بلاگنئون

سنڌ جو سورهيه شھيد دريا خان نظاماڻي

رئيس شھيد دريا خان نظاماڻي ولد رئيس ڪرم خان نظاماڻي ولد رئيس حسن خان نظاماڻي

سورھيه مرين سوڀ کي، دل جا وھم وسار

ھـــــڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪــــــرين، آڏي ڍال مَ ڍار

مـــٿــي تيـــغ تــــرار، مــــار ته مــــتارو ٿئــــين

ڪتاب جنگ نامه ۾ ڊاڪٽر بلوچ  لکي ٿو ته، “ٽالپرن اميرن سنڌ ۾ حڪومت جي نظام کي پختي ڪرڻ بعد ڪابل جي ڪاڻ نٿي ڪڍي، انھيءَ ڪري سن 1249هه ۾ افغانن طرفان سنڌ جي اترين سرحد تي زور پيو ۽ اميرن جي حاڪم نواب عالم خان مري شڪارپور جي بدران اچي سکر ۾ پنھنجو محاذ پختو ڪيو. افغانن جي ھدايت اللہ اچي گوسڙجي ۾ پنھنجو اڏو ڄمايو ۽ وجھ وٺي اڳرائي ڪري، نواب عالم خان مري تي حملو ڪيو ۽ نواب عالم خان شھيد ٿي ويو. نواب عالم خان مري جو پٽ جھان مري ھڪ وڏو بھادر ۽ باھمت جوان ھو، جنھن ھدايت اللہ تي چڙھائي ڪئي ۽ ھدايت اللہ مارجي ويو. انھيءَ تي ڪابل طرفان سمندر خان فوج ساڻ ڪري اچي شڪارپور پھتو. نواب عالم خان مري جي بيگناھ قتل تي سنڌ ۾ ڪافي شورش ٿي ۽ ويتر سمندر خان چڙھي آيو ته سنڌ جي اميرن سندس مقابلي لاءِ فوج تيار ڪئي. مير رستم خان طرفان محبت خان مري، ڌڱاڻو خان مري، جلال خان مري، فضل خان مري ۽ نظاماڻين، جلباڻين، باگراڻين جا دستا روانا ٿيا.

اچي اڄ امير، کرڙي خيمان کوڙيا

ڀيچي ڀيڙا نه ٿيا، مھند نه مير

ڏنو سر سڌير، مرتضيٰ ميدان ۾

شھيد دريا خان نظاماڻي جي باري ۾ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ھن ريت تعارف لکيل آھي:

دريا خان نظاماڻي: کرڙيءَ جي جنگ جي نامور شهيد دريا خان ولد ڪرم خان نظاماڻيءَ جو تعلق موجوده ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ سان هو. سندس وڏا ڪلهوڙن جي دور ۾ سماجي، سياسي، اخلاقي ۽ جاگيرداري حيثيت سان مقبول ۽ مضبوط هئا. کيس مير مراد علي خان مختيارڪار مقرر ڪيو هو. دريا خان نظاماڻي باشعور، باعلم، بهادر، عقلمند ۽ ڪيترين صلاحيتن جو مالڪ هو. فوجي لشڪر جو سپهه سالار هو. هن پنهنجي فوجي لشڪر سان گڏ کرڙيءَ جي جنگ ۾ دليري، بهادري ۽ سچي مجاهد جي حيثيت سان سنڌ ديس جي حدن تي ڪاهي ايندڙ هاڪاري پٺاڻ شاهه شجاع سان کرڙيءَ جي ميدان ۾ وڙهندي، 2 فيبروري 1834ع تي شهيد ٿي ويو. دريا خان نظاماڻيءَ کي ڳوٺ اجن شاهه جي ڏاکڻي طرف سيد حسن عرف ڍير ڌڻيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. هي قبرستان ديهه گھوگھاٽ، تپي ۽ يونين ڪائونسل ڀٽ شاهه ۾ آهي.

ڪتاب ‘تاريخ تازه نواءِ معارڪ’ ۾ منشي عطا محمد شڪارپوري ڄاڻائي ٿو ته: “دريا خان نظاماڻي حيدرآباد ۾ ٽالپر حڪمرانن جو خاص ملازم هو. کرڙيءَ جي جنگ ۾ غلام مرتضيٰ شاهه قهيريءَ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ دريا خان نظاماڻي ميدان ۾ آيو. هن اچڻ سان ئي سمندر خان پٺاڻ جي ڀائٽي کي هڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيو. دريا خان نظاماڻيءَ جي مرڻ کانپوءِ ميرن کي شڪست جو يقين ٿي ويو.

کرڙي کائي رَت، ڀَت نه وجهي وات ۾،

پِڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پَرکي پَتِ،

جَني نيڻ نِست، نينهن نه لائي تَن سين!

ڪتاب (خليفي نبي بخش “قاسم” جي شاعري) ۾ دريا خان نظاماڻي بابت ھن ريت لکي ٿو ته، “دريا خان نظاماڻي سنڌ جي خاطر شھادت ماڻي ۽ سنڌ ڌرتي جي ٿڃ جو ٿورو لاٿو. اھڙن عظيم سپھ سالارن جا لاڀائتا ڪارناما تاريخ جي سنھري لفظن ۾ رقم ٿيل آھن. ھُن ساڻيھ خاطر زندگي قربان ڪري ثابت ڪيو ته سنڌي سورھيه پنھنجي وطن جي حقيقي آزادي خاطر ديس جي دشمن سان جنگ جوٽڻ جي وڏي ھمت رکن ٿا. منجھن سر ڏيئي سوڀ ماڻڻ جو ٻل ۽ جذبو موجود آھي. ھي روات رُڪ وَھندي راند ۾ ھڪڙو قدم پوئتي نه ھٽيو ھيءُ شھسوار غاصبن جي صفن ۾ ڏار وجھي، ترار ھلائيندو وڌندو رھيو. وڏي دليريءَ سان مقابلو ڪيائين. ڪنھن مصحلت کان ڪم وٺندي شجاعي لشڪر ۾ ترار سان لابارو وجھي ڇڏيائين. سندس قيادت ۾ نظاماڻين جي لشڪر جي موجودگي، مھارت ۽ بھادريءَ سان وڙھڻ واري منظر کي آندل فقير ماڇي ھنن سنھري الفاظن ۾ ياد ڪيو آھي ته:

ھيڏھون، مري، نظاماڻي، مورچي ۾ غازي گھوٽ گجن

آرڻ جــــــي اوطاقــــــن ۾ اڳ ۾ ڪاھــــيو ڪـــــونڌ پـــــون.

ھيءُ جوڌو کرڙي جي ميدان ۾ ته مسلسل وڙھندي، آخر پاڻ به ساٿين سميت اربع جي ڏينھن 1834ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ويو. شھادت کانپوءِ کيس تعلقي ھالا، ڳوٺ اجن شاھ جي ڏاکڻي طرف، ھڪ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ھن قبرستان کي سيد حسن عرف ڍير ڌڻي چيو وڃي ٿو. ھي قبرستان ديھ گھوگھاٽ تپو ۽ يونين ڪائونسل ڀٽ شاھ ۾ آھي. سندس قبر جي مٿان تمام پراڻي ڪاشيءَ جي سر لڳل آھي، جنھن تي سندس شھادت ۽ نالي شھادت جي تاريخ 1249ھ بجاءِ غلطيءَ وچان 1259ھ لکيل آھي.

سوڀون سر گُھرن، سري ري سوڀ نه سپجي

سوڀ برابر سِسيون، توريان تان نه تُرن

جي ھنيڙي منجھ ھُرن، سي مل مھانگا سپرين

کرڙي جي جنگ جنھن تي نج سنڌي ڪيڏارو لکيل آھي، جنھن موجد خليفو نبي بخش قاسم آھي، جنھن سنڌين جي ھن عظيم قرباني کي شاعري جو روپ ڏيئي سنڌ جي ھنن بھادرن جا قصا رقم ڪري، ھميشه جي لاءِ امر ڪري ڇڏيو. سنڌ جي لاءِ ھنن سورھين سر ڏنا، شجاع پٺاڻ کي پوئتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو. ھن معرڪي جا ڪي ٻيا مشھور ڪردار جن پنھنجي مٽي کي ملھايو انھن ۾ شھيد عالم خان مري، شھيد شير محمد خان بڙدي، شھيد جھان خان مري، محبت خان مري، شھيد گل حسن خان مري، ڌڱاڻو خان مري، شھيد فضل محمد مري، جلال خان مري، ابراھيم خان مري، ڪرم خان مري، شھيد مزار خان مري، سيد محمد ڪاظم شاھ، سيد مرتضيٰ شاھ، شھيد چاڪر خان جسڪاڻي، شھيد دريا خان جسڪاڻي، ھاشم خاصخيلي ۽ ان کان علاوہ سنڌ جا سورھيه گمنام سپاھي جن ۾ چانڊيا، رند، چانگ ۽ ٻيا به کوڙ شھيد ٿيا.

سيد مرتضيٰ شاھ ۽ مرين جي باري ۾ ھي بيت کرڙي جي ڪيڏاري جا خليفي صاحب چيا آھن، ان کان علاوہ آندل فقير ماڇي به کرڙي جي سورمن کي خوب ساراھيو آھي.

سو مر مرڪي مير، مل جنھين جو مرتضيٰ

دٻائي دشمن کي، ڪنڌ ۾ کوڙي ڪير

ھادي ھمه گير، ھڻي ڪُند ھٿن سان.

۽

مري ذات مُڙي جي، تنھن ڪوءِ ڊڄي ڪئين

ظاھر بت بشر جو، سيني اندر شينھن

تَنِي چاڙھي چينھن، ڪلنگيون جن ڪپار ۾.

شھيد دريا خان نظاماڻي ھڪ بھادر سپاھي سان عقلمند انسان گڏ، راڄن جو راڻو پڻ ھو. جيڪو پنھنجي قوم جي سار سان گڏ پنھنجي علائقي واسين لاءِ ھڪ ڇپر ڇانءَ جيان ھوندو ھو. مٿيان ڪجھ ڪتابن جا حوالا ڏنا آھن، پر رئيس دريا خان نظاماڻي ولد ڪرم خان نظاماڻي جا وڏا اصل ديري غازي خان جا رھاڪو ھئا، ڪرم خان نظاماڻي ولد حسن خان نظاماڻي لطيف سائين جو خاص عقيدمند ھو، انھيءَ ڪري سندس مزار به لطيف سائين جي درگاھ تي موجود آھي، پر ان ھاڻي ڪنھن جي قسم جي شاھدي نه ملي سگھي آھي ته لطيف سائين جي درگاھ تي ڪھڙي ھنڌ مدفون آھن.

سورھيه سياڻو ڪونه ڏٺوسون ڪڏھين

رئيس دريا خان نظاماڻي بابت تمام گھڻيون روايت ملن ٿيون، جن ۾ ھڪ روايت مشھور اٿس ته ھميشه پاڻ سان گڏ ننگي تلوار ھٿ ۾ رکندو ھو، چوندو ھو ته دشمن ۽ موت جو ڪوبه ڀروسو ناھي ڪھڙي اچي ويل وڃن. ھن بھادر بانڪي انسان سردار جون ٻيون روايتون کوڙ مشھور انھن مان ڪجھ پڻ مشھور آھن جن ۾ ھڪ روايت کرڙي جي جنگ جو واقعو آھي ته جنھن مھل جنگ وڙھي رھيو ھو ته ميرن جا سپاھي جنگ ۾ شڪست ڏسي واپس موٽي رھيا ھئا، پر ھي جوان ڪين مڙيو، پنھنجي وطن خاطر سر جو سودو ڪري مالڪ حقيقي وٽ سرخرو ٿيو. کرڙي جي جنگ ۾ جڏھن رئيس دريا خان نطاماڻي وڙھي رھيو ھو ته توبن جو سامھون سر کڻي وڙھي رھيو ھو. وڙھندي وڙھندي وڃي شجاع پٺاڻ جي سپاھ جي اندر انھن جي مورچن ۾ ڪاھي انھن جي سر کي لاباري جيان لڻي ڇڏيائين. رئيس دريا خان نظاماڻي شجاع پٺاڻ جي گھوڙي جي اسطبل تائين پھچي ويو، سمندر پٺاڻ کي ماري مُڃ ڪيائين، ھڪ سندس سپاھ جو ساٿي خاصخيلي قوم جو سندس ڳوٺ جو سورھيه ساڻ ھو، جيڪو ويجھو دوست پڻ ھئس، ھڪ پاسو اھو سنڀالي رھيو، دريا خان نظاماڻي جنگي سپاھين جي ٽن پاسن کي منھن ڏيئي رھيو ھو. اوچتو وڏي ھڪل ڪري خاصخيلي چيو ته رئيس ھاڻي مون کي معاف ڪجو، ھاڻي پاڻ قيامت ۾ ملنداسين، رئيس دريا خان نظاماڻي چيس ته ڇو گھٻرايو اٿئي ته جوابن وراڻيو ته رئيس ھڪ ٽنگ دشمنن ڪٽي ڇڏي آھي، ھاڻي آئون نه وڙھي سگھندس، جواب ۾ رئيس چيس ته ننڍي عمر ۾ پاڻ ٽاپون راند ھڪ ٽنگ سان ڪندا ھئاسون، ھڪ ٽنگ سان جنگ وڙھ گھٻرائي نه، ايتري ۾ شھيد دريا خان نظاماڻي جا ڪپڙا گھوڙن جي لڳل ڪاٺ ۽ ڪلن ۾ وچڙي پيا، رئيس دريا خان نظاماڻي پڻ شھادت جو جام نوش ڪيو، ھي روايتون نظاماڻي قوم جي ماڻھو وٽ سينا به سينا ھلنديون اچن ھي ڳالھ اسان پنھنجي وڏڙن کان ٻُڌي ھئي جيڪا پڻ مشھور ٻين ھنڌن تي به آھي. رئيس دريا خان نظاماڻي پنھنجي مٽي ماءُ سنڌ خاطر وڙھي ھميشه جي لاءِ امر ٿي ويو. سندس شھادت اربع جي ڏينھن 27 شعبان، 1249ھ 2 فيبروري، 1834ع ڌاري ٿي.

سورھيه مرين سوڀ کي، جنگ جامي سين جوڙ

وھم، حيلا، خطرا منجھان من واڍوڙ

آرڻ جا عشق جي، تنھن کان منھن مَ موڙ

ناجي نفس نھوڙ، ته راز پسين ھن رڻ جو.