بلاگنئون

فڪر جي روشني ۽ زندگيءَ جا زاويا

انساني زندگيءَ جا سفر رڳو کاڌ خوراڪ ۽ مختلف رواجي ڪمن ڪارين تائين محدود ناهن، پر اصل ۾ اهي فڪر، محبت، علم، سچائي ۽ جماليات جهڙن مختلف مقصدن جي ڳولا ۾ رهندا آيا آهن. تاريخ جي وڏن مفڪّرن، شاعرن، سائنسدانن ۽ فلسفين پنهنجن پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن مان جيڪي موتي ميڙيا آهن، سي اڄ به انساني ذهن ۽ دل کي روشني ڏيڻ سان گڏوگڏ فڪر جي مختلف ۽ نون دروازن کي کولين ٿا۔

جيئن محبت ۽ معافي جو درس ڏيندي فيودر دوستوئيفسڪي چيو “جن ماڻهن منهنجو مذاق اڏايو، مون کي تڪليف ڏني، منهنجي دل ڏکوئي، آئون انهن کي معاف ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته منهنجي دل محبت سان منور رهڻ لاءِ پيدا ٿي آهي.”

هي قول انسان کي سيکاري ٿو ته محبت جو اصل معيار درگذر آهي، پر ساڳئي وقت هڪ فارسي چوڻي به ياد ڏياري ٿي جنهن جو مفهوم آهي ته رنج وسري وڃن ٿا، پر جيڪي ماڻهو انهن جا سبب بڻجن ٿا، سي ڪڏهن به وسري  ناهن سگهندا… ايئن ئي ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائين جا سفر اهڙا ته معنيٰ خيز نتيجا ڏيئي ويندا آهن، جن لاءِ البرٽ آئن اسٽائن جهڙا ماڻهو چئي اٿندا آهن ته جيڪو ماڻهو هجوم سان گڏ هلندو آهي، اهو ڪڏهن به اڳتي نه وڌي سگهندو آهي، پر جيڪو انسان اڪيلو پنھنجي رستي تي هلندو آهي اهوئي وڏي مقام تي پهچندو آهي. هن وڌيڪ اهو به چيو ته، زندگيءَ جا ٻه رستا آهن هڪ ته ائين گذاريو ڄڻ ڪو معجزو ناهي، ٻيو ائين ڄڻ هر شيءِ معجزو آهي، زندگي جي ٻنهي پهلون کي اکين آڏو رکي پوءِ ان مطابق زندگي گذارڻ گهرجي .

مٿئين سوچ انسان کي سيکاري ٿي ته حقيقي عظمت ۽ معجزا اُنهن کي ملن ٿا، جيڪي پنهنجي مقصدن  لاءِ نوان رستا ڳولهڻ جي جاکوڙ ڪن ٿا نه ڪي انهن کي ملن ٿا جيڪي اهنجن، تڪليفن، ايذائن ۽ دردن کان پاسو ڪن ٿا.

 ان حوالي سان وري جڳ مشهور ڏاهي گليليو چيو ته  “علم، سچ ۽ ضمير  اها ٻولي آهي، جنهن ۾ خدا ڪائنات لکي ۽ تخليق ڪئي آهي.”

اهڙي طرح ساڳي ئي وقت ان خبردار به ڪيو آهي ته علم جو غلط استعمال انسان کي  منفي لاڙن ڏانهن وٺي وڃڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. ساڳي ڏس ۾ ليو ٽالسٽائي وري اهو به چوي ٿو ته، ڪوڙ هڪ زهر آهي ۽  ان ڏس ۾ رڳو سچ ئي محفوظ آهي، جيڪو انسان جي عملن، ڪردارن ۽ ٻنهي جهانن جي زندگي کي سنواري ٿو .

ٿامس ڪارلائل ضمير کي آسماني نعمت سڏيندي چيو: “ڪوشش ڪريو ته پنهنجي ضمير کي نه وڃايو.” ڇو ته ضمير ئي انساني وجود جي اندر ھڪ اھڙو انمول عنصر آهي جيڪو ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ جي صلاحيت بخشي ٿو .

 محبت، ڪتاب ۽ موسيقي، نزار قباني پيار بابت چيو: “محبت درسي ڪتابن ۾ نٿي ملي، تاريخ جا سڀ عاشق اڻ پڙهيل هئا.” سنڌ نه بلڪه دنيا جو عظيم ترين ڪلاسيڪل شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ ھڪ انتهائي انوکو مثال آهي، جيڪو اعليٰ مدرسي سان سلهاڙيل نه هو، پر هو پاڻ ئي هڪ ادارو هو.

البيروني لاءِ ڪتاب خيالن جي جنگ ۾ هٿيار آهن. ڇو ته ڪتاب ئي ھڪ انمول هٿيار آهي جيڪو انسان کي سڀ کان طاقتور ۽ عظيم بڻائي ٿو. افلاطون موسيقيءَ جي باري ۾ چيو، “موسيقي ڪائنات کي روح، ذهن کي پر ۽ زندگيءَ کي لذت ڏئي ٿي.” موسيقي ھڪ واحد ڌن آھي جيڪا انسان کي دنيا اندر رهندي سڪون بخشي ٿي.

سماج ۽ جهالت، جون ايليا پنهنجي ڪتاب “فرنود” ۾ چيو: “جهالت کي جيتري رعايت اسان جي سماج ۾ ڏني وئي آهي، اهڙو مثال شايد ئي ملي.” جهالت مان مراد گهٽ علم رکندڙ نه بلڪه اهي دانشور، اديب، سياستدان به شريڪ آھن، جيڪي پنهنجي نظام جي فرسوده نظام کي جاري ۽ ساري رکڻ چاهين ٿا. مايا اينجلو پنهنجي ماءُ جو حوالو ڏيندي چيو: “ڪيترا اڻ پڙهيل ماڻهو استاد کان به وڌيڪ داناءُ هوندا آهن.” هينئر به جيڪڏهن توهان نظر گهمائيندا ته اھڙا مفڪر، عالم ۽ ڏاها اوهان کي ملندا، جيڪي پنهنجي سر پاڻ ئي علم جا اڪابر آھن .

هڪ آفريقي چوڻي مطابق، “جڏهن حماقت جا ٻڌندڙ هوندا آهن ته اها عقل سمجهي ويندي آهي.”  مٿيان  سڀ قول هڪڙي فڪري گلشن جا رنگ آهن. دوستوئيفسڪيءَ جو معافيءَ جو سبق، آئن اسٽائن جو اڪيلائيءَ جو سفر، ٽالسٽائي جي سچائي، قبانيءَ جو محبت جو فلسفو، افلاطون جي موسيقيءَ جي جماليات سڀ گڏجي زندگيءَ جو هڪ اهڙو ڪاروَنھوار ٺاهين ٿا، جنهن ۾ روشنيءَ به آهي ۽ خوشبوءَ به.

زندگيءَ ۾ انسان کي بار بار انهن ڳالهين جي ضرورت پوي ٿي، ڇو ته سماج ۾ اڪثر شور آهي، اڪثر حماقت آهي ۽ گهڻي ڀاڱي غفلت آهي، پر جيڪو ماڻهو ڪتاب کي هٿيار بڻائي، ضمير کي ساٿي بڻائي، سچ کي زبان بڻائي ۽ محبت کي پنهنجو ڌرم بڻائي ٿو، اهوئي اصل ۾ انسانيت جي معنيٰ کي پورو ڪري ٿو. ڪڏهن موسيقيءَ ۾ روح جي پرواز ملندي آهي، ڪڏهن شعر ۾ محبت جي مهڪ، ڪڏهن فلسفي ۾ زندگيءَ جي رازن جي گرمي ۽ ڪڏهن هڪ سادي چوڻيءَ ۾ صدين جو تجربو سمايل هوندو آهي.

اهڙيون ڳالهيون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته انسان رڳو گوشت ۽ هڏن جو ڍانچو ناهي، پر احساسن، خيالن ۽ قدرن جو هڪ روحاني سفر آهي. اصل ڪمال اهو آهي ته علم، عقل، سچ ۽ محبت کي گڏ کڻي هلجي. ڇو ته بغير محبت جي علم، بغير سچ جي عقل ۽ بغير ضمير جي طاقت صرف تباھي آڻي ٿي، پر جڏهن هي سڀ عناصر گڏجي وڃن ٿا ته پوءِ انسان جي زندگيءَ مان نه رڳو پاڻ کي، پر سموري دنيا کي به روشني ملي ٿي.