جيءَ جهروڪا ڪتاب تي تبصرو عاشق چانڊيو July 2021
پاڻ ماھتاب محبوب جي خاڪن جو ڪتاب ”جيءَ جھروڪا“ ھٿ ڪيو آهي، پڙھي ويا آهيون سو ھاڻي ڪجھ ڪتاب جون ڳالهيون ٿا ڪريون. خاڪن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته جيڪو خاڪو ماڻھو جو مڪمل تعارف پيش ڪري وڃي، پڙھندڙ جي ذھن ۾ سندس تصوير چِٽي ٿي بيھي ته اھو خاڪو ڪامياب آهي. ان بنياد تي ته ھي خاڪا بلڪل پورا لھن ٿا کڻي جو سندن ڄمَ جون تاريخون ڪونھن، پر ڇا تاريخ سان ئي تعارف ٿو جُڙي؟ بلڪل نه ۽ ان جو ثبوت ماھتاب محبوب جا ھي خاڪا آھن. خاڪا نئين نسل کي پراڻي نسل سان ملائڻ جو سٺو سنئوڻ آھن. ايئن ماھتاب محبوب جا ھي خاڪا نئين نسل کي پراڻي نسل سان ته ملائين ٿا، پر ان نسل سان به ملائين ٿا جيڪو ھاڻي پرديسي بڻجي ويو آهي. ان پرديسي نسل ۾ موھن ڪلپنا آهي، رام پنجواڻي، ھري موٽواڻي، ارجن شاد، ٽھل رام آزاد، گوبند پنجابي ۽ پوپٽي ھيرا ننداڻي آهن. ھي سڀ اھو نسل آهي جيڪو ھاڻي پرديسي بڻيل آهي ۽ پنھنجي ديس جي ھڪ جھلڪ پسڻ ڪارڻ آتو ته آهي، پر کيس اهو حق به حاصل ناھي جو هو مهمان طور اچي هن ڌرتيءَ تان ڀيرو ڀڃي وڃن ۽ ھو پنھنجو ديسُ، پنھنجي سنڌ ڏسڻ لئه تڙپندا ٿا رھن. اُھا سِڪ، اھا تڙپ جڏهن کين گھڻو ستائي ٿي ته ھو ڇا ٿا چون؟ پڙھو موھن ڪلپنا جي خاڪي مان موھن جي زباني:
”ماھتاب، جتي مون جنم ورتو، رانديون ڪيون، اھو وطن ان جا شھر ۽ ماڻھو ھر چوٿين رات خواب ۾ اچن، ڪڏھن ته ھر رات سوچان؟ انسان بنجڻ کان جيڪر ڪراچي جي رستي تي ھلندڙ ڪو گاڏو ھجان ته گھٽ ۾ گھٽ منھنجي جسم جا ڪي حصا… ان گاڏي جا ڦيٿا، پنھنجي زمين سان گسجندا ھلن ھا.. مان محسوس ڪريان ھا ته جنھن مٽيءَ مون کي جنم ڏنو آهي مان ان سان جڪڙيو پيو ھجان ھا… ڪاش ھڪ دفعو مان سنڌ ڏسان…“ ھن ڏاڍي حسرت مان چيو ۽ پوءِ ڄڻ ڪنهن سان خيالي طرح مخاطب ٿيو…
”بابا مون ڇڏيون سڀئي ڳالهيون، جنھن کي جيئن کپي تيئن وڃي جيئَنُ، پر ٻيلي مون لاءِ منھنجي وطن جو رستو کوليو… مون کي سنڌ اچڻ ڏيو.“
اِھا آهي اُن پرديسي نسل جي پيڙا جن سان اسان کي ماھتاب محبوب گھر ويٺي ملايو آهي. ماھتاب محبوب جو نثر وڻندڙ رھيو آھي ۽ ھي ڪتاب به سندس اُن وڻندڙ نثر جو ھڪڙو اعليٰ مثال آهي. ھڪڙي ڳالھ مان پير حسام الدين راشدي صاحب جي خاڪي مان به پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.
اُھا اِھا آهي:
”راشدي صاحب کي قومي يا انقلابي نغمن کان ڏاڍي بُڇان ٿي وٺي، کلندي چوڻ لڳو؛ قوم کي گاني سان سجاڳ ڪبو آهي ڇا؟ قوم گاني سان سجاڳ ٿي پوندي ڇا؟ شاعري قوم يا وطن لاءِ نه صرف دل لاءِ ھوندي آھي.“
سڀ خاڪا پڙھڻ وٽان آهن، پر ٽي خاڪا جيڪي طويل ته آھن، پر اھڙي وڻندڙ انداز ۾ لکيل آهن جو طوالت محسوس ڪرڻ نٿا ڏين. اھي خاڪا آھن؛ سنڌي ٻولي جو بي تاج بادشاهه، ساگر کان گھرو.. ھيري کان سخت ۽ ڪرتبن جو ڪوڏيو ۽ اھي خاڪا آھن نسيم کرل، موھن ڪلپنا ۽ الطاف عباسي جا. ڏنل نالن سميت ٻيا خاڪا رشيد ڀٽي، امر جليل، تاج بلوچ، ثميره زرين، رشيده حجاب ۽ حميد سنڌي تي لکيل آهن. ھي سڀ خاڪا انھن شخصيتن تي جيئري ئي لکيا ويا آهن جو ليکڪه صاحبه لکي ٿي ته:
”جيڪا صداقت ڀري سوچ حيات ليکڪن جي نمبرن ۾ ملي ٿي سا مرحوم ليکڪن جي مبالغي ڀريل نمبرن ۾ ڪٿي؟“
ھي ڪتاب مون کي ڏاڍو وڻيو آهي توھان کي جيڪڏهن ڪٿي ملي وڃي ته ضرور پڙھجو. ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ۽ مُھڙيون پنو ڦاٽل آهي تنھنڪري خبر ناھي ته ڪتاب ڪڏهن جو شايع ٿيل آهي، پر جيڪو ڪتاب جو مھاڳ لکيل آهي ان ۾ مھاڳ لکندڙ جي نالي ھيٺيان سن 1982ع لکيل آهي ۽ اھو مھاڳ علي احمد بروھي جو لکيل آهي ۽ زبردست لکيل آهي وڻندڙ پيرائي ۾، مھاڳ ضرور پنهنجي تعريف ڪرائي ٿو. آخر ۾ مان ڪتاب مان ڪجھ چونڊ جملا رکان ٿو.
* ساراهه جي طلب ته پروردگار کي به رھندي اچي.
* خط به دل جيان آهن بند ٿيا ته بند ٿيا، نه ته ھلندا ھلن.
* سنڌي ھڪ وسيع زبان آهي جنھن ۾ ھيرن جھڙي لفظن جي وڏي کاڻ آهي جيڪا ٻي ڪنھن ٻوليءَ ۾ چڱي نموني ترجمو نه ڪرڻ سبب ڪوئلن جي کاڻ ۾ تبديل ٿيو وڃي.

