خاص

حڪومت اپوزيشن جي استعيفائن فيصلي تي لُڏي وئي آهي: قمرالزمان ڪائره

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائره جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي استعيفائن واري فيصلي سبب حڪومت لُڏي وئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ قمرالزمان ڪائره چيو آهي ته حڪومت 370 بجاءِ اپوزيشن سمورن ميمبرن کي به گرفتار ڪري پر پوءِ به لاهور جو جلسو ضرور ٿيندو ڇو ته حڪمران ڄاڻن ٿا ته لاهور جي جلسي کانپوءِ هنن جي بچيل ساک به ختم ٿي ويندي. هن چيو ته سرگرم ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس چڪر هڻي رهي آهي پر اسان گهٻرائڻ وارن مان ناهيون، لاهور جي ڪيترن ئي عهديدارن کي پوليس طرفان ڌمڪي وارا فون اچي رهيا آهن.