ادبڪهاڻيوننئون روسي ڪهاڻي: آخري جُملو May 13, 2024 Zahida Abro تحرير: ڪونسٽنٽائن موڪووسڪي بس جي اَڏي تي هڪڙو پوڙهو ماڻهو ۽ هڪڙي پيٽ واري عورت گاڏيءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. پوڙهو ماڻهو سُونجهه واري نموني سان عورت جي پيٽ کي ڏسي رهيو هو. پوڙهي پُڇيو: تون ڪائين مهيني سان آهين؟ عورت پريشان ٿي وئي. هُن جي اُداس چھري مان پريشاني صاف ظاهر هئي. پهرين ته هُن پوڙهي ماڻهوءَ جي سوال تي ڪو ڌيان نه ڏنو. پر پوءِ ڪجهه ئي پَلن ۾ هُن جواب ڏنو: مان ٽيويهين هفتي ۾ آهيان. پوڙهي وري پُڇيو: ڇا هي توکي پهريون پيٽ آهي؟ عورت جواب ڏنو: ها. پوڙهي ماڻهوءَ چيو، پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. فڪر نه ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. عورت پريشاني جي حالت ۾ پنهنجي پيٽ تي هٿ رکيو ۽ پنهنجا ڳوڙها روڪي پوڙهي ڏانهن نهاريو. پوڙهي چيو: ايئن ٿيندو آهي ته انسان جي پريشانيءَ جو احساس ڪئي ڀيرا اهڙين شين ڏانهن وڌي ويندو آهي جن لاءِ ايترو سوچڻ جي ضرورت ئي ناهي هوندي. پيٽ واري عورت ڏُکاري ٿيندي جواب ڏنو: ”شايد“ پوڙهو وڌيڪ سُونجهه ۾ پئجي ويو. لڳي ٿو ته تون ڏاڍي ڏُکئي وقت مان گُذري رهي آهين. تنهنجو مُڙس توسان گڏ ڇو ناهي؟ هُن جواب ڏنو: منهنجي مُڙس مون کي چار مهينا اڳ ڇڏي ڏنو آهي. پوڙهي ماڻهوءَ پُڇيو: تنهنجا گهر وارا يا ٻيا ڪي مائٽ توسان گڏ ناهن ڇا؟ عورت وڏو ساھ کنيو ۽ چيو: مان صرف پنهنجي بيمار پيءُ سان گڏ رهندي آهيان. پوڙهي چيو: مون کي لڳي ٿو ته تولاءِ اهو تمام گهڻو سگهارو سهارو آهي. هُن جي اکين مان لُڙڪَ لَڙي پيا ۽ هُن چيو: ها. اُهو تڏهن، جڏهن هُو اُن حالت ۾ هُجي ها. پوڙهي پُڇيو: هُن کي ڪا بيماري آهي ڇا؟ عورت جواب ڏنو: هُن کي اِهو ياد نٿو رهي ته مان ڪير آهيان. هُن پنهنجو اُهو آخري جُملو گاڏيءَ جي اچڻ کان ڪجهه ئي پلن کانپوءِ چيو. جيڪا گاڏي کين کڻي وڃڻ واري هئي. هوءَ اُٿي ۽ چوڻ لڳي: اسان جي گاڏي اچي وئي آهي. هُن پُٺتي مُڙي پوڙهي کي هٿ مان وٺندي چيو: بابا! اُٿ ته هَلون! *** Post Views: 303