شاهه لطيف جي ’رسالي سر ڪاموڏ‘ اندر نوري مھاڻي ۽ ڄام تماچيءَ جو ذڪر ملي ٿو، اھي ڪير ھئا؟ تاريخ انھن لاءِ ڇا ٿي لکي، مختصر نظر ڪجي ٿي. ڄام تماچي سنڌ جو نامور حڪمران، رڪن الدين شاهه جي لقب سان 1368ع ۾، پنهنجي سئوٽ خيرالدين ڄام توڳاچيءَ سان گڏ سنڌ جو حڪمران بڻيو. نُوري اصل ۾ سنڌ جي حاڪم “جسوڌڻ راءُ سمون” جي نياڻي هئي، جنهن جي والده جو نالو “مَرُوبت راڻي” هو. نُوري ڄمڻ مهل ڪوڙھ جي مرض ۾ مبتلا هئي، جنهن کي بادشاھ اُڇلي اچڻ جو حڪم ڏنو. نوريءَ کي اُڇلي اچڻ لاءِ، دائي کڻي جھر جھنگ ڏانهن رواني ٿي ته اڳيان “ڪينجھر” نالي گندرو مهاڻو گڏيس، جنهن اها ڌيءَ اُڇلڻ بجاءِ، پاڻ وٺي وڃي پالي.
شاهه جي رسالي ۾ موجود سُر ڪاموڏ ڪامودا جو بگڙيل روپ آهي، جنهن جو مطلب آهي “ڪام يا پريم وهيڻي”. ڪامودا، ديپڪ جي پنجن زالن مان هڪ آهي ۽ سمپورڻ راڳڻي آهي ۽ ٻنپهرن جو ڳائبي آهي. هن سر ۾ شاهه لطيف ڀٽائي نوري ڄام تماچيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هن سر ۾ وصل جي ميٺاج آهي. لطيف جيڪي به لوڪ داستانن جا سر لکيا آھن، انھن ۾ داستانن جي ڪردارن کي تصوراتي ۽ رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو آھي، پر سر ڪاموڏ لطيف جو اھڙو سر آھي، جنھن ۾ لطيف جديد دور جي ڪنھن حقيقت نگار شاعر وانگر مھاڻن جي زندگيءَ جي ڪوجهائپ ۽ اگرائيءَ کي چٽيو آھي ۽ ھي سر پڙھندي خبر پوي ٿي ته ان دور ۾ مھاڻن جي زندگي ڪيڏي نه مفلسي، ناداري ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ گندگي ۽ بدبوءِ ۾ ٿي بسر ٿي. اھا انسان جي ڪيڏي نه وڏي توھين آھي، جو سندس پاند پاند سان لڳي ته ماڻھوءَ کي ڪرڀ اچي وڃي.
کِکيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ؛
پاندُ جنِين جي پاندَ سِين، لَڳو ٿِئي لَڄَ؛
سَمو ڄامُ سُھَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.
مھاڻن جون کاريون ککيءَ سان واسيل آهن ۽ ڇڄ ڇڇيءَ سان، جن جي پلاند سان پلاند لڳي ته لڄ اچي وڃي. سمو سردار انھن سان بيٺو موج، قرب ۽ ڪرپا ڪري. ڄام تماچي سمو سردار آزاد سنڌو ديش مھان جو حڪمران ھوندي به اھڙي عشق ۾ ڪئين ٿو ڦاسي؟ جو سندس محلات ۾ اعليٰ خاندانن جون خوبصورت زالون، راڻيون، ٻانھيون ھوندي به وڃي ٿو نوري مھاڻي سان وصال جو پيچ پائي نوري جيڪا خود چوي ٿي:
تُون سَمو آءٌ گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ؛
پَسِي لِيَّ لَغارَ، متان مَاڱَرِ مَٽِئِين!
تون سمو سردار آهين ۽ مان گندري ذات جي مھاڻي آهيان ۽ مون ۾ بيحد اوڻايون آهن. تون متان مڇيءَ جي گگ ڏسي، مون ماڱر ذات جي مھاڻيءَ کان منھنڙو مٽائين. اصل ۾ ڄام تماچي پنھنجي حڪمراني ۾ عيش پرست به رھيو، ھو واندڪائيءَ واري وقت ۾ سير سفر شوق شڪار تي نڪري ويندو ھو، جڏھن ھن ھڪ دفعو ڪينجھر تي نوريءَ کي ڏٺو ته مٿس اھڙو فدا ٿيو، جو ھڪ نوري جي ڪري سمورين ميربحرياڻين، ککيءَ ھاڻيون کاريون، ڇڇيءَ ھاڻا ڇڄ، سر ٻانڌيين پيون رھن ۽ وھن، سندن ٻار لڌڙن جيان پيا پاڻيءَ ۾ تڙڳن، ڪاريون، ڪوجھيون، ڪوڙيون ۽ مور نه موچاريون مھاڻيون جن جو پاند به پاند سان لڳي ته ڪَراهَتَ اچي وڃي، انھن سڀني کي پيارو ڪيائين نوري جي ڪري.
ضروري ناھي ائين ھجي جيئن مان سمجھان ٿو، پر ممڪن آھي ته ائين ھجي سالMaharaj (2024) فلم جي مختصر ڪھاڻي جو حوالو پيش ڪجي ٿو، جنھن ۾Jadunath Brijratanji Maharaj هڪ مذھبي پيشوا آھي، مھاراج پنھنجن پوئلڳ عورتن کيCharan Seva (چرڻ سيوا) جي نالي تي جنسي استحصال ڪندو آھي، ان خلافKarsandas Mulji نالي صحافي ۽ سماج سڌارڪ آواز بلند ڪندو آھي، ڪيس ھلي ٿو ۽ ان مان عقيدتي سماج کي وڏو ڌڪ لڳي ٿو ته مذهبي پيشوا جي اوٽ ۾ ڪيئن عورتن جو استحصال ٿيندو رھيو آھي. فلم ۾ اھو به ڏيکاريو ويو آھي ته مھاراج کي سفلس جھڙي وچڙندڙ جنسي بيماري آھي، جيڪا سندس غير اخلاقي روين ۽ جنسي استحصال سان ڳنڍيل ڏيکاري وئي آھي. ھن فلم جي ڪھاڻي 1862ع جي Maharaj Libel Case تي ٻڌل آھي. جڏھن ان مذھبي پيشوا خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ٿئي ٿو ته سماج وڏي واويلا ڪري ٿو ته ھي مذھب جي توھين آھي، پر فلم جو مرڪزي خيال آھي ته مذھبي لباس ۾ جيڪڏھن ڪو شخص برو عمل ڪري ٿو ته مذھب خراب نه ٿيو، بلڪه اھو ماڻھو خراب ٿيو. ان ڪيس کانپوءِ ماڻھن بادشاھن جي محلن جا رخ ڪيا ته اتي ڪھڙا جنسي ۽ نفسياتي مريض آھن.
ان خيال جي نمائندگي ڪندي مون کي نفسياتي طور ائين لڳي ٿو ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي به هڪ ماھر نفسيات ھو، ڇو ته نفسياتي اصلاح ۽ علم موجب سالوفيليا Salophilia اھڙو نفسياتي مرض آھي، جنھن ۾ مريض جسم جي پگهر ڏانهن چاهي اهو بدبودار ئي هجي جنسي ڪشش محسوس ڪندو آهي. يعني اھڙو سيڪس جنھن ۾ گندگي ھجي، ڌپ ھجي، عام طور تي اوھان پورن مويز ۾ اھڙو سيڪس ڏٺو ھوندو جنھن ۾ ڪريم، تيل يا بدبودار چاڪليٽ ٿڦي ھڪٻئي جي غلاضت کانپوءِ وڃي جنسي تسڪين جو سرور ملندو آھي. ان جو ھڪ مثال سعادت حسن منٽو جي ڪھاڻي “بوءِ” به آھي، جنھن ۾ مکيه ڪردار رنڌير دنيا جي مختلف عورتن سان سيڪس ڪري ٿو، پر ھن کي پگھر جي ڌپ مان ڪراھت محسوس ٿيندي آھي، ھڪ ڏينھن ھو برسات ۾ ڀنل مزدور عورت سان سيڪس ڪري ٿو، جيڪا ڪيترن ڏينھن کان وھنتل ناھي ھوندي ان ۾ عجيب قسم جي بدبوءِ ھوندي آھي، جيڪا رنڌير کي مست ڪري ڇڏي ٿي ۽ ھو ان گندگي ۽ بدبودار سيڪس جو ديوانو ٿي وڃي ٿو ۽ عطر مشڪ عنبير لڳل عورتن بجاءِ ھاڻي ھو اھڙيون گدليون عورتون ڳولھي جنسي تسڪين جو پورائو ڪري ٿو، جنھن ۾ ڌپ ھجي جنھن جا بغل پگھر ۾ پسيل ھجن.
ساڳئي ريت مان سمجھان ٿو شاھ صاحب صديون اڳ هڪ اھڙي نفسياتي بيماريءَ جو ذڪر سردار ڄام تماچي ۽ نوري مھاڻي جي ڪردار ۾ واضح ڪري ويو آهي، جنھن بيماريءَ کي ھاڻي وڃي نفسيات جي ماھر دريافت ڪيو آھي، سھڻيون سوڍيون ڇڏي پٽ پوشاڪ پھريل زالون ڇڏي، مشڪ جيان محلات جون مھڪندڙ ٻانھيون ڇڏي، سمون وڃي ٿو مھاڻي سان شادي، جنسي ميلاپ جو پورائو ڪري، نه رڳو سمون صاحب نوري مان اھو سرور حاصل ڪري ٿو، پر اھڙي لذت جي ساڳئي حاصلات ۾ ھو سڀني ميربحرياڻين جو مريد ۽ مھربان بڻجي وڃي ٿو. ھتي شاھ صاحب نج نفسياتي ماھر ھجڻ جو چٽو ثبوت ڏنو آھي. جنھن ۾ واضح طور ڄام صاحب سالوفيليا جو مريض نظر اچي ٿو. جنھن جو مثال ھي بيت به آھي:
ڪارِيُون، ڪوجهِيون، ڪُوڙِيُون، مُورِ نه موچارِيُون؛
وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکيءَ جُون کارِيُون؛
اُنِين جُون آرِيُون، سمي ريءَ ڪيرُ سھي!
مھاڻيون رنگ جون ڪاريون، شڪل ۾ بدزيبيون ۽ ھرگز ڀوريون ۽ وڻندڙ ناهن. ھو واٽ تي مڇيءَ سان ڀريل کاريون رکيو، وڪري لاءِ ويٺيون آهن. اُنھن جا ماڻا، سمي سردار ڄام تماچيءَ کانسواءِ ٻيو ڪير برداشت ڪندو؟ ھتي سمون سردار ھڙني ڪوجھين ڪارين تي ايترو مست ۽ محو آھي، جو ھو ھاڻي ماڻا ڪري چون ٿيون ته ھاڻي تون برداشت نه ڪندي ته ڇا ڪو ٻيو ڪندو، ڄام تماچي نوري جي وصال ھتي وصال مان مراد آھي پريمين جو ميلاپ ۾ ويڙھجي وڃڻ کانپوءِ ھر ڪنھن مھاڻي جو تدارڪ ڪرڻ لڳو ۽ ايتري قدر جو ھو محل اندر به پنھنجو راڄ ڪرڻ لڳيون، سميون سومريون محل جون پھرين زالون جن جي ھاڻي مغروري ٽٽي پئي، ھڪ زال لاءِ اھو سور تمام خراب آھي، جو جيئري ئي مڙس ٻي شادي ڪري. ان مرد جو ايذاءُ، جنھن کان ساري دولت ڦرجي وڃي يا جنھن جو جوان پٽ قتل ٿيو ھجي، ان زال جو ايذاءُ، جنھن جو مڙس مري ويو ھجي يا ان ماڻھوءَ جو ايذاءُ، جيڪو پنھنجي پٺيءَ تي چيتي جا ساهه محسوس ڪندو ھجي، انھن سڀني ايذائن کان ان عورت جو ايذاءُ وڌيڪ آھي، جنھن جو مڙس ٻي شادي ڪرڻ وارو ھجي، پر ھتي ته ڄام صاحب نوري سان شادي ڪري ڇڏي ۽ ٻين مهاڻين مٿان سر فدا لڳو ٿو وتي، ڄام صاحب پنھنجين پھرين گهروارين کي، اھو سور ڏنو پنھنجي نفسياتي خواھش خاطر:
کوءِ سَمِيُون! ٻَنِ سُومِريُون! جي اَچَنِ اُوچي ڳاٽِ؛
وَرُ سي ڪِنجهُرَ ڄائِيُون، جِن تَماچِيءَ جِي تاتِ؛
راڻِيُن مُلان راتِ، ماڻِڪُ مي پِرائِيو.
اُهي سميون ۽ سومريون ٻن پون، جي مغروريءَ سان پيش اچن. اُهي ڪينجهر ڄائيون ڪينجهر جي مھاڻن جون نياڻيون مبارڪ آهن، جن کي ڄام تماچيءَ جي تات ھجي. سڀني راڻين وچان، مھاڻيءَ ئي رات بي بھا موتي يعني ڄام تماچي ھٿ ڪيو. ھتي ٻيو سوال اٿي ٿو، ڀلا ڄام تماچي جون پھريون زالون اھو سور برداشت ڪري ويون، ھاڻي نوري لاءِ ڇا عذاب ھوندو؟ جو ھو پنھنجي مڙس کي پنھنجي ويڙھي جي مڇي کپائيندڙ عورتن سان ناز نخرا ۽ ٽاڻا ماڻا ڪندي ڏسندي ھجي، پر ھتي نوري جو دماغ وڏو تيز ٿو ڏسجي، ھوءَ ھڪ منصوبي تحت ڪم پئي ڪري عام طور چيو ويندو آھي، عورت جي جنسي خواھشن لاءِ سمجھيو وڃي ٿو ته ھن جا جنسي جذبا مرد جي جنسي جذبن کان وڌيڪ شديد آھن. جنسي طرح ھوءَ ڪڏھن به نٿي ڍاپي ۽ پنھنجي چڱي ڀلي مڙس کي ڇڏي ڪنھن لولي لنگڙي سان به جنسي تعلق پيدا ڪري سگھي ٿي. (جڏھن ھن جو مڙس مان جنسي پورائو نٿو ٿئي ته) جيئن لطيف جي سر سھڻي ۾ بيان ٿيل آھي، سھڻي جي پنھنجي مڙس ڏم مان جنسي خواھش پوري نه پئي ٿي تڏھن ھو دريا ٽپي ميھار سان ملڻ ويندي ھئي (اھو تفصيل سان اڳتي پڙھنداسين) ڪيتريون ڪھاڻيون گھڙيل آھن. باهه لاءِ ڪيتريون به ٿلھيون ڪاٺيون، سمنڊ لاءِ ڪيترا به درياھه، موت لاءِ ڪيترا به روح ۽ سھڻين اکين واري عورت لاءِ ڪيترا به مرد گھٽ آھن. ائين بلڪل ناھي مان ان خيال جو حامي ناھيان، عورت لاءِ ائين به چيو ويو آھي ته مرد ڪم ڪار سانگي گھڻو وقت گھر کان ٻاھر رھندو ھو ۽ گھر کان ٻاھر ھن کي پنھنجي دل وندرائڻ جا ٻيا ڪيترا موقعا ھئا، پر عورت کي گھر ۾ ڪا وندر ڪا نه ھئي. ھن جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي وندر سندس مڙس جي محبت ھئي، ان ڪري ھوءَ ڪوشش ڪندي ھئي ته ھن جو مڙس گھڻي کان گھڻو وقت ھن سان گذاري. ھو ڪنھن ڪم ڪار سانگي ڳوٺ کان ٻاھر ويندو ھو ته ھوءَ اڪيلي ٿي پوندي ھئي، ھن جي موٽڻ لاءِ باسون باسيندي ۽ ڪانگ اڏائيندي ھئي (جيئن شاھ صاحب سر سامونڊيءَ ۾ وڻجارن جي ونينن جي ڪيفيت بيان ڪئي آھي اھو ذڪر اڳتي پڙھنداسين) اھڙي سماج ۾ ھن جي غير مشروط ۽ غلاماڻي وفاداري ۽ اھڙي صورتحال ۾ عورت جي مڙس لاءِ تانگھه کي ڏسي صوفي ۽ ويدانتي شاعرن عورت جي پيار کي بندي جي خدا سان پيار جي علامت بڻايو ۽ ائين ھندي توڙي سنڌي شاعريءَ ۾ عورت کي عاشق ڪري پيش ڪرڻ جي روايت پئي.
عيسائي اوليائنTeresa of Avila ياJohn of the Cross مطابق خدا ۽ بندي جي محبت واري تعلق کي عورت ۽ مرد جي شاديءَ جي تمثيل ۾ پيش ڪيو آھي. عورت پنھنجين سمورين جسماني خواھشن ۽ تن جي تاس سان پرين لاءِ تڙپي ٿي ۽ اھا تڙپ تمثيلي طور انساني روح جي ڪائناتي روحUniversal Soul سان ملڻ جي بيتابي آھي. ھندومت ۾ راڌا ۽ گوپين جو ڪرشن سان عشق به اندروني طرح بندي جو خدا سان عشق آھي. ڪرشن جوڻ (هندن جي عقيدي موجب ڪنهن ساهواري جي وفات بعد ان جي روح جو ٻئي جسم ۾ اچي جنم وٺڻ، تَناسُخ ، آواگون. جوڻِي، قالب، چولو) مٽائي انساني روپ ۾ آيل ڀڳوان آھي ۽ راڌا ڪفارو، طمانيت ۽ انساني روح آھي.
عورت جي محبت بيشڪ جو مرد جي محبت کان وڌيڪ شديد ۽ تمام گھڻي گھري آھي، ھن جي وفاداري به غير مشروط ۽ مثالي ھئي، پر فطري طرح عورت ڪمزور، ارادي جي ڪچي، ڦرڻي گھرڻي طبيعتن ھرکي پوڻ واري مخلوق ھئي. ان ڪري ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنھنجي پرينءَ سان پيار جي معاملي ۾ ھن کان ڪي ڪوتاھيون ٿي وينديون ھيون. سسيءَ کان اھا ڪوتاھي ٿي جو ھوءَ سڪ ھوندي به سمھي پئي. مومل سومل کي مرداڻو ويس پارائي ساڻس ستي جنھن جي ڪري راڻي جي دل ۾ غلط فھمي پيدا ٿي ۽ ھو کانئس رسي ويو. ليلا ھار تي ھرکي ھاريو، ڀايائين ته ھار پائڻ سان وڌيڪ سھڻي لڳندس ۽ چنيسر کي وڌيڪ وڻندس، پر چنيسر کانئس رسي ويو. ائين بندو به محبت جي راهه ۾ ڪيتريون ڪوتاھيون ڪري ٿو، جنھن جي ڪري سندس راڻو کانئس رسي ٿو وڃي. ان ڪري صوفيءَ کي سدائين ان ڳالھه جو انديشو ھوندو آھي ته ڪٿي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ يا ڄاڻي واڻي ھن کان ڪوتاھيون نه ٿيون ھجن. ڇاڪاڻ ته ھو فطريءَ طرح ڪمزور، گنھگار ۽ عيبدار آھي. اھڙي احساس جي ڪري صوفيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ پاڻ کي ميري مندي، ڪين جھڙي ڪميڻي، ڪوجھي، ڪوڙي، ھوجا پائن پير ۾ تنھن نه جتين جيھي ڪري پيش ڪيو آھي، جيڪا ڳچيءَ ۾ ڳارو وجھي، سراپا التجا بڻجي، پرينءَ آڏو بيٺي آھي ته منھنجا عيب نه کول، پر ھتي جيئن ته پاڻ مٿي بيان ڪري آياسين ته نوري وڏي شاطر دماغ ھئي پھريان ھن ڄام صاحب کي وڏا ٻول ڏنا ھن وٽ ھڪ باقائده منصوبو ھو ته ھن پنھنجي ڏاھپ ۽ دانشمنديءَ سان چيو مان مھاڻيءَ نوري جنھن جي اندر ۾ نه ھٺ آھي، نه وڏائي. ھن اکڙين سان اھڙو ماڻو ڪري، راجا کي ريجهايو. مڙني راڻين وچان، ھن ئي سمي سردار کي چترائيءَ سان موھي وڌو. ان صورتحال ۾ ھو ٻين راڻين کان اڳ پوڻ ۽ ڄام وٽ پاڻ اگھائڻ لاءِ نوڙت ۽ نياز منديءَ جي حرفت ٿي ھلائي ۽ نيڻن سان ناز ڪري ڄام کي ھرکائي ٿي وجهي.
مُھاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نه گِيرَبُ نه گاءُ؛
نيڻَنِ سِين نازُ ڪَري، رِيجهايائِين راءُ؛
سَمو سَڀِنِ مُلاءُ، ھيرِيائِين حِرفَتَ سين.
دنيا جي تاريخ کي چتائي ڏسنداسين ته اھڙيون عورتون کوڙ نظر اينديون ڪئٿرين دي ميڊيچيCatherine de Medici فرانس جي تاريخ ۾ سازشن ۽ حڪمت عمليءَ لاءِ مشهور هئي. جڏهن سندس مڙس بادشاهه هو ته هوءَ سياسي فيصلن ۾ پٺيان ويهي وڏو ڪردار ادا ڪندي هئي. مڙس جي موت بعد پنهنجي پٽن جي حڪمرانيءَ دوران درٻار تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪيائين. هوءَ شاديون ڪرائي سياسي اتحاد ٺاهڻ ۾ ماهر هئي. سندس عقل ۽ حڪمت سبب هوءَ فرانس جي“Hidden Ruler” طور سڃاتي وئي، ڪئٿرين فرانس جي تاريخ ۾ سازشن ۽ حڪمت عمليءَ جي علامت هئي. هوءَ شاديون ڪرائي سياسي اتحاد ٺاهڻ ۾ ماهر هئي يا پاڻ پنھنجي حسن جي ڄار ۾ ٻيا مرد ڦاسايائين ۽ اقتدار تائين پھتي مڙس جي موت کانپوءِ پنهنجي پٽن جي حڪومت ۾ اصل حڪمران هوءَ ئي هئي. مذهبي جنگين ۾ حڪمت عمليءَ سان فرانس کي بچائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ڪئٿرين کي ڪيترائي مورخ “Hidden Queen” چون ٿا، ڇاڪاڻ ته هوءَ پس پرده سڀ ڪجهه ڪنٽرول ڪندي هئي. ان جو مشھور واقعو پاسي واري سلطنت تي پنھنجو قبضو ڄمائڻ لاءِ اتي پنھنجيون ٻانھيون موڪليائين ۽ ٻانھين ان سلطنت جي نوڪرن سان شاديون ڪيون، جنھن ۾ ڪئٿرين جو وڏو ڪردار ھو ۽ پوءِ ان سلطنت جا سڀ راز ملڻ لڳا ۽ پوءِ وقت ڏسي حملو ڪرائي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
ياWu Zetian وو زٽيان چين جي تاريخ ۾ اڪيلي عورت هئي، جنهن شهنشاهت جو لقب اختيار ڪيو. شروعات ۾ هوءَ بادشاهه جي حرم ۾ هئي، پر پنهنجي عقل، حڪمت عملي ۽ سياسي تدبر سان آهستي آهستي طاقت هٿ ڪرڻ لڳي. مخالفن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جاسوسي نيٽورڪ ٺاهيو. ان جاسوسي نيٽورڪ ۾ ھن گھڻي قدر عورتن جو استعمال ڪيو، ايتري قدر جو حڪومتي نظام جي بھتري لاءِ گوڙ ڪندڙ مردن ۽ چوٽي جي مخالفن کي پنھنجي حسن سان ھرکائي سھڪائي ساڻو ڪري تمام آڏو ايندڙ رڪاوٽون ٽوڙي رياستي سڌارا قائم ڪيا، زراعت ۽ تعليم کي هٿي ڏني. وو زٽيان ڏيکاريو ته عورت به مردن وانگر وڏي سلطنت کي هلائي سگهي ٿي. ان جو ھي قول تمام مشھور آھي ته عورت جو حسن ھن لاءِ تمام وڏو ھٿيار آھي، اھڙي ريت مصر جي راڻي ڪلئوپيٽرا Cleopatra رڳو خوبصورتيءَ لاءِ مشهور نه هئي، بلڪه عقل، حڪمت ۽ سياسي تدبر لاءِ سڄي دنيا ۾ ڄاتي وڃي ٿي. جڏهن روم دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي رهيو هو، ڪلئوپيٽرا پنهنجي سلطنت کي بچائڻ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن پنھنجي جنسي جماليات سان رقص ڪري جوليس سيزر جھڙي ڪنڌار مڙس کي ڪيرائي ۽ ھارائي ڇڏيو، پوءِ مارڪ اينٿني سان به اھڙو ئي ورتاءُ ڪري سياسي اتحاد جو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. ھوءَ پنهنجي ڳالهائڻ جي هنر، سفارتي صلاحيت ۽ سياسي شعور کان ويندي مرد جي ڪمزوري عورت جي حسن ذريعي روم جي حڪمرانن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو. ڪلئوپيٽرا عورت هجڻ باوجود ان دور ۾ “عقل جي طاقت” سان مرد حڪمرانن جي برابري ڪئي. ساڳي طرح مھاڻي نوري به پنھنجي جنسي جوھرن ۾ سمي سردار کي قيد ڪري ٻين مھاڻين کي به استعمال ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ان پويان نوري جو وڏو پلان منصوبو ھو جيڪو ھتي نوري گُھر يا ڊمانڊ ڪري ٿي سمي صاحب کان:
تُون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي، آءٌ گَندِري غَرِيبِ؛
تو سين ڄامَ! قرِيبِ، ڪِي ڏَنُ ڇَڏائي ڏيجِ مُون.
تون تماچي حاڪم آهين ۽ بند جو والي آهين ۽ مان گندري ذات جي مسڪين مھاڻي آهيان. اي ڄام! مان تنھنجي سڱائتي آهيان، جنھن ڪري تون منھنجن مائٽن کي سموري محصول کان معافي ڏيئي ڇڏ. ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن ائين ئي ٿيو مھاڻا تماچي ڄام جا راز محرم ٿيا. ننڍي وڏي مھاڻيءَ جي محل ماڙيءَ ڏانھن اچ وڃ پئي پوي. ڪينجهر ڍنڍ ھجي توڙي روم ولايت يعني ڏورانھان ڏيھ اُتي جا مڙيئي مھاڻا، ڄام تماچيءَ جي انعامن سان نوازجي ويا.
ٿِيا تَماچِيءَ ڄامَ سين، مُھاڻا مَحرُومَ؛
نَنڍِيءَ وَڏِيءَ گَندِريءَ، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ؛
جي ڪِنجهُرَ، جي رُومَ، سي سَڀِ اِنعامِي ٿِيا.
ھاڻي نوري پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب وئي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ بااثر عورتن جيان ھتي نوري جو ڪردار به نمايان آھي، جيئن Queen of Sheba ملڪه سبا قديم عرب ۽ آفريڪا جي وڏي سلطنت جي حڪمران هئي. قرآن ۽ بائيبل ٻنهي ۾ سندس الڳ الڳ نالن سان ذڪر موجود آهي. جڏهن هن حضرت سليمان (ع) سان ملاقات ڪئي، تڏهن پنهنجي سوالن، حڪمت عملي ۽ سياسي شعور سان سندس عقل جو مظاهرو ڪيو. هوءَ رڳو حڪمران نه هئي، پر هڪ تجربيڪار واپاري به هئي، جنهن عرب ۽ آفريقا جي واپار کي عالمي سطح تائين وڌايو ۽ پنھنجي رعيت کي خوش ڪرڻ لاءِ ھر قسم جا ھربا ھلائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي يا Maria Theresa ماريا ٿيريسا 40 سالن تائين آسٽريا تي حڪمراني ڪئي. جنگين ۾ حڪمت عملي سان پنهنجو ملڪ بچايو. تعليم ۽ اقتصاديات ۾ وڏا سڌارا آندا. يورپ جي سياست ۾ پنهنجو اثر وڌايو. ماريا ٿيريسا جي عقل ۽ حڪمت عملي آسٽريا کي يورپ ۾ اهم سلطنت بڻايو. ھن سياسي حڪومت جي حاصلات لاءِ ٽن جاين تي پنھنجي حسن جو ھٿيار استعمال ڪيو، مسٽر جيٽسن لکي ٿو ته ماريا ٿيريسا گوريزيا ۽ گريڊيسڪا جي بااثر پوڙھي مرد نامي جوزف مارڊ سان ان ڪري شادي ڪئي جيئن ان جي مرڻ کانپوءِ اھو اقتدار به قبضي ھيٺ ڪجي ۽ ائين ڪيائين مقصدن جي حاصلات لاءِ ماريا ٿيريسا لاءِ شاديون مسئلو ئي نه ھيون ٽي جائز شاديون ۽ ڪيتريون ئي مدعي شاديون ڪري 16 ٻار ڄڻيائين.
ائين ھڪ ٻيو ڪردار ان عورت جو آھي جيڪا ٻانھي مان ملڪه بڻي. سُبيحه Subh of Cordoba اصل ۾ اندلس جي خلافت ۾ درٻاري هئي، پر پنهنجي عقل ۽ حڪمت عمليءَ سان درٻار ۾ تمام وڏو اثر پيدا ڪيو. خليفي جي اعتماد سبب هوءَ حڪومت جا اهم فيصلا ڪرائيندي هئي. درٻاري سازشن ۾ سندس حڪمت سبب ڪيترائي مخالف ڪمزور ٿيا. هوءَ اصل ۾ “hidden queen” هئي جيڪا پس پرده حڪومت کي هلائي رهي هئي. ھتي ساڳئي طرح نوري به پنھنجي اصل انجام تي پھچي ٿي:
نه وَڍي، نه وِڪِڻي، نه ماري نه ڌاري؛
کارو وِڌائِين کُوھَ ۾، نِرِتُون نِھاري؛
سائِي پَرِ پاري، جا گَهرِ سَمي جي سَپَڄي.
نوري ھاڻ نه مڇي ٿي وڍي، نه وڪڻي ٿي، نه پاڻ وٽ رکي ٿي. ھن مڇيءَ جو ٽڪرو، ڄاڻي ٻجهي ۽ ڏسي وائسي، کوھ ۾ کڻي اڇلايو. مڇيءَ سان وھنوار نٿي رکي. ھوءَ اُهائي ھلت چلت ٿي ھلي. جا سمي حاڪم جي محل ۾ ٿي ورتجي. انساني تاريخ ۾ عورتون صرف خوبصورتي يا طاقت جي ڪري نه، پر عقل، حڪمت ۽ حڪمت عملين جي ڪري به ياد رکيون ويون آهن. ڪڏهن انهن پنهنجي ملڪ کي بچائڻ لاءِ سياسي اتحاد ٺاهيا، ڪڏهن علم ۽ ادب ذريعي اثر وڌو، ۽ ڪڏهن جنگي حڪمت عمليءَ سان مخالفن کي شڪست ڏني. ڪڏھن انھن عورتن پنھنجي حسن جي ڄار ۾ اھڙا جنگجو ۽ سلطنتن جا حڪمران ڦاسائي اقتدار حاصل ڪيو، اهي سڀ عورتون اسان کي سيکارين ٿيون ته عقل ۽ حڪمت ڪنهن جنس سان لاڳاپيل نه آهي، پر اها انساني صفت آهي، جيڪا مرد ۽ عورت ٻنهي کي تاريخ ۾ امر بڻائي سگهي ٿي. ھتي نوري ڄام تماچيءَ جو قصو ان پسمنظر ۾ بيان ڪيو ويو آھي ته ڄام سمون سردار نفسياتي طور جنسي مريض ھو ۽ نوري وڏي حَرِيفُ عورت ھئي جنھن ڄام سمي سردار سان پيار جو پيچ پائي شادي ڪري، ٻين مھاڻين کي سمي جي سک جا سبق ڏئي سڄي منڇر محل ملاحن جي ميراث بڻائي ۽ ڄام صاحب کي سخي ۽ نيازمند راجا طور مشھور ڪري ڌم ڏنائين، شاهه صاحب پنھنجي سرن ۾ سياسي حڪمت عمليون به سيکاري ٿو.
حوالا:
(1) ڪتاب: شاھ جو رسالو ڪلياڻ آڏواڻي.
(2) ڪتاب: لات جا لطيف جي آغا سليم سنڌي ادبي بورڊ پاران 2007ع ۾ ڇپايو.
Goldsmith 1936, p. 17. Morris 1937, p. 21. Ingrao 2000, p. 129. Crankshaw 1970, p. 24.
“Pragmatic Sanction of Emperor Charles VI”. Encyclopædia Britannica. Retrieved 29 November 2018. Ingrao 2000, p. 128.
Mernissi, Fatima (1997). The Forgotten Queens of Islam. Minnesota Press. p. 44.
Echoes of a Legendary Queen”. Harvard Divinity Bulletin. Retrieved 2022-06-29
She was also a diplomat, naval commander, linguist, and medical author; see Roller (2010, p. 1) and Bradford (2000, p. 13).
Lindberg, Carter (15 March 2021). The European Reformations (Third ed.). Wiley-Blackwell. p. 229
Lesser Feasts and Fasts 2018. Church Publishing, Inc. 17 December 2019
Pope Paul VI 1970a
Griffiths, M. D. (2019-05-27). “Salirophilia and other co-occurring paraphilias in a middle-aged male: a case study”. Journal of Concurrent Disorders. 2 (1): 1-8.