بلاگنئون

اسڪولي تعليم جا خدوخال

اڄ جي عصرِ حاضر ۾ جڏهن تعليمي ادارن جي هر در ۽ هر ديوار تي تعليم، ترقي، تربيت جا نعرا لکيل ملن ٿا، تڏهن به حقيقت جي رُخ تي ڏسنداسين ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو وڌيڪ ڌيان نوڪري، روزگار، رقابت ۽ رٽاءَ پيدا ڪرڻ تي آهي، نه ته انسان، اخلاق، احساس ۽ انسانيت جي پوک پوکڻ تي.

اسان چئون ته هي تعليم جسماني جدوجهد ته سيکاري ٿي، پر روحاني جستجو نٿي سيکاري، هي تعليم معاش جو رستو ته ڏيکاري ٿي، پر معراج جو راز نٿي کولي، هي تعليم ڪمائڻ جو ڪمال ته سيکاري ٿي، پر ڪاميابي جو ڪردار نٿي سيکاري.

تعليمي ادارن ۾ ملندڙ تعليم يقينن ڊگريون ڏئي ٿي، پر ڏانءُ نک ٿي ڏئي. نوڪري ڏياري ٿي، پر نيڪي نٿي سيکاري. ڪاغذي ڪاميابيون لکرائي ٿي، پر ڪردار جي ڪشتين کي تيار نٿي ڪري. نتيجي ۾ سماج ۾ اهڙي نسل پيدا پئي ٿئي، جيڪا مشين ته آهي، پر مشعل نه آهي. پئسو ته ڪمائي ٿي، پر پوک نٿي پيدا ڪري. ڪوٺيون ته ڀري ٿي، پر پيٽ جي بُک نٿي ڀري سگهي. اسان جي رائج تعليم جو وڏو الميو اهو آهي ته اها ماڻهو کي ماهر ته بڻائي ٿو، پر محب نه ٿي بڻائي. اها ذهن کي تيز ته ڪري ٿي، پر دل کي تازو نه ٿي ڪري. انسان کي حساب سيکاري ٿي، پر حسنِ عمل کان غافل ڪري ڇڏي ٿي. نتيجي ۾ معاشرو متضاد، متزلزل ۽ متوحش بڻجي پيو آهي، جتي ماڻهو هڪ ٻئي سان مقابلي ۾ ته آهن، پر محبت ۾ نه آهن. بناوٽ ۾ ته وڏا آهن، پر بصيرت ۾ نه آهن. هٿن ۾ ڊگريون ته کڻي هلن ٿا، پر دلين ۾ دانائي ناهي.

تعليم جو اصل ڪم ذهن ۾ علم ڀرڻ نه، پر وجود مان علم ڪڍڻ آهي. يعني تعليم ڪو ٽانڪو ڪٺڻ نه، پر تامل ڪڍڻ آهي. ڪو رڳو لفظن جو ڀاڻ نه، پر لالڻ جو نظام آهي. ڪا ٻاهرئين دنيا جي ڊائري نه، پر اندرئين دنيا جي دري آهي. سکيا جي سچي سرشتي ۾ سئو سوالن جا جواب نه، پر وجود جي جاڳرتا مقصد هجي ٿي ۽ اها جاڳرتا ڪلاس روم جي بورڊن تي نه، دل جي ڀتين تي لکجندي آهي. موجوده تعليم علم نه پر اَلم پيدا ڪري ٿي. روشن ذهن نه پر روئندڙ ذهن پيدا ڪري ٿي. سوال ڪرڻ وارا نه پر چُپ رهڻ وارا پيدا ڪري ٿي.

 عيسيٰ عليه السلام جو فرمان آهي: “انسان صرف مانيءَ تي زنده نٿو رهي.” پر اسان جون يونيورسٽيون نوجوانن کي ماني گڏ ڪرڻ سيکاري رهيون آهن، معنيٰ ڳولهڻ نه. اهي ادارا شاگردن کي رزق جي رٿا ته سيکاري رهيا آهن، پر زندگي جي رهنمائي نٿا سيکارين. مشينن کي هلائڻ سيکارين ٿا، پر محبت کي هلائڻ نٿا سيکارين.

 اسان چئون ته هي تعليم مارڪيٽن لاءِ ماڻهو ته تيار ڪري ٿي، پر مخلوق لاءِ محبت نه ٿي پيدا ڪري. هي تعليم نوڪري لاءِ نصاب ته ڏئي ٿي، پر نسبت لاءِ نسخو نٿي ڏئي. هي تعليم ڪاغذن ۾ قابليت ته لکي ٿي، پر ڪائنات ۾ ڪمال نٿي لکي. سڪندر اعظم جي ڪهاڻي تعليم جي حقيقت کي عجيب مثال ڏئي ٿي. سڪندر دنيا فتح ڪئي، پر پاڻ کي فتح نه ڪري سگهيو. ڌرتي جو مالڪ بڻيو، پر دل جو مالڪ نه بڻجي سگهيو. دنيا جا ملڪ هٿ ڪيا، پر مرڻ وقت هٿين خالي هو. مرڻ وقت سندس خواهش هئي ته “منهنجا هٿ تابوت کان ٻاهر رکو ته دنيا ڏسي ته سڪندر به خالي هٿ ويو.” اهو منظر سندس سڄي زندگيءَ جو ماتم هو، سندس عظمت جو اعتراف نه، پر احساس هو ته مال گڏ ڪرڻ معنيٰ نه آهي. ملڪيت گهربل شيءَ نه، معرفت گهربل حقيقت آهي. تعليم جو حقيقي مقصد به اهو آهي ته انسان کي سڪندر نه، پر سچائو بڻائي. فاتح نه، پر فڪر بڻائي. حڪمران نه، پر حڪمت بڻائي. اڄ جي تعليم اها صلاحيت نٿي ڏئي.

اهو نظام نٿو سيکاري ته انسانيت دولت کان وڏي آهي، محبت مهارت کان موثر آهي، ڪردار ڊگري کان قداور آهي ۽ فڪر نوڪري کان وڌيڪ بنيادي آهي.

اسان جا ادارا ٻارن کي ڪتاب ته سيکارين ٿا، پر ڪائنات نه. نصاب ته ڏين ٿا، پر نظر نه. سبق ته پڙهائين ٿا، پر شعور نه. والٽ ڀرڻ ته سيکارين ٿا، پر وجود ڀرڻ نه. نتيجي ۾ اهڙو نسل اسان وٽ بيٺو آهي جيڪو مارڪيٽ جو ماهر آهي، پر محبت جو مسافر نه. سوشل ميڊيا جو اسٽار آهي، پر سماج جو سهارو نه. ڊگريءَ ۾ وڏو، پر دل ۾ ننڍو.

اسان کي اهڙي تعليم جي گهرج آهي، جيڪا انسان مان انسان پيدا ڪري. دماغ مان دانائي پيدا ڪري. دل مان دردمندي پيدا ڪري. روح مان روشني پيدا ڪري. تعليم جو مقصد رڳو ڪنهن به قيمت تي روزگار حاصل ڪرڻ نه، پر قابل، قانع، قادر ۽ قائم انسان پيدا ڪرڻ آهي.

آخر ۾ چئون ته جيڪا تعليم توکي نوڪر بڻائي، اها تعليم نه. جيڪو علم توکي انسان بڻائي، اهو علم آهي. جيڪو شعور توکي سچ ڏسائي، اهو شعور آهي. جيڪو فهم توکي فنا کان بقا ڏيکاري، اهو فهم آهي. سچ ته صرف اهو آهي ته هڪ سٺو آفيسر سماج نٿو بدلائي، پر هڪ سٺو انسان سڄي دنيا بدلائي سگهي ٿو.