بلاگنئون

ڄاڻ جو سمنڊ ۽ ڀٽڪيل نوجوان

اڄ اسان اهڙي جديد دور ۾ جي رهيا آهيون جتي سائنس جي جديد ايجادن دنيا کي ملائي هڪ ننڍڙو ڳوٺ ته بڻائي ڇڏيو آهي، پر ان سان گڏ ڄاڻ جي سمنڊ ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو آهي، جتي ڪنهن مقصد جو ڪنارو يا ٻيٽ نظر ئي نٿو اچي، جن کي اهو مقصد جو ڪنارو ٻيٽ ملي ويو آهي يا ان جي تلاش ۾آهن انهن کي دنيا سڃاڻي به ٿي ته سمجهي به ٿي. انهن کي سائنسدان، انجنيئر، ڊاڪٽر، اسڪالر ۽ ٻين ڪيترن ئي جديد علمن جي ماهر طور ڄاڻي ٿي، پر جيڪي ڄاڻ جي انهيءَ سمنڊ ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن. بي مقصد تري رهيا آهن. آخرڪار اهي ختم ٿي ويندا غائب ٿي ويندا. اسان جي چوڌاري گهڻي ڄاڻ جي موجود هجڻ سان اسان ان کي سموهي ترتيب ڏئي پيش ڪرڻ کان اڳ ئي بوکلائجي وڃون ٿا ته هيتري ساري ڄاڻ ان کي ڪيئن استعمال ڪجي ۽ ڪهڙي نموني سان ان مان فائدو حاصل ڪجي سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو، پر جڏهن ان فرد جو مقصد ۽ ان جو رُخ صحيح هوندو ته اهو ان ڄاڻ کي استعمال به صحيح طريقي سان ڪري سگهندو. اسان جي نوجوانن کي جيڪا به ڄاڻ ملي رهي آهي اها ڄڻ ته تري تي بهشت واري چوڻي مثل آهي. مثال طور: انهن سوال ڪيو ته: جيو گهرڙو ڇا آهي؟ ائٽم ڇا آهي؟ ته انهن جي اڳيان علم جا ڀنڊار کلي ٿا وڃن. گوگل جي ذريعي، چيٽ جي پي ٽي جي ذريعي، يوٽيوب جي ذريعي ان وقت اهي منجهي پون ٿا ته ان کي ڪيئن استعمال ڪجي. ان ڄاڻ جو بنيادي خمير ڪيئن ڪڍجي، اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ان ڄاڻ کي پڙهبو ۽ سمجهيو ويندو. ان جا نوٽس ٺاهي ان تي پنهنجو الڳ طريقي جو خيال پيش ڪبو. تڏهن وڃي اها جٽادار ڄاڻ دماغ ۾ جٽاءُ ڪندي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪهڙي ڄاڻ، اها ڄاڻ جيڪا ڪنهن شعبي سان لاڳاپيل هجي. مثال طور ڪي نوجوان ڊاڪٽر ٿيڻ چاهين ٿا، ڪي ڪمپيوٽر سائنس جي علم ۾ ماهر ٿيڻ چاهين ٿا، ڪي فزڪس جي فيلڊ ۾ وڃڻ چاهين ٿا، ڪي MBA ڪرڻ چاهين ٿا، ڪي فارميسي جي فيلڊ چونڊ ڪرڻ چاهين ٿا، ڪي سماجي اڳواڻ، ڪي فلسفي ته ڪي وري تعليمدان. نوجوانن لاءِ شعبا ته گهڻا آهن ان ڪري انهن سڀني شعبن جو هتي ذڪر ڪري نٿو سگهجي، پر مٿي جيڪي ذڪر ڪري آيا آهيون اهڙا ٻيا به ڪيترائي شعبا آهن جن جي لاءِ علم ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آهي، پر ان جي لاءِ هر طبقي جو فرد پنهنجي شعبي سان سلهاڙيل علم پڙهندو ۽ پرکيندو ته هن سماج، ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪارآمد ٿي سگهندو.