بلاگنئون

عالمي سياست جو ڄار ۽ پاڪستاني عوام جو ذهني مونجهارو

اڄ پاڪستان جو عام شهري سخت ذهني مونجهاري ۾ ورتل آهي. سوشل ميڊيا، ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ مختلف تجزين ماڻهن جي ذهنن ۾ سوالن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن. ڪو چوي ٿو ته بي ايل اي جي پٺيان ڀارت آهي، ڪو چوي ٿو ته ٽي ٽي پي افغانستان جي پيداوار آهي، پوءِ چيو وڃي ٿو ته افغانستان جي پٺيان ڀارت آهي، ڀارت جي پٺيان اسرائيل ۽ اسرائيل جي پٺيان آمريڪا. وري هڪ ٻيو جملو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته آمريڪا ۽ پاڪستان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي اڳيان پٺيان آهن. اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهوءَ جو مونجهارو بلڪل فطري آهي. سوال اهو ناهي ته ڪير ڪنهن جي پٺيان آهي، اصل سوال هي آهي ته هن سڄي عالمي راند جو نقصان آخر ڀوڳي ڪير رهيو آهي؟ جواب بلڪل سادو آهي ته پاڪستان جو عام ماڻهو ان سڄي نقصان کي ڀوڳي رهيو آهي. بلوچستان ۾ حملا ٿين يا خيبر پختونخواهه ۾ بدامني، دهشتگرديءَ جو هر واقعو ڪنهن نه ڪنهن عالمي يا علاقائي طاقت جي مفادن سان ڳنڍيل نظر اچي ٿو، پر لاش هميشه پاڪستانين جا کڄن ٿا. اسڪول بند ٿين ٿا، بازار ويران ٿين ٿا، ماءُ پيءُ پنهنجن ٻارن جي مستقبل بابت خوف جو شڪار ٿي وڃن ٿا. حقيقت اها آهي ته دنيا هاڻي پراڪسي جنگين جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. وڏيون طاقتون سڌي جنگ بدران ڪمزور ملڪن اندر گروهن، تنظيمَن ۽ اندروني اختلافن کي استعمال ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪن ٿيون. پاڪستان جاگرافيائي لحاظ کان انتهائي حساس علائقي ۾ واقع آهي، تنهنڪري هر وڏي طاقت هتي پنهنجو اثر وڌائڻ چاهي ٿي.

ڀارت علائقي ۾ پنهنجي بالادستي چاهي ٿو. آمريڪا پنهنجي اسٽريٽيجڪ پوزيشن مضبوط رکڻ گهري ٿو. اسرائيل وچ اوڀر کانپوءِ هاڻي ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجا اتحادي ڳولهي رهيو آهي. افغانستان ڏهاڪن جي جنگ کانپوءِ پاڻ عدم استحڪام جو شڪار آهي ۽ انهيءَ عدم استحڪام جا اثر سرحد پار پاڪستان تائين پهچي رهيا آهن، پر هن سڄي عالمي بساط ۾ هڪ ڳالهه گهڻو ڪري نظرانداز ٿي وڃي ٿي، اسان جون پنهنجون ڪمزوريون.

 جڏهن رياست اندر انصاف سست هجي، تعليم ڪمزور هجي، نوجوان بيروزگار هجن ۽ عوام کي بنيادي حق حاصل نه هجن، تڏهن ٻاهرين طاقتن لاءِ مداخلت آسان ٿي وڃي ٿي. دشمن هميشه دروازو ٽوڙي اندر نٿو اچي، اڪثر ڪري کِڙڪي اسان جي پنهنجي غفلت سبب کليل هوندي آهي. اڄ سڀ کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جذباتي نعرا ڇڏيون ۽ شعوري سوچ اختيار ڪريون. هر واقعي کي رڳو پرڏيهي سازش قرار ڏئي پاڻ کي بيقصور سمجهڻ مسئلي جو حل ناهي. اسان کي پنهنجو تعليمي نظام مضبوط ڪرڻو پوندو، نوجوانن کي روزگار ڏيڻو پوندو، شفاف حڪمرانيءَ کي يقيني بنائڻو پوندو ۽ سڀ کان اهم قومي يڪجهتي پيدا ڪرڻي پوندي. عام ماڻهوءَ جو چوڻ بلڪل درست آهي ته “دماغ خراب ٿي ويو آهي، ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي،” پر هن مونجهاري مان نڪرڻ جو رستو رڳو هڪ آهي، باخبر قوم بڻجڻ.

جڏهن قوم سوال ڪرڻ سکي وٺندي، حق ۽ ڪوڙ ۾ فرق سڃاڻڻ لڳندي، ۽ جذبات بدران عقل سان فيصلا ڪندي، تڏهن ڪا به پرڏيهي طاقت اسان کي مَهرو نٿي بڻائي سگهي. آخر ۾ بس اها ئي دعا آهي ته رب اسان جي قوم کي حالتن کي سمجهڻ جي بصيرت عطا فرماءِ، وطن سان مخلص قيادت ڏي ۽ پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ خودداري جي راهه تي هلائي. آمين.