بلاگنئون

پنهنجي ديس ۾ اسان ڌاريا

اڄڪلهه ڳوٺن ۽ واهڻن مان به اوطاقن جو رواج ختم ٿيندو ٿو وڃي، جنهن جو اهم سبب زماني جي گردش، غريبي ۽ پريشانين جو وڌي وڃڻ آهي، هر هڪ پنهنجي ليکي مصيبتن ۽ پريشانين ۾ ورتل آهي، پيسي جي پويان ڀڄ ڀڄان لڳي پئي آهي، ان ڪري ڪنهن کي به وقت ڪونهي جو ڪنهن جي اوطاق تي وڃي، ٻيو ته هاڻي وري اوطاقي ماڻهو به ڪونه رهيا آهن. مٿان وري هن ترقياتي دور ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل جنهن جاءِ تي دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍيو آهي، اتي ميل ميلاپ ۾ به ڏوري آندي آهي، جنهن جي سبب هاڻي اوطاقون ويران نظر اچڻ لڳيون آهن. ها باقي شام جي وقت ڳوٺ جا نوجوان هٿن ۾ وڏا موبائيل کنيو رستي تي گهمندا وتندا آهن.

اسان جي ڳوٺ واري رستي تي هڪ موري ٺهيل آهي، جنهن جي ڀر ۾ هڪ وڏو نم جو وڻ سڄو ڏينهن ڇانو ڪيو بيٺو هوندو آهي، جنهن جي چوڌاري زمين ساوڪ جي چادر اوڍيو اکين کي راحت پئي بخشيندي آهي، ان موريءَ تي اڪثر صبح جي وقت ٻه ٽي وڏي عمر وارا ڳوٺ جا بزرگ ڪجهه دير لاءِ ڪچهري ڪندا آهن.

مان هر روز نوڪريءَ  تي ويندي ان موريءَ وٽان لگهندو آهيان ۽ انهن بزرگن کي سلام دعا ڪرڻ کانپوءِ اڳتي وڌندو آهيان. هڪ ڏينهن معمول مطابق آفيس وڃي رهيو هئس ته ڳوٺ جي ان موريءَ تي چاچو سليمان ۽ سندس دوست چاچو فيض ويٺو هو، کين سلام ڪري اڳتي وڌڻ لڳس ته چاچي سليمان روڪيو ۽ چوڻ لڳو “ابا ستار! بيهه ته سهي، ڪڏهن ڪڏهن اسان سان به ٻه ٽي گهڙيون گهاريندا ڪريو.” وراڻيم “ڇو نه چاچا، پر صبح جي وقت آفيس جلدي پهچڻو هوندو آهي، جنهن سبب وقت ڏئي نه سگهندو آهيان، ان ڪري معافي ٿو گهران. باقي ڪو ڪم ڪار هجي ته حڪم ڪريو مان حاضر آهيان.” چاچي فيض محمد وراڻيو ”خير آهي پٽ ڪا ڳالهه ڪانهي، ۽ ڪم وري ڪهڙو بس اڄڪلهه اخبارن ۾ عجيب خبرون پيا پڙهون، جيڪي اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن، ان جي باري ۾ پڇڻو هو، توهان پڙهيا لکيا آهيو، شايد توهان کي خبر هجي  ۽ اسان کي سمجھايو.”

حيرت مان پچيومانس “وري ڪهڙيون عجيب خبرون چاچا؟”

ٿورو فڪرمند ٿيندي چيائين “ڀُنگ خاطر ڪنهن ماڻهوءَ جو اغوا ٿي وڃڻ ۽ نه ملڻ ته سمجهه ۾ اچي ٿو. ڪنهن مجرم کي پوليس گرفتار ڪري وڃي ۽ ڪنهن جيل ۾ وڃي وجھي، اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو پر اخبار جي اها خبر سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته فلاڻو ماڻهو کنڀجي ويو، ۽ اهو ماڻهو لاپتا ٿيو وڃي، پويان وارث وتن ٿا داهيندا، اهو ماڻهو نه اغوا ڪندڙن وٽ نه وري پوليس وٽ جو واپسي جو ڪو آسرو هجي، هي وري ڪهڙي قسم جوگم ٿيڻ آهي؟”

چاچي وارن اهڙو سوال ڪري ورتو هو، جنهن جو جواب هوندي به مان ڏئي نه سگهيس. ٿوري دير سوچيندي وراڻيم ”چاچا اهي ڳالهيون اسان جي به سمجهه کان زور آهن، بس ائين سمجهو ته آخري وقت آهي. بس دعا ڪريو ته الله سڀني کي سوچ سمجهه جي هدايت ڏئي.” ائين چئي مون هلڻ جي ڪئي.

مئي جي سخت گرمين ۾ جڏهن سج پنهنجي سڄي ڪاوڙ ڌرتيءَ تي رهندڙن مٿان لاهيندو آهي، تڏهن هتان جا ڏينهن شايد دوزخ جي باهه کان به وڌيڪ گرم ٿيندا آهن. سڄو ڏينهن گرميءَ جي ستايلن کي رات جي وقت گُهٽ، ٻوسٽ ۽ مڇر ويتر وڌيڪ ستائيندا آهن. جنهن ڪري ماڻهن جي ننڊ پوري ٿي نه سگهندي آهي، پر رات جي پوئين پهر ۾ ٿڌڙي هير گهلڻ لڳندي آهي ۽ ماحول ۾ ڪجهه ٿڌڪار پيدا ٿيندو آهي، جنهن سبب ننڊ تمام سٺي ايندي آهي، ڪو کڻي ڇا به ڪري پر اک کولڻ ۽ بسترو ڇڏڻ تي دل ئي ڪونه ڪندي آهي. هڪ ڏينهن مان گهرجي ٻين ڀاتين سان گهر جي اڱڻ ۾ اهڙيءَ ئي پرسڪون پرهه ڦٽي جو گهري ننڊ ۾ ستل هئس ته اچانڪ ڪنهن منهن تان رلي ڇڪي لاٿي، بنا اک کولڻ جي رلي جي ڪنڊ پڪڙي ٻيهر مٿان وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪيم ته ڌاري ٻوليءَ جو اجنبي آواز وڏي زور سان ڪنن تي پيو، هڪدم اک کولي ڏسان ته ٻه نقاب پوش، هٿن ۾ جنگي هٿيار سڌا ڪيون، اسان جي کٽن مٿان ائين بيٺا آهن ڄڻ ته اسان ڪي وڏا گهربل دهشت گرد هجون، يا ڪنهن ڌارئي ملڪ جا هارايل اهي سپاهي هجون، جن ڪنهن پراڻي کنڊر ۾ پناهه ورتي هجي، ۽ زخمن جي درد، ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳي، سبب ان ويران جاءِ ۾ سور سهندي سهندي سمهي رهيا هجون ۽ جن مٿان فاتح فوج اچي ڪڙڪي هجي ۽ گرفتار ڪرڻ يا مارڻ لاءِ آتي هجي.

منهنجي ساڄي پاسي واري کٽ تي منهنجو ڀاءُ ستل هو ۽ کاٻي پاسي وارين ٻن کٽن تي ڀائٽيو ۽ ٻيو ڀاءُ آرامي هئا. اسان جي مٿئين پاسي وارين کٽن تي اسان جا ننگ ستل هئا. اسان سڀ سندن هيبتناڪ آواز تي مٺڙي ننڊ جي هنج ڇڏي اٿي پياسين.

ان نقاب پوشن دڙڪا ۽ هٿيارن جي مدد سان عورتن کي ڌڪا ڏيندي حڪم ڏنو “سڀ قطار ٺاهيو! ها…. هن پاسي ٿيو….” ان دواران ٻن نقاب پوشن ڪمري جي دروازي کي پنهنجي ڊگهي بوٽ سان لت وهائي ڪڍي، دروازي جو تاڪ زور سان وڃي ڀت ۾ لڳو، نقاب پوش ڪمري اندر داخل ٿي جاچ پڙتال ڪرڻ لڳا، ٿوري دير کان پوءِ عورتن کي ڇڙٻيندي چيو “سڀ هن ڪمري ۾ اندر وڃو، ها ها….. هن ڪمري ۾…. ۽ ڪير به ٻاهر نڪرڻ جي همت نه ڪري نه ته….. سمجهو ٿا نه، ته برو حشر ٿيندو؟….. جلدي ڪريو…. جلدي هلو.” باقي اسان مردن کي قميضن کان پڪڙي گاريون ڏيندي، ماريندي ڪٽندي تذليل ڪندي ٻاهر هلڻ لاءِ چيو، ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ٿي ڇا ٿي رهيو آهي، مون صرف ايترو پڇڻ جي همت ڪئي “خير ته آهي سائين؟” ته هٿ جي اشاري سان نه ڳالهائڻ جو حڪم مليو. حڪم جي تعميل ڪرڻ جي باوجود به اهي سپاهي ڌڪا ڏيندا اسان کي گهر جي ٻاهر گهٽيءَ ۾ وٺي آيا، جتي اسان کان اڳ ٻيا پاڙي وارا هٿ پويان ٻڌي، ڀت ڏانهن منهن ڪري هيٺ ڪڪڙ لڳا ويٺا هئا. جنهن به هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ جي يا پاڻ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ان مٿان قنداڪن، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو پئي ٿي ويو. اسان خوف مان پنهنجا ڪنڌ هيٺ ڪري خاموشيءَ سان قطار ۾ ويهي رهياسين. هڪدم منهنجي ذهن ۾ خيال آيو، ڪٿي هي اهي ئي جادوگر ته ناهن، جن جي باري ۾ اڪثر مان ۽ چاچي سليمان وارا اخبار ۾ پڙهندا آهيون ته ماڻهن کي کنڀي غائب ڪري ڇڏيندا آهن. پويان سندن مائٽ پريشان رڙندا روئندا وتندا آهن، پوليس چوڪين ۽ ٿاڻن تان پڇائون ۽ ڳولهائون ڪندا آهن، جڏهن ڪٿان به پتو نه پوندو آهي ۽ ڪوبه پاڻ تي ذمواري نه کڻندو آهي ته مجبور ٿي ڪورٽ جو منهن ڪندا آهن ۽ جڏهن اتان به ڪجهه به ڪين ورندو اٿن ته پوءِ شهر جي روڊن، رستن، چؤنڪن، تي ته ڪڏهن وري پريس ڪلبن جي اڳيان احتاج ڪندي نظر ايندا آهن ۽ اعليٰ عملدارن کي منٿون ڪندا آهن “اسان جي لال، اسان جي ڀاءُ اسان جي وَر کي واپس ڪرايو، سندس تعلق ڪنهن به اعتراض جوڳي جماعت سان نه آهي، جيڪڏهن ڏوهي آهي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڪيس هلايو وڃي.” پر پوءِ به هر طرف خاموشي هوندي آهي، ڄڻ ته ڪنهن کي ڪن ئي نه هجن، ڪنهن ڪجهه ٻڌو ئي نه هجي، ۽ ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڪٿان ڪو لاوارث لاش هٿ ايندو آهي ته متاثر خاندان جا فرد تحرڪ ۾ اچي ويندا آهن، جيڪڏهن لاش سندن ناهي هوندو ته هڪ اميد جي آسري سندن تلاش ٻيهر جاري رهندي آهي. پر جيڪڏهن فوتي سندن هوندو آهي ته تلاش ختم ٿي ويندي آهي ۽ گهر ۾ ڪهرام مچي ويندو آهي، پيءُ جو سهارو هليو ويندو آهي، ماءُ جي جهولي خالي ٿي ويندي آهي، ڀيڻ کان ڀاءُ، زال کان وَرُ جدا ٿي ويندو آهي، ٻار يتيم ٿي ويندا آهن. هڪ شامت اچي ويندي آهي، ان خاندان مٿان هڪ قيامت برپا ٿي ويندي آهي.

هاڻي مونکي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته اسان جو ڳوٺ ڪشمير يا فلسطين جي ڪنهن سنسان وسنديءَ مثل هجي، جتي هر طرف گندرف جي بوءِ اچي رهي هجي، هر پاسي ڀڳل سامان وکريل هجي، گهٽيءَ جي هر ڪنڊ وٽ سپاهين جو جٿو الرٽ لڳو هٿيار تاڻيو بيٺو هجي، ڄڻ ته اجهو سندن ٽارگيٽ آيو، هي جوڌا جوان حملي لاءِ تيار هجن، ۽ مان ان شخص جيان هجان، جنهن جو واسطو آزاديءَ جي تحريڪ سان ته نه هجي، پر ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ مسلسل ڪرفيو جي سبب کاڌي پيتي جو سامان ختم ٿي وڃڻ جي ڪري پنهنجي پيٽ بکايل ٻارن جي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان وٺڻ لاءِ نڪتو هجان، ڪنهن دروازي ڀڳل دڪان مان کنيل، منهنجي هٿ ۾ ڪجهه بيضا ڏسي اهلڪار صرف ان خيال کان مونکي گرفتار ڪري شديد تشدد جو نشانو بڻائين ته متان هي هٿين خالي سرڦريو جوان اسان جي مٿان بيضن جو وسڪارو نه ڪري ڏئي.

مان پنهنجي خيالن مان اچانڪ ٻاهر آيس. جڏهن اسان مان خبر ناهي ڪنهن جهڪيل ڪنڌ اهو چيو “ڏسو! اسان کي صرف ايترو ٻڌايو ته اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟” جواب ۾ کيس سٺي مار سان گڏ اهو جواب مليو “اسان غير ملڪي جاسوسن جي تلاش ۾ آيا آهيون. هاڻي خاموش ويهي رهو ٻي صورت ۾ پنهنجي جان تان هٿ کڻو.” آواز ۾ ايتري ته ڪاوڙ، رعب ۽ دٻدٻو هو، جو ڪنهن کي وري ڳالهائڻ جي جرئت نه ٿي سگهي. ان وقت مان وري خيالن ۾ هليو ويس ۽ سوچيم پئي ته بيروزگاري، بک، بدحالي ايتري ته وڌي وئي آهي، جو اسان جي نوجوانن کي هڪ ويلي جي مانيءَ تائين پهچ ناهي ته پوءِ انهن جي ٻين ملڪن تائين پهچ ۽ وري سندن ايجنٽ ٿيڻ ڪيئن ممڪن پئي ٿي سگهيو. ٻيو ته وري اسان جي ڳوٺ جا ڇوڪرا ايترا به پڙهيل ناهن، نه ئي ايترو شعور رکن ٿا، جو ڪو اعتراض جوڳو ادب پڙهندا هجن، جنهن سان عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

ماضيءَ ۽ حال ۾ پڙهيو، ٻڌو ۽ ڏٺو آهي ته جڏهن ظلم انتها تي پهچندو آهي ۽ مرد جي آواز کي دٻايو ويندو آهي ته اسان جي ديس جون عورتون سر جا سڀ سانگ لاهي ميدان ملهائينديون آهن. ائين جڏهن خوف، دھشت سبب، اسان مان ڪنهن کي به ڪجهه به ڪڇڻ جي همت نه ٿي ته ڪنهن عورت جو آواز آيو، جيڪا نقاب پوش کان پڇي رهي هئي “توهان ڪير آهيو؟” نقاب پوش ڪابه ورندي نه ڏني، تنهن تي ان عورت ڪاوڙ منجهان هڪ دفعو وري ساڳيو سوال دهرايو، “ٻڌايو ڇونه ٿا ته ڪير آهيو  ۽ منهنجي پٽ کي ڇو ٿا وٺي وڃو؟”  تنهن تي ان نقاب پوش کيس رعب مان جواب ڏنو “ڏسين ڪونه ٿي ته ڪير آهيون؟”

“ڏسان پئي ته ڪير آهيو، پر توهان کي ڪنهن جو خوف آهي، جو منهن تي نقاب لڳايو اٿوَ. توهان لٽيرا آهيو، جيڪي اسان کان اسان جا ٻچا کسي رهيا آهيو.” نقاب پوش ڪاوڙ مان چيو “اسان غير ملڪي جاسوسن جي تلاش ۾ آيا آهيون، جن وٽ هٿيار ۽ بم آهن، هاڻي هل هتان ته پاڻ نه مارائين…” ان عورت ڳوٺاڻي انداز ۾ نقاب پوشن کي چيو “جيڪڏهن هٿيار ۽ بم هتان نه مليا ته توهان جا ئي هٿيار توهان جي…” نقاب پوش ان عورت کي دڙڪا ۽ ڌِڪا ڏئي گهر اندر ڪري، سندس گهر جو درواز ٻاهران بند ڪري ڇڏيو، ۽ سندس پٽ کي وٺي اسان سان گڏ ويهاري ڇڏيو. عورت بي ويس ٿي پئي ۽ گهر اندران مجبوريءَ مان چيائين “منهنجي پٽ کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو، هي هڪ ئي ته پٽ آهي، هن ڪو به ڏوهه ناهي ڪيو. هي بي ڏوهي آهي، معصوم آهي، توهان به ته ڪنهن جا اولاد آهيو ته پوءِ اسان جي اولاد سان اهڙو سلوڪ ڪيئن ٿا ڪري سگهو؟”

نقاب پوش صفا بي رحم ۽ خاموش راڪاس وانگر هئا، جن تي ڪنهن جي ڪنهن به ڳالهه جو اثر ٿي نه رهيو هو. ڏسندي ڏسندي هنن پاڙي جا تقريبن ويهارو مڙس گڏ ڪري هڪ قطار ۾ ويهاري ڇڏيا هئا ۽ اسان مٿان بکايل ڳجهن وانگر لامارا ڏئي رهيا هئا. ان نقاب پوشن مان ڪنهن هڪ جي فون جي گهنٽي وڳي. فون تي صرف “جي سر” جو جواب ڏئي اسان سڀني کي هڪ دفعو ٻيهر مارڻ شروع ڪيو، مون کي پنهنجي بي وسي ۽ لاچاريءَ تي ڪاوڙ اچي رهي هئي، پر ڪري به ڇا پئي سگهيس. هنن حڪم ڏنو “بلڪل سڌا ٿي بيهو….. لائين ٺاهيو،…. ها، ريل گاڏي وانگر….. هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکو….. ڪنڌ هيٺ هجي، بلڪل هيٺ….. مٿي نهارڻ جي ڪير به ڪوشش نه ڪري…..” ۽ ائين ئي ريل جي گاڏيءَ وانگر لائين بڻائي اڳتي وڌڻ لڳاسين. ڪجهه نقاب پوش اسان جي اڳيان ڪجهه وچ تي ۽ باقي اسان جي پويان هلڻ لڳا، ڪي الرٽ لڳا ساڻ هلي رهيا هئا ۽ ڪجهه بنا ڪنهن سبب ۽ ڏوهه جي مارڻ ۽ گاريون ڏيڻ جو اعليٰ ڪم سرانجام ڏئي رهيا هئا. ائين اسان کي ماريندا گهليندا ڪُٽيندا ڳوٺ کان ٻاهر وٺي آيا. اسان سڀ سخت ذهني پريشانيءَ ۾ مبتلا هئاسين ته آخر اسان کان ڪهڙي خطا ٿي وئي آهي، هي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي.

مان هڪ دفعو  ٻيهر سوچيندي ذهن تي زور لڳايو ته اسان مان ڪنهن به حڪومتي پاليسين تي ڪنهن به طرح سان ڪا به تنقيد يقين سان ناهي ڪئي، نه ئي ڪنهن دريائن جي منهن بند ڪرڻ تي ڪو اعتراض ڪيو آهي، نه ئي وسيلن جي ڦر مار تي ڪنهن آواز اٿاريو آهي، نه ڪنهن مذهبي يا سياسي شرپسند تنظيم سان واسطو آهي، نه ئي وري سوشل ميڊيا تي ڪنهن ڌاري آبادڪاري ۽ سندن رجسٽريشن تي اعتراضي پوسٽ رکي هجي، (ڇو ته سوشل ميڊيا تي اسان کي پنهنجا نوان فوٽو شيئرڪرڻ، لائيڪ ڪرڻ، ڪمينٽ ڪرڻ کان ئي واندڪائي ناهي ملندي) نه ئي وري ڪنهن گم ٿيلن جي جلسي ۾ وڃي ڪي شريڪ ٿيا هجن، يا ساڻن همدردي جا ٻول ٻوليا هجن. ڇو ته “هر وقت آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولها” جهڙي ڏچي مان آزاد ئي نه ٿيا آهيون ته ڪنهن ٻئي پاسي خيال وڃڻ ممڪن ئي ناهي. اچانڪ بوٽ جي لتن ۽ قنداڪن جي ڌڪن مونکي منهنجن خيالن کان ٻاهر ڪڍيو، مان هاڻي ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ انهن جي ڪارن شيشن وارين، سفيد وڏين گاڏين جي ويجهو اچي پهتو هئس. جٿي جي سربراهه کي وائيرليس تي اطلاع مليو ”Target achieved, leave the place at once“ سربراھه کائنس پڇيو “هنن ڳوٺاڻڻ جو ڇا ڪجي؟” جواب مليس “Leave them” نقاب پوش هڪ دم اسان مان هٿ ڪڍي، گاڏيون تيز ڊوڙائيندا نظرن کان غائب ٿي ويا. بعد ۾ خبر پئي ته اهڙي ڪارروائي ڳوٺ جي ٻئي ڪنڊ تي به ٿي رهي هئي، جتان چاچا فيض محمد جي ننڍي پٽ فاروق کي کنڀي کڻي ويا آهن، جيڪو سندن ٽارگيٽ هو.

فاروق سنڌ يونورسٽي ۾ فائنل ييئر جو شاگرد هو، هو انتهائي ذهين باادب ۽ سلڇڻو هو. سائنس، ادب، تاريخ سياست سندس پسنديدہ مضمون هئا. ساڻس ڪجهه مباحثن مان معلوم ٿيو ته هو هر مضمون ۾ گهري دلچپسي رکندڙ آهي. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهڙي ذهين ٻار جو ڪهڙو ڏوهه هو جي کيس کنڀيو ويو آهي. چاچي فيض محمد ڏانهن ملڻ ويس، جيڪو صدمي ۾ گهٽ پر فڪر ۾ گهڻو نظر آيو، شايد هو کنڀجي وڃڻ واري ڳالهه کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ھو، جيڪا مان کيس سمجهائي نه سگهيو هئس.

حد جي ٿاڻي تي رپورٽ ڪئي سون، ضلعي پوليس هيڊڪواٽر وياسون ڪٿان به ڪوبه ڏس پتو نه مليو، اخبارن ۾ بيان ڏناسون، پر ڪنهن جي به ڪن تي جون به نه سُري. ان سڄي وٺ پڪڙ ۾ پورا چار مهينا گذري ويا.

هڪ رات تقريبن هڪ بجي دروازو زور سان کڙڪيو، اکيون مهٽيندي درواز کولڻ کان اڳ پڇيم “ڪير” جواب آيو “پٽ مان فيض آهيان، جلدي ٻاهر اچ.” هڪدم دروازو کولي ساڻس مليم “چاچا خير ته آهي نه هن وقت پنڌ پيا آهيو، فون ڪريو ها، مان پاڻ هليو اچان ها.”

وراڻيائين “ها پٽ خير آهي، خوشيءَ جي خبر آهي، فاروق فون ڪئي آهي ته هن کي آزاد ڪيو ويو  آهي، ۽ هن کي ويجهو ئي ڪنهن سنسان جاءِ تي اڇلي ويا آهن، رات جي اونداهي جي سبب خبر نه پئي پئيس ته ڪٿي آهي. ان ڪري توهان ڏانهن آيو آهيان ته ساڻ هلندؤ ته هن کي ڳولڻ ۾ آساني ٿي پوندي.” وراڻيومانس “ها چاچا ڇونه، هلو ته هلون ٿا.”

مون چاچي فيض کان فاروق جو نمبر وٺي کيس ڪال ڪري پڇيو ته اهو اندازو لڳائي ٻڌائي ته ڪٿي ٿي سگهي ٿو. جواب ڏنائين “سنسان آهي، وڻ آهن، لڳي ٿو ڪو قبرستان آهي.” اسان جي ڳوٺ جي اٽڪل ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، وڏي شاهراهه جي ڀر ۾ هڪ قبرستان هو، هو اتي آس پاس ٿي پئي سگهيو. قبرستان جي ٻاهران مس پهتاسين ته اسان جي ٽارچ جي روشني ڏسي فاروق وڏي آواز اسان کي سڏڻ لڳو، اسان آواز ٻڌي ان طرف ڊوڙندا آياسين. فاورق هڪ وڻ جي ڀر ۾ ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو، وڏا وار، وڏي ڏاڙهي، ڦاٽل ميرا ڪپڙا، بلڪل ڪمزور، جسم تي سخت تشدد جا نشان ۽ ڦٽ هيس. اسان هڪدم کيس کڻي اچي گاڏي ۾ وڌو، گاڏي ڊوڙائيندا اچي اسپتال پهتاسون، جتي رپورٽن مان معلوم ٿيو ته سندس معدي ۾ السر ٿي پيو آهي، هڪ بڪي خراب آهي، پاسيريون ڀڳل اٿس.

ڪافي عرصو علاج ھلڻ بعد ڪجهه تندرست ٿي جڏهن فاروق گهر آيو ۽ مان کائنس سندس کنڀجي وڃڻ جو سبب پڇيو، وراڻيائين “ادا مونکي پاڻ کي خبر ناهي ته مونکي ڇو کنڀيو ويو هو، ها مان هڪ دفعي حيدرآباد ۾ پريس ڪلب وٽ مسنگ پرسنس لاءِ احتجاجي ريلي ۾ يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ شريڪ ٿيو هئيس، لڳي ٿو ته شايد ان سبب ڪري….. ۽ شايد اڻ وڻندڙ سرگرمين ۾ ملوث نه هجڻ جي ثابتي جي ڪري آزادي ملي هجي.”

مان اڪثر سوچيندو آهيان ته جيڪي کنڀي گم ڪيا ويندا آهن، ۽ جن جا چچريل لاش ملندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته انهن جو ڪو ڏوهه به هجي، پر جيڪي بي ڏوهي انهن عذاب خانن مان بي قصور ثابت ٿي موٽي ايندا انهن کي ڇا جي سزا ملندي آهي؟ انهن مٿان ٿيل ظلم جو ذميوار ڪير ھوندو آهي؟ جيڪي پنهنجي پوري حياتي بيمارين، ڊپ، خوف ۽ ڊپريشن ۾ گهاريندا آهن، ان خاندان جيڪو عرصو پريشانين ۾ گذاريو، جيڪي تڪليفون ڏٺيون ان جو حساب ڪير ڏيندو؟