خاص

بجلي جا اگهه گذريل سال وڌيا ويا پر نوٽيفڪيشن هاڻي جاري ٿيو آهي: مفتاح اسماعيل

ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته بجلي جا اگهه گذريل سال وڌايا ويا، جن جو نوٽيفڪيشن هاڻي جاري ٿيو آهي. مفتاح اسماعيل مقامي هوٽل ۾ نيشنل بجيٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته هن بجيٽ کي وڌيڪ ساراهيو ويو آهي، بجيٽ ۾ گھڻيون شيون مجبورن ڪرڻيون پيون، مفتاح اسماعيل چيو ته بجلي جا اگهه گذريل سال وڌايا ويا، نوٽيفڪيشن هاڻي آيو آهي، جيڪڏهن پاور سيڪٽر کي نه سڌاريو ويو ته ملڪي معيشت ٻڏي ويندي، 1100 ارب رپيا هن سال پاور سبسڊي لاءِ ڏنا ويا، نيپرا جو سسٽم گھڻو ڳنڀير آهي، هڪ ڪلاڪ لڳو سمجهڻ ۾ ته ڪيئن بلنگ سسٽم ڪم ڪري ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال ترقياتي بجيٽ 550 ارب رپيا مختص ڪئي وئي، ايندڙ سال لاءِ ترقياتي بجيٽ 800 ارب رپيا رکي وئي آهي، گيس جي شعبي جو گردشي قرض 1500 ارب رپين تائين وڌي چڪو آهي. قرضن جي ادائگي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ 79 سيڪڙو قرض ورتو آهي، پاور سيڪٽر جي سبسڊيز ٻيو وڏو ڳنڀير مسئلو آهي. مفتاح اسماعيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2500 ۽ گيس سيڪٽر جو قرض 1500 ارب تائين آهي، توانائي جي شعبي جو قرض 4000 ارب ٿي چڪو آهي، هن سال پاور سيڪٽر کي 1100 ارب سبسڊيز ڏنيون ويون، اسان جو بلنگ ۽ فيصلي ڪرڻ جو نظام دنيا ۾ ناقص ترين آهي، ملڪ ۾ اگهه مقرر ڪرڻ جو طريقيڪار گھڻو پراڻو آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ مون کي گھڻو وقت لڳو، اسان فرنس آئل تي پراڻا پلانٽس هلائي رهيا آهيون.