڌ ۾ وڌ ٽيھن سالن تائين هجن ٿا ۽ ان کان وڌيڪ عمر وارا ٻار ڪنهن به اهڙي سرڪاري وظيفي جي لائق نٿا هجن يا اهي ٻار جيڪي ميٽرڪ ۽ انٽر پڙهي بس ٿا ڪن انهن جي مٿان گهر وارن جو ۽ سماجي پريشر انتها درجي جو هوندو آهي ته اهي ڪيئن به ڪري ڪابه نوڪري ڪن ته جيئن گهر جو گاڏو گيڙي سگهجي. ان ڪري اهڙي منجهيل صورتحال ۾ ڪي ٻار لاڳيتو پڙهن به ٿا نه ته اڪثر ٻار نوڪري سان گڏ پڙهايون به ڪن ٿا جيڪي وڏن شهرن يا اهڙين يونيورسٽين مان پنهنجي پڙهائي هلائي سگهن ٿا جيڪي اوپن يونيورسٽيون هجن ٿيون يا شام جي ٽائيم ۽ موڪل وارن ڏينهن ۾ پڙهائين ٿيون، باقي نه ته تعليم مفت ناهي يا اعليٰ تعليم لاڳيتو پڙهڻ به ناهي.
هاڻي وري پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته اهي گريجوئيشن (14 سال) پڙهڻ کانپوءِ وري ڪجھ سال نوڪري به ڪن ۽ پوءِ ماسٽرس جي ڊگريءَ (16 سال) جي تعليم جي لاءِ اپلاءِ به ڪن، ان طريقي اهي پنهنجي نوڪري به ڪري سگهن ۽ پڙهائي به اڳتي وڌائي سگهن. اها ساڳي ڳالھ PhD وارن سان به آهي ته اهي جيڪي به PhD پرگرامن ۾ Enrolled هوندا آهن اهي ڪٿي نه ڪٿي ڪا نه ڪا نوڪري به ڪندا آهن. هونئن پي ايڇ ڊي ليول تي يونيورسٽين ۾ وڏي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ داخلا ملي سگهندي آهي جنهن ۾ شاگرد وٽ ڇپيل (Research Papers) به هجن، تجربو به هجي ۽ ايم فل جي ليول تائين وري Thesis جو ڪم به ڪيل هجيس. ان ڪري ته پي ايڇ ڊي ۾ لاڳاپيل ڪورسن جي پڙهڻ جي لاءِ سندس وٽ اهي سڀ اڳواٽ گهربل شيون به هجن ته جيئن کين آساني ٿئي. هتان جو يونيورسٽيون جتي ٻيون شيون گهرن ٿيون اتي شاگردن کان NTS نيشنل ٽيسٽنگ سروسز کان GAT ٽيسٽ به گهرن ٿيون نه ته ٻي صورت ۾ انهن کي داخلا نه ملندي يا جي داخلا ملي به اٿن ته اهي ڪورسن جي پڙهڻ کانپوءِ Comprehensive ڏيڻ جهڙا نه هوندا، ان ڪري اهي شاگرد جيڪي ڪورس پنهنجي يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا ته انهن کي GAT ٽيسٽ وري ان NTS کان پاس ڪرڻي پوندي، جيڪا هڪ پرائيويٽ آرگنائيزيشن آهي.
پر ان سموري ڳالھ ۾ NTS جهڙي اداري مان اهي لاڳاپيل GATٽيسٽ پاس ڪرڻ هڪ پلصراط جهڙي آهي، ان ڪري ته اهي ادارا هڪ ته انتها درجي جي تعصب پرستي تي ٻڌل آهن. اها ڳالھ ڏٺي وئي آهي ته جن شاگردن وٽ پنجاب جو ڊوميسائيل هوندو آهي يا جيڪي سواءِ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو ڊوميسائيل رکن ٿا اهي هڪ ئي Attempt ۾ اها NTS واري ٽيسٽ پاس ڪري ٿا وڃن، پر جن وٽ سنڌي علائقن جا ڊوميسائيل هجن ٿا يا جن شاگردن وٽ غلطيءَ سان جي ميٽرڪ ڪنهن ٻهراڙيءَ جي اسڪول جي ٿيل هجي ٿي ته اهي شاگرد PhD جي ڊگري يا ته اڌ ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن يا اهي ان NTS ٽيسٽ جي آسري رهجي ٿا وڃن جيڪا هڪ انتها درجي جي ڳڻتي جهڙي ڳالھ آهي. ان ڪري جتي اسان جهڙن ملڪن ۾ PhD جي ڊگري سست رفتاري جو شڪار آهي اتي ٻيا Process يا HEC جا اصول به سست آهن جن ۾ ٿيسز جو پاس ٿيڻ يا ٻيا لاڳاپيل ڪم به. ان ڪري جو HEC جو ريجنل هجڻ ارڙهين ترميم تحت ضروري آهي جنهن سان اسان جهڙن صوبن کي وڏو فائدو ٿيندو.
يونيورسٽين ۾ هونئنHEC جي پاليسيءَ جي مطابق ڪورس ٻن سالن ۾ پاس ڪرڻو هوندو آهي (جيڪو شاگرد ان مخصوص ٽائيم ۾ پاس ڪري ٿا وڃن)، پر مونجهارو اتي ٿو اچي جڏهن ڳوٽَ NTS وٽ ڦاسي ٿي يا NTS کي اها کڙڪ پئي ته شاگرد جي پي ايڇ ڊي هلي ٿي پئي ۽ سندس ڊگري رڳو NTS تي رکيل يا ڦاٿل آهي ته معنيٰ شاگرد ڦاٿو ۽ سوال ئي پيدا ناهي ته ان شاگرد کي اهي گهربل 60 مارڪون ملن، پوءِ اهي شاگرد نشاني تي هليا ٿا وڃن، جن جا Coursework ۽ سندن Independent-Study به ٿيل هجي يا باقي ڪم رڳو ان NTS تي رڪيل ۽ رنڊيل هجي ته شاگرد پوءِ ڦاسي ٿا پون ۽ اهي پي ايڇ ڊي اڌ ۾ ڇڏي هليا ٿا وڃن يا جيڪو مخصوص ٽائيم ڏنل ۽ گهربل هوندو اٿن ۽ اهو مخصوص ٽائيم گذري ٿو وڃين، پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي شاگرد سواءِ سنڌ صوبي جي ٻين صوبن مان PhDs ڪن ٿا ته اهي انتها درجي جي آساني ۾ آهن، ان ڪري ته انهن جي لاءِ اهڙن ادارن وٽ ڪو تعصب ناهي هوندو، ان ڪري مصيبت اها به آهي ته NTS جي ٽيسٽ رزلٽ کي ڪير Challenge به نٿو ڪري سگهي يا شاگردن کي اها خبر ناهي پوندي ته آخر قصور ۽ غلطي ڪهڙي آهي جو هر دفعي ساڳيون ساڳيون مارڪون ٿيون ملن يا اهڙن ادارن انهن شاگردن جا نالا ياد ڪري ڇڏيا آهن جن کي هر دفعي ساڳيون مارڪون ڏئي کين بيزار ٿا ڪن ته اهي ڪنهن صورت سيٽ خالي ڪري هليا وڃن. حالانڪه ائين به ناهي انهن شاگرن کي ڪا اسڪالرشپ به ملندي هجي يا اهي مفت ۾ پڙهندا هجن، پر سڀ کان وڏي ڳالھ ته انهن شاگردن جو ٽائيم ذيان ٿو ٿئي ۽ انهن جي (Professional Growth) تي اهي ادارا لت رکي ٿا ويهن، جيڪي شاگرد پنهنجي هڙان وڙان لوڪل يونيورسٽين مان PhD جا شوق پورا ٿا ڪن.
هڪ ٻي مصيبت اها به هوندي آهي ته شاگرد انهن ادارن کان آڏي پڇا به نٿي ڪري سگهي ۽ ڪير به انهن ادارن کي اهو نٿو چئي ته اهي شاگردن جي لکين رپيا فيس کائي اوڳرائي به نٿا ڏين ۽ کين رستي ۾ رلائي ٿا ڇڏين. ساڳيو حال IELTS معنيٰ (International English Language Testing Service) جهڙي اداري جو به آهي. انهن وٽ وري (Short Listing) به ٿيل هوندي آهي ته جيڪي وڏن شهرن جي وڏن اسڪولن مان پڙهيل شاگرد اچن ٿا، جيڪي شاگرد مهانگن مهانگن اسڪولن مان ميٽرڪ پاس ڪن ٿا انهن ٻارن جي Rating ۽ Profile وڏو هجي ٿو ۽ اهي شاگرد هڪ ئي ڌڪ ۾ اهي ٽيسٽون پاس ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪري ٿا وڃن (گھڻي ڀاڱي) يا ڪجھ اهڙا شاگرد به آهن جيڪي سرڪاري اسڪالرشپ جي آسري ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهن ٿا، پر اها ڳالھ پوءِ سمجھ کان ٻاهر آهي ته اهي شاگرد ڀلا ڪاڏي وڃن جن جا (Educational Profile) گهٽ هجن ٿا، پر اهي انتهائي هوشيار هجن ٿا، پر اهڙن ادارن وٽ نه ٿي انهن جي ٽيسٽ نبري نٿي انهن جي ڊگري نبري، پر اهي شاگرد IELTS مان 7band کڻي انگريز ملڪن مان اسڪالرشپ وٺي ٿا وڃن، پر اهڙن شاگردن ۾ انهن ادارن جي تعصب پرستيءَ جي ڪري سنڌي شاگردن جو تعداد گهٽ هوندو ان ڪري اهي سڀ ادارا سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن ۾ به هلايا وڃن ته جيئن Frustration ختم ٿئي.
مشرف جي دور ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جهڙن صوبن مان ٻاهرين ملڪن جي لاءِ ايترا ته PhD ويا جو هاڻي انهن ڊاڪٽرن کي هاڻي پنجاب جي يونيورسٽين اندر نوڪريون نه ٿيون ملن ۽ اهي هاڻي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ اهي ڊاڪٽر سدائين انتها درجي جي تعصب پرستي واري لهجي ۾ به هوندا آهن، جيڪي سنڌ جي وڏن شهرن جي يونيورسٽين ۾ هوندي سنڌي شاگردن کي وڏي ڏچي کانپوءِ کڻي چونڊيندا به هجن يا جي کڻي چونڊين ٿا ته اهي شاگرد انهن يونيورسٽين مان PhD جون ڊگريون وٺي ناهن سگهندا يا اتان انهن يونيورسٽين مان Transfer ڪرائي وري ٻين اهڙين يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندا آهن جيڪي ڪنهن حد تائين تعصب پرست ناهن هونديون يا اهڙي ئي مصيبت جي ور چڙهيل ڪجھ سرڪاري ۽ غير يونيورسٽيون به آهن جيڪي نه انهن NTS جي ٽيسٽن کي مڃين نه انهن تي ڀاڙن يا هڪ ٻي حقيقت اها به آهي ته جيڪي به شاگرد اهي ٽيسٽون ڏين ٿا يا پاس ڪن به ٿا ته اهي ٽيسٽون Specified ٽيسٽون ناهن هونديون يا اهي ٽيسٽون لاڳاپيل به ناهن هونديون يا ائين به چئون ته اهي ٽيسٽون PhD جي Discipline سان جڙيل نه ٿيون هجن. ان ڪري ته PhD گهڻي ڀاڱي هڪ Topic هوندي آهي يا سمورو Subject به نٿو چئي سگهجي يا يونيورسٽيءَ جي جيڪا Comprehensive ٽيسٽ هجي ٿي اها به Specified هوندي آهي يا انهن Subjects تي آڌاريل هوندي آهي جيڪي Subject ٻار PhD دوران پڙهندو آهي يا جيڪو شاگرد MPhil به Specified ٿو ڪري ته اها Public ۽ Private يونيورسٽي به انهن شاگردن کان Proposal لکرائيندي آهي ۽ انهن کان لاڳاپيل سبجيڪٽن جي لکت ۾ ٽيسٽ به وٺندي آهي جيئن جيڪو ٻار ڪمپيوٽر سائنس، انوائرونمينٽل سائنس يا جيڪي ايجوڪيشن، فائنانس، هيومن ريسورسز يا ٻين کوڙ سارن Disciplines ۾ PhD ڪن ٿا اهي آساني سان داخلا وٺي سگهن.
اها ٻي ڳالھ آهي ته هتان جي PhD جي Model ۾ ۽ ٻاهرين ملڪن جي PhD جي ماڊل ۾ فرق آهي يا هتان جي PhD جو حصول شاگرد جي مٿان رکيل ناهي، پر انهن ادارن جي مٿان رکيل آهي جتي هو هلي هلي اڙجي ٿو پئي يا ائين به چئون ته ڪجھ پرائيويٽ يونيورسٽيون اهڙيون به آهن جتان PhD ڊگري ڪرائي ٿي وڃي، پر اتان شاگرد ڊگري ڪنهن به صورت وٺي نٿا سگهن، پر اتي هڪ رڪاوٽ انهن سڀني تعصب پرست ادارن جي به آهي جيڪي بدلو شاگردن کان وٺن ٿا، ان ڪري اهي سڀ پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽيون ڀليون آهن جيڪي GAT جي ٽيسٽ ۾ انهن ادارن مٿان نٿيون ڀاڙين، پر اهي ٽيسٽون پاڻ وٺي پنهنجن شاگردن کي مهل جي ڊگري به ڏين ٿيون سي جس لهڻن.
اها به حقيقت آهي ته هتان جي لوڪل PhD ۽ فارين PhD ۾ ڏينهن رات جو فرق به آهي. اهي شاگرد جيڪي انگريز ملڪن مان هڙان وڙان يا سرڪاري اسڪالرشپ تي PhD ڪري ٿا اچن انهن جي ڪوالٽيءَ ۾ به فرق آهي، پر PhD جي عرصي ۾ به فرق آهي، معنيٰ اهي شاگرد ٽن سالن جي اندر PhD ڪري موٽي به اچن ٿا (اڪثر ڪري) ۽ انهن جي اهڙي PhD ماڊل ۾ شاگرد تيار به ٿي ٿو اچي، هتي اها ڳالھ ناهي ته شاگرد لوڪل PhD نه ڪري، پر هتي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي Behavior ۾ ۽ لاڳاپيل عرصي ۾ هڪ واضح فرق به آهي. اها ڳالھ به مڃون ٿا ته پنجاب جا PhD هتي سنڌ جي پبلڪ يا پرائيويٽ يونيورسٽين ۾ نوڪريون ته ڪري سگهن ٿا، پر هتان جا PhD اتي نوڪريون نٿا ڪري سگهن جيڪي مس مس پاس ٿا ٿين يا ڊگريون پوريون ٿا ڪن ۽ جيڪي ان تعصب پرستي يا سست رويءَ جي ڪري لاڳيتو ٿڪجي به پون ٿا. ان ڪري پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين کي اهي سڀ نظام بهتر ڪرڻا پوندا ته جيئن هتان جو لوڪل شاگرد به ان Specified ڊگري تائين پڄي سگهي، پنهنجي (Professional Growth) ڪري سگهي ۽ گڏوگڏ هن ملڪ جي خدمت به ڪري سگهي، ان ڪري ته اهي GAT ٽيسٽ پاڻ وٺن ۽ شاگردن کي ان پريشاني ۽ تعصبانه رويي مان جان ڇڏائين.