ڀٽائي جي بيتن جي تشريح ڪرڻ ۾ به محقق ڪجھ حدن جو پابند آهي، نه ته شاعر سان انصاف نه ڪري سگهبو، شاعري جي علامتي تشريح به ان حد بندين جي پابند هجڻ کپي، تشريح شاعر جي فڪري نظام ۾ رهي ڪري ڪرڻ گهرجي. مثال طور: ڀٽائي جي رسالي جي فڪري حد بندي ۾ اسلام، تصوف، لوڪ داستان، زرعي سماج جا قدر ۽ ان جو تنقيدي شعور ٿي سگهن ٿا، جن کان ٻاهر نڪرڻ سان شايد شاعر سان زيادتي ٿيندي. رسالي جي هر سر ۾ دنيا ۽ آخرت، خدا ۽ ٻانهي، وحدت الوجود جا موضوع مرڪزي نقطا آهن، جن کان ٻاهر ڀٽائي جو فڪر نٿو نڪري، جيڪو ڀٽائي جو فڪري نظام آهي.
سر ڪلياڻ، علامتي الفاظ، پتنگ- عاشق، آڳ- آزمائش، فنا، سوري- موت، ڪلاھ- صوفين جي خاص ٽوپي قال ۽ حال- صاحب تصوف جي منزل، ڪيفيت. هي سر اسلام ۽ تصوف جي تعليم جو نادر نمونو آهي. هن سر ۾ مثالي مومن ۽ سچي صوفي هستي جون سمورين خوبين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سر ۾ مذهب اسلام، توحيد وحدانيت، نبوت جي تصديق، نيڪ ٻانهن، عارفن، صوفي بزرگن، الله جا عاشق، محبت جو ميدان، پتنگ ۽ آڳ، سوري، تصوف جا نقطا، خودي جي نفي، عشق ۽ محبت، رومي جو ذڪر ملي ٿو. ايمان ۽ شرڪ، نماز سان گڏ منافقت جو موضوع پڻ هن سر ۾ آهي.
سر يمن، علامتي الفاظ، تير- عشق، اڳريا، لوهار، سڄاڻ- مرشد ڪامل، سداڻ- طريقت، سراڻ- طريقت، رڪ- هستيءَ جي فنا. هن سر ۾ تصوف ۽ روحانيت کي مختلف تمثيلن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ظاهري علم جي ترديد ۽ علم لدني يا وجداني کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. هن سر ۾ محبوب جي هٿان عاشق کي تير لڳڻ جو گهڻو ذڪر ٿيل آهي. ٻيو لوهار ۽ ڌنوڻي جا مثال ڏئي عشق جي باھ ۾ لوھ ۽ رڪ وانگر پچي راس ٿيڻ، هستي جي فنا ٿيڻ جي ڳالھ ڪئي وئي آهي. لوھار کي ڪامل مرشد جي تمثيل طور بيان ڪيو ويو آهي. مثنوي رومي ۾ پڻ سنداڻ لفظ ساڳي مفهوم ۾ استعمال ڪيل آهي. لوهار لاءِ اڳڙيا، سڄاڻ (ماهر، ڪاريگر)، مورياڻ (ڪٽ) سراڻ (پٿر جنهن تي ترارون تکيون ڪيون وينديون آهن.) لفظن جو انتهائي خوبصورت استعمال ڪيو ويو آهي. هن سر ۾ آخوند، ملان، علم، قاضي، ڪتاب جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي رڳو ظاهري، مٿاڇري علم تائين محدود آهن. هتي علم جا ٻه قسم واضح ڪيا ويا آهن جن ۾ هڪ علم اهل دل ۽ ٻيو علم اهل تن جا الفاظ مثنوي رومي ۾ ڪتب آندا ويا آهن، جن کي ڀٽائيءَ پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. ڀٽائي هن سر ۾ فقه جي درسي ڪتابن “ڪنز”، “قدوري” کي پڻ ظاهري علم طور ڄاڻايو آهي. ٻيو عشق، مڌ، موکِي مَتارنِ جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو پڻ عشق جي علامتي مفھوم طور ڪم آندل آهي. حبيب، طبيب، ويڄ، درد، دوا، دارون جا الفاظ به ڀٽائيءَ کان اڳ ميون شاھ عنايت رضوي جي رسالي ۾ ڪتب آندل آهن ۽ مثنوي رومي ۾ به برابر ملن ٿا.
سر کنڀات، علامتي الفاظ، اٺ چانگي، ڪرها، مييو- نفس، چنڊ- محبوب. هن سر جا ٽي داستان رڳو اٺ، ڪرهي، چانگي، ميي تي لکيل آهن، ٻه داستان چنڊ ۽ محبوب تي لکيا آهن. هن سر جو موضوع عشق ۽ تصوف آهن. هن سر ۾ محبوب جي چنڊ سان تشبيھ ڏنل آهي. محبوب، اکين، دل، جدائي ۽ وصل جو گهڻو ذڪر ملي ٿو. شاعر چنڊ ۽ اٺ سان مخاطب ٿي محبوب کي دل جون ڳالهيون سڻائي ٿو. هن سر ۾ اٺ کي نفس جي تمثيل طور آندو ويو آهي. اٺ جي سوار کي روح طور پيش ڪيو ويو آهي. هن سر ۾ سج چنڊ جون تشبيھون پڻ رومي وٽ ملن ٿيون ممڪن آهي، جن کان متاثر ٿي ڀٽائي اپنايون هجن.
سر بروو سنڌي: علامتي الفاظ، ڪانگ- قاصد، قزاق- محبوب. هي سر مڪمل طور مجاز ۾ رچيل سر آهي. هن سر ۾ شاعر محبوب سان سڌو سنئون مخاطب آهي، هن جي بي نيازي، انداز بي رخي اڳيان عاشق جي عاجزي کي سهڻي نموني بيان ڪيو آهي. هتي محبوب کي قزاق سان تشبيھ ڏني وئي آهي جيڪو رجحان سنڌ جي روايت رهيو آهي. محبوب کي ميارون ڏيڻ جو پڻ اظهار ملي ٿو. هتي دوستن، سڄڻن، پرين سان پرچڻ، ملڻ، گڏجڻ جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي. شاعر ڪٿي به پنهنجي دوستن کي ظاهر نه ڪيو آهي. هن سر ۾ ڪانگ کي قاصد طور پيش ڪيو آهي، جيڪو پڻ سنڌ جي روايت رهيو آهي. هن سر ۾ شاعر حرف تجنيس جي ضرورت يا پورائي لاءِ ڪانگ جي جاءِ تي لفظ “زاغ” پڻ مستعار ورتو آهي.
سُر سَري راڳ، هن سُر ۾ اسلامي تعليم مطابق حمد ۽ ثنا جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي سر اسلامي تعليم جو ترجمان سر آهي. هن سر ۾ شاعر خدا سان مخاطب ٿي ان جي حمد ۽ ثنا ڪري ٿو. ٻانهي جي محتاجي ۽ لاچاري کي پڻ بيان ڪري ٿو. هتي واعدو ٽوڙڻ جي ڳالھ جو پڻ مثنوي رومي ۾ ذڪر ڪيل آهي. هن سر ۾ خدا ۽ ٻانهي جي تعلق کي خوب ساراهيو ويو آهي. هي سر پڻ ڀٽائيءَ جي اسلامي تعليم کي پڌرو ڪري ٿو.
سر سامونڊي: علامتي الفاظ، ملاح، سمنڊ، موتي لعل، هيرا. هن سر کي ڀٽائي جو مجازي سر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن سر جا موضوع مھاڻا، ملاح، انهن جو زالون، سمنڊ، ٻيڙيون، واپار، موسم، هوا، ھيرا موتي لعل آهن. هن سر ۾ هيرن، لعلن متين جي ڳالھ کانسواءِ باقي تمام موضوع جن ۾ سامونڊي، انهن جون زالن جي جذبن جي ترجماني، سفر جي خطرن جو اظهار جا تمام موضوع ڀٽائي جي تخليق آهن.
سر کاهوڙي: علامتي الفاظ، کاهوڙي، سنياسي، جوڳي، ويراڳي، بيکاري. سر کاهوڙي مڪمل روحاني سرن مان هڪ آهي، جنهن ۾ پڻ اوليائن، عارفن، بزرگ هستين کي کاھوڙين جي تمثيل ۾ بيان ڪيو ويو آهي. تصوف جي تعليم جي باريڪ نقطن کي مثالن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سر کاهوڙي ۾ به ڀٽائيءَ تي رومي جي اثر جا واضح مثال مليا آهن جن مان ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا. هن سر ۾ ڀٽائيءَ هڪ لفط “دلق” استعمال ڪيو آهي جيڪو رومي به ساڳيو لفظ ڪتب آندو آهي. رومي جي اثر جو واضح ثبوت آهي.
سر ڪاپائتي، علامتي الفاظ، ڪاپائتي، ڪاتار، ڪوري، ڪانڌ، چرخو، تند. سر ڪاپائتي به روحانيت سان سرشار نظر اچي ٿو. هتي خدا ۽ ٻانهي جي تعلق کي تمثيلي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪاپائتي نيڪ ۽ گنهگار ٻانهي جي تمثيل آهي جيڪا پنهنجي نيڪ ۽ بداعمالن لاءِ خدا جي اڳيان جوابدار آهي. تصوف جي نقطن فنا ۽ بقا جو پڻ ذڪر ملي ٿو. سر ڪاپائتي ۾ عزازيل، نفي، فنا، بقا جو ذڪر به رومي جي اثر جو واضح مثال آهي.
سر بلاول، علامتي الفاظ، جکرو، هوٿياڻي، پانڊپ، راهو، ڳهڙ. هي سر پڻ روحانيت سان ٽمٽار سر آهي، هن سر ۾ به جکري، هوٿياڻي، پانڊپ، راهو، ڳهڙ سخي مرد ۽ جاجڪ، چارڻ جو ذڪر تمثيلي مفهوم طور ڪيو ويو آهي جيڪو سر پرڀاتي ۾ ڪيل آهي. هن سر ۾ سخي خدا جي ذات ڏي اشارو آهي ۽ جاجڪ يا چارڻ نيڪ ٻانهي جي تمثيل آهي جيڪو رڳو پنهنجي رب کان گهري ٿو. هن سر ۾ سخاوت جو مثال، تشبيھ جيڪا ڀٽائي ڏني آهي اها ساڳي تشبيھ رومي اڳ ۾ استعمال ڪري چڪو آهي. مٽي مان آدم جي يا نبي سڳوري صلي الله عليه وآلهي وصلم جي تخليق جو مثال رومي پيش ڪيو اهو ساڳيو ڀٽائي پنهنجي اسلوب ۾ آندو آهي. جهاد اڪبر ۽ اصغر جو اصطلاح پڻ رومي وٽ ملن ٿا، جيڪي ڀٽائي ڪتب اندا آهن.
سر پرڀاتي، علامتي الفاظ، ڏاتار، ٻيلي ڌڻي، روجهاڻي، انڙ- خدا، مڱڻهار، ڀان، جاجڪ، لنگها، تنبير، چارڻ- ٻانهو. هي سر پڻ مذهبي تعليم تي مبني آهي، ڀٽائي سر پرڀاتي ۾ جيڪا به ڳالھ ٻولھ ڏاتار ۽ مڱڻهار جي ڪئي آهي اصل ۾ اها ڳالھ خدا ۽ ٻانهي جي ڳالھ آھي، جيڪا رومي ڪئي هئي، جنهن کان ڀٽائي فيضياب ٿيو آهي. هن سر کي مذهب اسلام جي تعليم جو سر شمار ڪري سگهجي ٿو. هن سر ۾ ڀان، مڱڻهار، جاجڪ، لنگها، تنبير، چارڻ کي ٻانهي يا بندي جي تمثيل ۾ ڏاتار، سٻڙسندي در، ٻيلي ڌڻي، روجهاڻي، انڙ کي خدا جي تمثيل طور ڪتب آندو ويو آهي.
سُر ڪارايل، علامتي الفاظ، پکي، هنجھ پکي- مرشد ڪامل، شڪاري، لڙ، ڪسر، سر، سسر- گدلاڻ. سر ڪارايل پڻ روحاني سرن مان هڪ آهي، هن سر جو ظاهري موضوع پکي، شڪاري، آهي، جن کي روحاني رمز ۾ تمثيلي طور ڪتب آندو ويو آهي. هتي هنجھ پکي کي مرشد ڪامل يا اولياءَ بزرگ، نيڪ ٻانهي جي تمثيل طور ڪتب آندو ويو آهي. عام پکين، ڪنگ، ٻگهه کي عام ماڻهن يا مريدن جي تمثيل ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هتي لڙ، ڪسر، سسر جا الفاظ ميري پاڻي ۽ اڇي صاف پاڻي لاءِ ڪتب آندا آهن، جن جي تمثيلي معنيٰ گناھ، گنهگار ۽ نيڪ اعمال آهن. هن سر جي چند بيتن جو موضوع هوبهو ساڳيو مثنوي رومي ۾ بيان ٿيل آهي.
سُر ڏهر، سڪل واھڙ- فنا، زوال، ڪندي- فنا زوال، لاکو ڦلاڻيءَ- عزرائيل جي علامت، ڪونج ۽ شڪاري- راڄ ڀاڳ ۽ وڇوڙي، جدائي موت جي علامت، اوڏ، ريٻاڙي، ڪهڳل، فنا، دنيا بي ثباتي. هن سر جي هڪ داستان جي ابتدا خدا جي حمد ۽ ثنا سان ٿئي ٿي، تنهنڪري هن سر کي اسلامي تعليم سان منسوب ڪري سگهجي ٿو. سڄو داستان خدا جي قادر مطلق جي صفت، دنيا جي عارضي حيثيت، آخرت، يوم حساب جهڙا موضوع هن سر ۾ شامل آهن. ٻئي داستان جو موضوع هڪ واھ، ان جي ڪناري تي سڪي ويل وڻن سان ڪيل فرضي مڪالمو آهي جنهن مان مقصد زماني جي نفي، فنا، غير پائيداري، عروج زوال جو ذڪر آهي. ٽئين سر جو موضوع لاکو ڦلاڻيءَ ۽ راء کنگهار ڪڇ جي راجا جي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ مسڪين اوڏن، ريـٻاڙن ذاتين ۽ انهن جي سردار جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سر ۾ اوڏن جي هنر، گهر، ڪوٽ اڏڻ واري پورهئي مان تمثيلي مفھوم طور دنيا جي بي ثباتي کي واضح ڪيو ويو آهي. هتي سڀ ڪجھ عارضي آهي. علامتي مفھوم ۾ لاکي ڦلاڻيءَ کي عزرائيل طور بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو ظاهري ڪردار ۾ هڪ ڌاڙيل آهي جيڪو مخالفن جو مال ڪاهي وڃي ٿو. چوٿين داستان ۾ ڪاڇي جي سنگھارن، مالوند ماڻهن جي زندگيءَ تي بيت چيل آهن. مالوند ماڻهن جي لڏپلاڻ جو گهڻو ذڪر آهي. پنجين داستان ۾ ڪونجن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ شڪارين جو ذڪر به ڪيل آهي. هن داستان ۾ ظاهري يا لڪل مفھوم جو ڪو واضح مقصد نٿو ڏسجي.
سر رامڪلي، علامتي الفاظ، رامڪلي معنيٰ خدا جي ڳولها، نوري ناري- نور ۽ باھ جي علامت، لاهوت، ناسوٽ- تصوف جا تڪيا، جوڳي، سنياسي- ٻانهي جي علامت. رسالي جو هي سر مڪمل روحاني سر آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ دل کولي روحانيت سان پنهنجي وابستگي جو اظهار ڪيو آهي. جوڳي، سنياسي جي تمثيل ۾ روحاني ڪردارن کي خوب بيان ڪيو آهي. هن بيت ۾ نوري ۽ ناري جا لفظ رومي کان مستعار ورتل آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان جي تصديق ڪئي آهي. تمام بيتن سان گڏ دفتر نمبر جا حوالا نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل رسالي تان ورتا ويا آهن. هن سر ۾ “نانگا ناني” جو تصور جنهن لاءِ مثنوي رومي ۾ “با جامه” جو لفظ استعمال ڪيل آهي ته لباس پائي هلڻ وارن لاءِ روحاني رستو ناهي. هتي “هيهات” جو لفظ قرآن شريف ۽ مثنوي رومي ۾ ملي ٿو، جن کي ڀٽائيءَ ڪتب آندو آهي. مثنوي رومي ۾ “گدا” جو لفظ ملي ٿو جنهن لاءِ ڀٽائي “بابو بيکاري” جو لفظ ڪم آندو آهي. هن سر ۾ جز، ڪل ۽ عدم، شمشير، طمع، نيستي، گوش دل، آتش، آب، طور جبل، زانو، ڪن، فنا، بقا، لاهوت، ناسوت، جنت، دوزخ، مونا، طورسينا، بدلق (گودڙي) جا الفاظ جن جو مثنوي رومي ۾ ورجاءُ ٿيل آهي. ڀٽائي پڻ تن کي ڪتب آندو آهي.
سر سهڻي، هن سر جا مرڪزي ڪردار: ڪردار- علامت، ميهار- خدا، سهڻي- ٻانهو، ڏم- دنيا، درياھ- دلو- مرشد، گهيڙ تڙ- طريقت، چڙي جو آواز- آذان جي علامت. سُر جو مک موضوع؛ خدا، ٻانهو، دنيا آخرت، سر سهڻي ۾ ظاهري مجاز آهي، پر تمثيلي طور ميهار خدا جي تمثيل، سهڻي ٻانهي جي تمثيل آهي درياءَ دنيا جي علامت ۽ درياءَ جو ٻيو پار آخرت جي علامت آهي، سڄي سُر جو مرڪزي خيال دنيا ۽ آخرت آهي. دلو يا گهڙو مرشد جي تمثيل، ڏم دنياوي تعلق، مفاد، مصلحت، جبر جي علامت ٿي سگهي ٿو، واهڙ، تڙ، گهيڙ طريقت، معرفت جي علامتي ٿي سگهن ٿا. گهڙي جي ڀڄڻ، سهڻي جي ٻڏڻ کي وحدت الوجود جو خيال سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. وسيلن جي نفي، هستيءَ جو انڪار، سچي طلب، منزل سان محبت، دنيا جا خطرا، حرص، خواهشون، ساهڙ ۾ پختو يقين، سهڻي اهو ٻانهو آهي جيڪو درياهه (دنيا) جي مشڪلاتن تي قابو پائي آخرت ۾ خدا جي اڳيان سرخرو ٿئي ٿو. چڙن جي آواز کي آذان جي علامت طور سمجهي سگهجي ٿو.
سر سسئي پنهون، علامتي الفاظ، سسئي- ٻانهون، پنهون، هوت- خدا
ڪيچ مڪران- آخرت، اڳيون جهان، ڀنڀور- دنيا، اٺ، اوٺي، ڪرها- دنيا جا خطرا، تعلق، مفاد، ڏير- دنياوي تعلق، ڏونگر- دنيا جون مشڪلون. سر سسئي رسالي جو سڀن کان وڏو سُر آهي سڄا سارا پنج سر هن موضوع تي لکيا آهن جن ۾ دنيا ۽ آخرت، وحدالوجود جي فلسفي تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي.
سر سورٺ راءِ ڏياچ، تمثيلي الفاظ، ٻيجل مڱڻهار، جاجڪ، چارڻ- عزرائيل جي علامت، راءِ ڏياچ، اجل جو شڪار انسان، سرندو- موت جو پڙهو ڏيندڙ ساز آهي. تند، ڪٽارو ڪنڌ- موت جا ظاهري اسباب آهن، گل ڇنو گرنار جو، راجا جي موت جي علامت طور استعمال ٿيو آهي. سر سورٺ راءِ ڏياچ ظاهري ته مڱڻهار سوالي ۽ سامھون راجا راءِ ڏياچ آهي، پر اصل قصو عزرائيل ۽ راجا جي موت جي سوڳ جو اظهار ۽ دنيا جي بي ثباتي جو بيان آهي. هن سر ۾ ڀٽائي اجل جي اصل حقيقت ۽ سوڳوار محل واسي جي غمناڪ منظرڪشي ڪئي آهي. دنيا آخرت ۽ اجل جو بيان تصوف ۽ مذهب جي حوالي سان ڪافي اهميت رکي ٿو.
سر ڪاموڏ، علامتي الفاظ، سمو- خدا، گندري- ٻانهون، نوري- ٻانهي يا اولياءَ جي علامت آهي، ڄام تماچي- تڙ ڌڻيءَ خدا جي علامت، سر ڪاموڏ ۾ ڀٽائي خدا ۽ ٻانهي جي محبت کي بيان ڪيو آهي، ٻانهي جي عاجزي، نياز نوڙت، سادگي جيڪا خدا کي پسند اچي ٿي تنهن کي خوب بيان ڪيو آهي. ٻانهي جي نيڪ سيرت کان متاثر ٿي خدا ان تي مهربان ٿي پنهنجون نوازشون ڪري ٿو، جنهن سان سڀني انسانن جو ڀلو ٿئي ٿو.