حياتيءَ کي خطري بابت بيان تي حڪومت جي عمران خان کي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي آڇ
وزيراعظم شهباز شريف عمران خان کي فوري طور تي چيف سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. گھرو وزارت پاران وزيراعظم شهباز شريف کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سيڪيورٽي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم گھرو وزير کي هدايت ڪئي ته عمران خان کي بهترين سيڪيورٽي ۽ فوري طور تي چيف سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪيو وڃي. شهباز شريف چيو ته صوبائي حڪومتون عمران خان کي جلسن دوران سيڪيورٽي فراهم ڪن. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران پنهنجي حياتي کي خطري بابت بيان تي وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله معاملي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.

