بلاگ

اڇي چادر نصرت چانڊيو

ستاويهه سالن جي زليخان جو سمورو جسم سور ۾ پچرڻ لڳو، سندس آسمان ۾ اٽڪيل اکيون ڏرا ڏئي ويون ۽ انهن جي هيٺان ڪارا نشان پئجي ويا هئس، سندس اکيون هر وقت ان آس ۾ آسمان ۾ ٽنگيل هونديون هيون ته اجهو ڪو در کليو ۽ موت جو فرشتو اچي کيس هن پل پل جي عذاب مان آجو ڪري ويندو… پنجن مهينن کان هر گذرندڙ پل قيامت مثل ٿي پيو هئس، زمين وارن ته هن تي رحم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، پر آسمان واري کي به سندس اهڙي حالت تي رحم نٿي آيو ۽ سندس مرڻ واري آس پوري نٿي ٿي.

هوءَ پڪين سرن سان ٺهيل ٻن ڪمرن واري گهر جي پاسي ۾ ٻڪرين جي ڇَنِ ۾ پيل ڇڳل کٽ تي ستل هئي. هيٺين پاسي کان کٽ جو واڻ لڙڪيو ٿي، پيرن جون کڙيون واڏڻ جي وٿين مان هيٺ نظر اچي رهيون هيون اڻڀا اڻ ڇڏايل وار چيڙه ۾ گتل وهاڻي تي وکريل هئا، ڪي ڏينهن هئا جو زليخان کي سندس ڊگهن ڪارن ريشمي وارن تي ناز هوندو هو، هو جڏهن به آرسيءَ اڳيان بيهي انهن کي سنوارڻ لڳندي هئي ته پنهنجي منهن ئي مشڪي پوندي هئي، ڪيترائي ڀيرا سندس سئوٽ رضيه هن کي مذاق مذاق ۾ چئي ڏنو هو:

“زلي خدا ڪري منهنجا وار به تنهنجي وارن جهڙا ٿي وڃن يا تنهنجا وار ڇڻي وڃن، مٿي تي هڪ به وار نه رهئي…” ۽ پوءِ ٻئي سهيليون هلڪڙا هلڪڙا ٽهڪ ڏيڻ لڳنديون هيون. هاڻي جڏهن سندس وار تيزي سان ڇڻي رهيا هئا ته زليخان کي احساس ٿيندو هو ڄڻ رضيه جي اها دعا پوري ٿيندي هجي.

سندس ڌيءَ پٺاڻي هن ڏانهن پاڻي جو وٽو کڻي آئي، هاڻي ڌيءَ کانسواءِ هن ڏانهن ٻيو ڪير به نه ايندو هو. مکين جي ڀڻ ڀڻ جي ڪري زليخان کي ويتر بيقراري ٿي رهي هئي ۽ هن هٿن سان منهن تائين آيل مکين کي تڙيو ٿي. ايئن ڪرڻ سان به سندس تڪليف وڌيو ٿي وئي. ڪجهه ڏينهن اڳ منجهند جي وقت جڏهن رضيه هن سان ملڻ آئي ته سندس جهرندڙ حالت ڏسي هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ آهه ڀري آسمان ڏانهن ڏسندي هٿ جوڙي چپن ۾ ڀڻڪيو هئائين:

“رب سائين تون بندي جا عيب نه کول، سدائين انهن کي ڍڪي رک.” رضيه کي ان ڳالهه جو به ارمان ٿيو ته ڇا هي اها ئي زليخان آهي جنهن تي جواني آئي هئي ته اوڙي پاڙي جا جوان ڇوڪرا ۽ ڪي پڪا مرد به هن سان لائون لهڻ جا خواب ڏسڻ لڳا، هئا جڏهن چيلهه جيڏا ڊگها وار سڳي ۾ ٻڌي ٻاهر نڪرندي هئي ته مرد سندس پيرن ۾ وڇائجي ويندا هئا، ڪو انڌو ئي هوندو جيڪو زليخان جو حُسن ڏسي کيس پهرين نظر ۾ دل نه ڏئي ويهي، رنگ به ڀورو هئس، وڏيون ڪاريون ڪجلا ڏيندڙ اکيون، هاڻي ته هوءَ هڏن جو پڃرو ٿي پئي هئي، ڄڻ جسم تي ماس ئي نه هجيس، ڪارا ريشمي وار به باقي وڃي بچيا هئس، اکيون به ڏرا ڏئي ويون هئس ۽ انهن جي هيٺان ڪارا نشان اچي ويا هئس… رضيه سندس اهڙي حالت گهڻي دير نه ڏسي سگهندي هئي ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون، هوءَ کيس بنا ڪجهه چئي ٻڌي سڏڪا ڀريندي هلي ويندي هئي.

پنج مهينا اڳ زليخان رڌڻي ۾ ڪاٺ جي صندلي تي ويهي منجهند جي ماني پچائي رهي هئي، هن ٿلهي ڪاٺي کي باهه ڏانهن سوريو جو اوچتو کيس کاٻي ڇاتي ۾ سور جي سٽ پئي، سور به اهڙو سور جو اکين آڏو اونداهه اچي ويس، هوءَ مٿي کي هٿ ڏئي سور جي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي، کيس سيني ۾ ساڙي جو احساس به ٿيو، ڄڻ ڪنهن سندس کاٻي ڇاتي تي تنور ۾ ٻرندڙ ٽانڊا رکي ڇڏيا هجن، کيس ساهه به منجهندي محسوس ٿيو، هوءَ جسم جي سموري سگهه گڏ ڪري صندلي تان اٿي ڪمري ۾ آئي ۽ کٽ تي ليٽي، شام تائين ويتر سور وڌڻ لڳس، کيس اهو به احساس ٿيو ته سندس کاٻي ڇاتي، ساڄي ڇاتي کان وڏي ٿي پئي  آهي ۽ ان وڏي ٿيندڙ ڇاتي ۾ ئي سور پيو ٿيس. شام جو جڏهن ٻٽيهه سالن جو عيدن گهر وريو ته زال کي بنا پاڻي جي مڇيءَ جيان تڙپندو ڏسي، ڄڻ روح ۾ چنڊڙي لڳس. چنڊڙي لڳيس به ڪيئن نه ها… عيدن هن سان پيار جو پرڻو جو ڪيو هو، 11 سال اڳ جڏهن منجهند مهل زليخان ماني پچائي ٻنين کان موٽي رهي هئي ته دڳ تي عيدن سان اکيون چار ٿيون هئس، سندس سهڻو مک ڏسي عيدن وائڙو ٿي ويو هو ۽ انهيءَ مهل دل سندس پيرن ۾ ڪڍي رکي هئائين، عيدن به ڪو گهٽ ڪونه هو، ڪڻڪائي رنگ جو ويڪري سيني وارو ڊگهو همراهه، سدائين اکين ۾ سرمو پائي گهمي، وارن کي سنوارڻ لاءِ هر وقت کيسي ۾ ننڍڙي ڦڻي رکي، مٿي تي چمڪندڙ شيشا لڳل ٽوپي پائي ٻاهر نڪري. عيدن سندس گهر وارن کي صاف صاف چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن هو شادي ڪندو ته زليخان سان ئي ڪندو نه ته وڃي واهه ۾ ٽپو ڏيندو… پٽ جي اهڙي ضد تي سندس ماءُ زليخان وارن ڏانهن سڱ وٺڻ وئي ۽ سندن شادي به ٿي وئي. شادي جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد زليخان پيٽ سان ٿي ۽ اڳتي هلي کيس ڌيءَ ڄائي.

هڪ شام جو زال جي حالت خراب ڏسي عيدن ڀڄندو وڃي ڊاڪٽر اسماعيل کي وٺي آيو، زليخان هڪ وڏي چادر ويڙهي ويهي ڊاڪٽر اسماعيل کي اوچتي سور بابت ٻڌايو ته هو شڪجي پيو ۽ عيدن کي چيائين:

“هن کي جلدي شهر کڻائي وڃ، ڳالهه ڳري ٿي لڳي.”

سج لٿي مهل عيدن گاڏي ڪرائي آيو ۽ زليخان کي ڀر واري شهر جي اسپتال کڻائي آيو، جتي خبر پئي ته زليخان کي ڇاتي جو ڪينسر ٿي پيو آهي ۽ ان جي ڪري سندس وڌيل ڇاتي ڪٽڻي پوندي. اهو ٻڌي عيدن جي پيرن هيٺان ڄڻ ڌرتي ڪسڪڻ لڳي هئي، هوريان هوريان زليخان سندس دل تان لهڻ لڳي. مٿان وري هر گذرندڙ ڏينهن سان زليخان جي حالت ويتر خراب ٿيندي ٿي وئي، هن زليخان کي ٻڪرين جي واڙ ڇن ۾ هڪ ڇڳل کٽ ڏئي کيس ائين ويساري ڇڏيو ڄڻ هوءَ ڪو رديءَ جو سامان هجي. زليخان جي بيماري جي ٻئين مهيني ئي عيدن وري مال متاع ۽ ڪم ڪار جو بهانو ڄاڻائي پرڻجڻ جو فيصلو به ڪري ڇڏيو.

هڪ ڏينهن پٺاڻي ماءُ جي پاسي کان ويهي کيس ٻانهن ڏئي مٿي ڪيو ۽ هن کي وٽي مان پاڻي پيارڻ لڳي، زليخان ٻه ٽي سرڪيون ئي مس ڀري سگهي ۽ وري ليٽي پئي، پٺاڻي وٽي مان آڱريون ٻوڙي ماءُ جي منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هنيا ۽ اٿي وڃڻ لڳي، زليخان ڌيءَ کي ويندو ڏسي مرڪڻ لڳي، کيس سندس جواني جا ڏينهن ياد اچي ويا. پٺاڻي به سونهن ۾ ماءُ جيان ئي هئي، ساڳيا ئي نيڻ نقش هئس، جڏهن ڄائي هئي ته ڌيءَ جو سڱ ۽ ڪج دائي حليمان ناڙو وڍي سندن حوالي ڪندي ٻارڙي جي سونهن تي مشڪندي چيو هو:

“هيءَ ته پٺاڻي آهي.” بس انهيءَ ڏينهن کان هن تي پٺاڻي نالو پئجي ويو. پٺاڻي وڃي يارنهن سالن جي ٿي. ٽي مهينا اڳ رات جو پڌر تي ستل هئي جو کيس آلاڻ محسوس ٿي ۽ ڇرڪ ڀري اٿي، جڏهن هن کي جسم مان هرو ڀرو رت نڪرڻ جو احساس ٿيو ته هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي، کيس اهو ڊڄ ٿيو ته ماءُ واري بيماري هن ۾ به اچي وئي آهي، پر پوءِ رضيه کيس سمجهايو ته هن هاڻي جواني جون بهارون ڏسڻ شروع ڪيون آهن. جڏهن عيدن کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته هن ڪاڪي ولڻ وارن سان ڏيتي ليتي تي سڱ ڪيو، پر اهو شرط رکيائين ته ننگر اڃا ڪجهه وقت هتي رهي.

پٺاڻي کي  ويڳي ماءُ جي طرفان، زليخان جي حصي جي مليل ڪم ۾ ئي سج چڙهي ايندو هو ۽ اسڪول دير سان پهچڻ تي ماسترياڻي جا دڙڪا ويتر هيسائي وجهندا هئس.

ٻه ڏينهن اڳ زليخان جي حالت صفا هٿان نڪري وئي ۽ فجر جي نماز وقت سندس روح جو پکي جسم جي پڃري مان آزاد ٿي آسمان ڏانهن اڏام ڀرڻ لڳو. پٺاڻي ماءُ جي ڏک ۾ بي حال ٿي پئي. ٽيجهي کانپوءِ گهر مان اوڙو پاڙو پري وارا مٽ مائٽ ڇڙي ڇانڊي ٿيا.

پٺاڻي روز جيان صبح سان تري ڀڳل تغاري ۾ پراڻي پنڊي وجهي گند جي کوڙ جي ڀرسان پراڻي رلهي جي پور جون اڳڙيون کڻي سينهو ٺاهي پراڻي جاءِ ڏي ڇيڻن جون ڇهه تغاريون ٿڦي هٿ ڌوئي خالي پيٽ ڪتاب کڻي اسڪول وئي، کيس ماءُ جو اهڙو ته ڏک رسيو جو هوءَ هر وقت وڃايل وڃايل ۽ سوچ ۾ ٻڏل رهڻ لڳي. جنهن جي ڪري هوءَ پڙهڻ ۾ به پٺتي ٿيڻ لڳي. هوءَ رسيس دوران به ڪلاس ۾ ئي ويٺي رهندي هئي راند روند ۾ به دلچسپي نه رهي هئس، کيس رڳو اڪيلو ويهي ماءُ کي ياد ڪرڻ ۾ ئي مزو ايندو هو. موڪل جو گهنڊ وڄڻ کانپوءِ شاگرد خوشي ۾ رڙيون ڪندا وٺي ڀڄندا هئا:

“موڪل ٿي وئي… موڪل ٿي وئي…” يا وري ڪو شرارتي ٻار وڏي واڪي رڙ ڪري چوندو هو:

“او جيڪو کٽي آيو خير سان…” ان تي وڏا ٽهڪ لڳي ويندا هئا.

پر پٺاڻي کي ان ڳالهه جو پتو به تڏهن پوندو هو جڏهن  اسڪول جو پٽيوالو صابر، جيڪو عيدن جو سئوٽ به هو، اهو ڪلاس کي تالو ڏيڻ لاءِ ايندو هو ته پٺاڻي کي بئنچ مان ڪتاب ڪڍي هٿ ۾ ڏيئي کيس اسڪول جي پويان واري ڀت جي ڀڪ ۾ بيٺل ٻير مان ٻير پٽي ڏيندو هو، ان ٻير جي هو ٻارن کان حفاظت ڪندو هو.

ٿورو وقت گذرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن پٺاڻي جي ويڳي ماءُ عيدن کي چيو:

“ادا وارن نياپو ڪرايو آهي ته هاڻي صابو کان رهيو نٿو ٿئي ۽ شادي جي تاريخ ٻڌو.”

“ها صحيح آهي، کين چئج جيڪا تاريخ اهي ڏين اسان کي قبول آهي.” عيدن زال جي زلفن سان کيڏندي چيس.

ٻئي ڏينهن کان پٺاڻي جو اسڪول وڃڻ بند ڪيو ويو.

سندس ماءُ پٺاڻي جي ڏاج لاءِ ست رليون جنهن ۾ ٽي ٽڪ ۽ چار ٽڪرن مان ٺهيل ڦيري جون رليون ۽ پنج وهاڻا ٻه جوڙا سڳيون، پنج اڳٺ، ڪٽ جي ٿالهي، وٽو، ٽوپي ٽنگي مان گڏ ڪيا هئا ۽ چار سونيون ڪيوٽيون جيڪي زليخان کي وهنجارڻ مهل مُلياڻي لاٿيون هيون سي سڀ پيتيءَ ۾ رکيل هيون، شادي جا ڏينهن مٿي ته چڙهي آيا ته مهمانن جي اچ وڃ به شروع ٿي، پٺاڻي جي اوستا محمد ۾ رهندڙ  ماسي به آئي، سندس ماسي ڏاج ٽانڪڻ ۽ ڪنوار جي کاڌي پيتي جو خيال رکڻ شروع ڪيو. شادي جي رات ڳاڙهي وڳي ۾ سينگاري سڀني سهيلين کي ٻاهر ڪڍي ماسي ڪجهه ضروري هدايتون ڏنيون. ماسي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رازداريءَ واري انداز ۾ چيس:

“امڙ توکان ڪا غلطي ٿي هجي ته ٻڌائي، انسان خطا جو گهر آهي تنهنجا ساهرا ڏنگا ماڻهو آهن پکي ۾ ئي ڪنوار کي ماري ڇڏيندا آهن.”

اهي جملا ٻڌي پٺاڻي جا ڇيهه ڇڏائجي ويا ۽ ڪجهه گهڙيون اکيون ڇنڀندي رهي.

ڪجهه دير کانپوءِ پٺاڻي جي ساڄي اک مان هڪ ڳوڙهو ڳل تي ليڪ ٺاهيندو اچي جهولي ۾ ڪريو.

ڳاڙهي وڳي تي جڙيل هيري جو ڏيک ڏيڻ لڳو.

“چاچا صابر…” پٺاڻي سڏڪن ۾ نالو کنيو.

ماسي سمجهي وئي ۽ رڌڻي ۾ وئي، کاري هيٺان رکيل گوشت جي ٻوٽي کنئين ۽ ڪڙي ڀڳل ڪوپ ۾ پاڻي ڍڪ وجهي کڻي اچي دريءَ تي رکيل ٿانون سان گڏ رکيائين.

پٺاڻي کي ڀاڪر ۾ ڪندي سمجهائڻ شروع ڪيائين:

“تنهنجو مڙس جيئن ئي پيشاب جي لاءِ ٻاهر نڪري ته ڪوپ ۾ پيل ڪپهه جو ٻڙو ڪڍي اڇي چادر تي هڻي پنهنجي پاڪائي جو ثبوت ڏجانءِ، مون کي ماهواري ساڻ هجي ها ته مان پنهنجا داغ اڳواٽ ئي اڇي چادر تي هڻي ڇڏيان ها!! پر مٺڙي ايئن ڪرڻ نه وسارجانءِ اڇي چادر ئي تنهنجي جان بچائي سگهندي.

***