بدين جي عورت مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آھي، اھي مسئلا گھريلو، سماجي، معاشي، تعليمي ۽ سياسي آهن، کيس جيون گھارڻ لاءِ اعلان جنگ ڪري نڪرڻو پوي ٿو. اھڙو عمل مان گذرڻ واريون عورتون به ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون آھن يا وري صرف شهري علائقن سان تعلق رکن ٿيون. ٻھراڙي جي عورت کي ته خبر ئي ناھي ته سندس حق ڪھڙا آھن! ھوءَ ته ذميدارين جو ٽوڪرو مٿي تي کڻي اڄ به معاشي، سماجي ۽ جسماني طور تي ڪمزور آھي. علم کان محروم آھي يا وري سندس مستقبل ڳوٺن جي وڏيرن جي اوطاقن ۽ واڙن ۾ تبديل ٿيل اسڪولن ڪٿي گوسڙو استادن جي نااهلي جي ور چڙھي وڃي ٿو. ڳوٺ کان ٻاھر وڃي پڙھڻ جي به اجازت نه ھوندي اٿس. اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اھڙي تعليم موجوده دور جي ضرورت آھر ھن کي ڪھڙو فائدو ڏئي سگھندي ھوندي! اڻ ڄاڻائي ۽ دنيا کان ڪٽيل ھجڻ ڪري صلاحيتن سان گڏ سندس ارمان به لڙھي وڃن ٿا! ٻھراڙي جي ھن ھنرمند عورت جي دستڪاري به ڏسڻ وٽان ۽ لاڀائتي به آھي، پر سھولت نه ھجڻ ڪري ھوءَ پنھنجا ھينڊي ڪرافٽس ايڪسپورٽ ڪري ناڻو ڪمائڻ کان عاجز آھي يا وري ڪي مددگار ملن به ٿا ته کيس پورھيو گھٽ ڏنو وڃي ٿو. اھڙين عورتن جي تعليم و تربيت ۽ سندن پورھئي کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ بدين جي شھري عورتن کي ئي گڏجي ڪو منصوبو جوڙڻ گھرجي۔ ھينئر جيتريون به بدين جون سوشل ۽ پوليٽيڪل ايڪٽيوسٽ عورتون آھن، سي پنھنجين ضرورتن ۽ فرضن کان وانجھيل ھوندي اڻ ڄاتل نقطن ڏانھن محو سفر آھن، جنھن جي ڪابه منزل ناھي. روز احساس ڪفالت پروگرام يا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي غريب ۽ اٻوجھ عورتن جي قسطن جي پئسن مان ڪٽوتيون ڪرڻ سان گڏ سندن کي سينٽرن تي بک، اڃ، جاءِ حاجت جي اڻ ھوند ھوندي کليل آسمان ھيٺ سڄو ڏينھن ذليل ڪيو وڃي ٿو! ڄڻ ته ڪامورا کين رقم پنھنجي کيسي مان ڏئي ٿورو ڪري رھيا ھجن! جڏھن ته اھو عوام جو ئي پئسو آھي.