خاص

جي ايس ڪي دوا ساز ڪمپني جون ڳڻتيون اڃان وڌي ويون

دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جي ايس ڪي پاڪستان پيناڊول جون ٽڪيون ۽ ٻارن جي لاءِ سيرپ ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيو. جي ايس ڪي پاڪستان جي جنرل مئنيجر فرحان هارون وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توقير شاهه کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پيناڊول ٽڪين، پيناڊول ايڪسٽرا ۽ ٻارن جي لاءِ سيرپ ٺاهڻ بند ڪري رهيا آهيون. خط ۾ چيو ويو آهي ته هاڻوڪي اگهن تي پيناڊول جي پيداوار ممڪن ئي ناهي رهي، پاڪستان جي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پيناڊول جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي، ميڊيا رپورٽن موجب وفاقي ڪابينا اهڙي واڌ کي رد ڪري ڇڏيو. جي ايس ڪي پاڪستان جي جنرل مئنيجر خط ۾ لکيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان نقصان برداشت ڪري پيناڊول جي پيداوار ڪري رهيا آهيون. حڪومت ڊريپ جا منظور ڪيل اگهه منظور ڪري ته دوائون ٻيهر ٺاهڻ شروع ڪنداسين.