تيل جي دنيا هميشه کان جيو پوليٽيڪل (Geopolitical) راند جو مرڪز رهي آهي. تيل نه رڳو معيشتن جي شهه رڳ آهي، پر سلطنتن جو زوال ۽ جنگين جو سبب پڻ ٿيندو رھيو آھي. اڄ جڏهن اسين 2025 جي عالمي سياست کي ڏسون ٿا، تڏهن هڪ اهڙي تاريخي “سازش” ياد اچي ٿي جنهن سوويت يونين کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اها تيل جون قيمتون گهٽائڻ واري خفيه حڪمت عملي هئي، جيڪا آمريڪي صدر رونالڊ ريگن سعودي عرب سان گڏجي تيار ڪئي هئي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪو ٻيهر وائٽ هائوس ۾ واپس اچي چڪو آهي، اهو ساڳيو فارمولو روس خلاف ٻيهر استعمال ڪري سگهي ٿو؟ اچو ته تاريخي پسمنظر ۽ موجوده حالتن جو جائزو وٺون ته جيئن سمجهي سگهون ته تيل جي طاقت ڪيئن تاريخ کي ٻيهر ورجائي سگهي ٿي. سوويت يونين، جيڪو اڄ روس ۽ ٻين اڳوڻين سوويت رياستن تي مشتمل آهي، جي معيشت مڪمل طور تي تيل ۽ گئس جي برآمد تي دارومدار رکي ٿي. 1970 ۽ 1980 جي ڏهاڪن جي شروعات ۾ تيل جون قيمتون آسمان کي ڇهڻ لڳيون هيون. 1973 جي عرب- اسرائيل جنگ ۽ 1979 جي ايران انقلاب سبب پيدا ٿيل تيل بحرانن سوويت يونين کي سون جي دور ۾ داخل ڪيو. تيل جي برآمد مان حاصل ٿيندڙ آمدني، ان جي غير ملڪي ڪرنسي جو 50 کان 60 سيڪڙو حصو هو، جيڪو فوجي خرچن، خلائي پروگرامن ۽ درآمد ٿيل خوراڪ لاءِ استعمال ٿيندو هو، پر 1980 جي ڏهاڪي ۾ آمريڪي صدر رونالڊ ريگن (1981-1989) سوويت يونين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هڪ خفيه حڪمت عملي اختيار ڪئي، جنهن جو مقصد تيل جون قيمتون گهٽائي روس کي معاشي ڌڪ هڻڻ هو. ريگن انتظاميه سعودي عرب سان ڳالهيون ڪيون، جيڪو اوپيڪ (OPEC) جو سڀ کان وڏو رڪن هو. 1981 ۾ CIA جي ڊائريڪٽر وليم ڪيسي (William Casey) سعودي عملدارن سان ملاقات ڪئي ۽ سوويت تيل جي پيداوار بابت خفيه رپورٽون شيئر ڪيون. هنن سعودي عرب کي اهو يقين ڏياريو ته جيڪڏهن تيل جون قيمتون گهٽايون ويون ته سوويت معيشت کي وڏو ڌچڪو لڳندو.