ادبڪهاڻيون

روايت ڊاڪٽر هوت ڪيشواڻي

برسات به بيهڻ جو نالو نٿي وٺي هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، هوءَ ڇنل کٽ جي اوٽ وٺي پسڻ کان بچڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي. سندس مٿان پيل رلي به هنڌان هنڌان ڦاٽل هئي. هن رڙ ڪري سندس پوٽيءَ کي سڏ ڪيو.

اڙي ڇوري او ڇوري هيڏانهن اچ.

ڏسين نٿي آئون سيءَ ۾ ڏڪان پئي منهنجي ڪا ڪنڌي ڪر.

ڇوري: ڏاڏي ترس اسين ٽپڙ ته سڌا ڪريون. اهو اٽو جيڪو پِن جو مليو آھي پُسي ويندو پوءِ ماني ڪٿان کائيندينءَ هاڻي اتي ئي پئي هج ٿوري دير ۾ مينهن وسڻ بند ٿئي ته ڪو ساهه پٽيون.

هوءَ ڇوري کي ڏسندي رهي، هن کي ٻوڏ کان اڳ واريون برساتون ياد اچي ويون. اها ساڳي شاخ جي پٽڙي ساڳيو وسڪارو هو سندن گهر ٻڏي ويو هو. گهر ڪهڙو هو هڪ تئو چار ڪاٺيون ۽ پٽ تي مٽي جو راڳو.

چوڌاري زميندار جون ساريون، جيڪي هاڻي سنگ جهلي رهيون هيون، پر سانوڻ جون موجون هن جي من ۾ باھ ٻاري رهيون هيون، اها باھ انهن سارين جي ٻڏڻ ۽ ڇڙڻ جي هئي.

هن سوچيو ته اسان جي ڪئي ڪمائي ڪٿ برباد نه ٿي وڃي، هي پاڻي ڪيڏانهن ويندو.

سم جو نيڪال بند آھي، جيڪا اڳ ئي تار تار لڳي پئي آھي، هي جي وري ٽٽي ته…

بس ايئن ئي ٿيو ۽ سر بچائي اچي شاخ جي پٽڙي تي ويٺا هئا.

هن جو ڌيان ڇوريءَ جي رڙ ٽوڙي ڇڏيو.

ڇوري: ڏاڏي او ڏاڏي،

ها ها ڇا ٿيو، برسات جهڪي ٿي آھي ٻاهر اچ رلي لاهي.

ڏاڏي، نه نه ڀلي مينهن بند ٿئي پوءِ ٿي سڪايان، اۡس ته نڪري.

هي وري سوچن ۾ گم ٿي وئي، هن کي الائي ڇو اڳ واري برسات جون يادون وري وري ڊپ جا اولڙا کڻي ڀيانڪ روپ وانگي سندس سامهون آيون.

ڇوري: ڏاڏي او ڏاڏي، ها ها ها (ڏاڏي ٽهڪ ڏيندي).

ڏاڏي تون اڄ ڏينهن ڏٺي جو خواب پئي ڏسين ڇا، من ۾ ڪهڙو ڊپ ورائي ويو اٿئي، خواب ۾ ڪو جن ڏٺو اٿئي ڇا.

ڏاڏي: نه ڙي ڇوري.

تون پاڻ کي ڍڪ، گندي سولي ڪر، چولو ڦاٽو پيو اٿئي ان کي ڍڪ.

هوءَ ڪپڙا درست ڪرڻ لڳي، سندس جواني به هاڻي ڪر کڻڻ لڳي هئي.

سندس رنگ ڪڻڪائو، قد پورو پنو، سنها چپ، وڏيون اکيون، کلڻ تي سندس ڳل ڳاڙھا ٿيو ٿي ويا.

ڏاڏي کي ڊپ ورائي ويندو هو، هوءَ روز روز پٽ سان وڙھندي هئي ته چاچين وارن کي چئو ته پنهنجي امانت وٺي وڃن، نڪاح ته ٿيو پيو آھي، هن جي ڪنڌي ڪر ته آئون سک سان مري سگهان.

ڇوري: ڏاڏي برسات بند ٿي وئي آھي آئون سامهون واري وڻن وٽان ٿوريون ڪاٺيون کڻي ٿي اچان ته ماني پچايون نه ته بک مري وينداسين.

اهو چئي هوءَ ڪاٺيون کڻڻ نڪري وئي.

بچايو: امان آئون وڃان ٿو ڇنڊ وٽ ڪسي ڪڍان ته پاڻي سارين مان نڪري وڃي نه ته زميندار مان ڦاسي وينداسين.

تون ٿورو ڌيان ڏيئي ويھ.

ڏاڏي: ابا هيءَ کٽ اڀي ڪري رلي وجهي ڇڏ ته ان جي اوٽ ۾ ويهي ٿي سنڀال ڪريان، پر ٿورو پٽڙي کان پاسيرو ڪج متان ننڍو زميندار گاڏي کڻي چڪر تي اچي.

بچائي کٽ اڀي ڪئي. رلي رکي، ڪوڏر کڻي هليو ويو.

هوءَ کٽ جي اوٽ ۾ ويهي رهي ۽ پنهنجي حال تي سوچڻ لڳي ته هن جي ڪنن تي گاڏي جو آواز پيو، هن کي ڊپ ورائي ويو ۽ سوچون وري ڪر کڻڻ لڳيون.

زميندار مشين کٽ جي پاسي ۾ رکرائي ڇڏي.

هن جي مڙس کي پاڻي سم ۾ ڪڍڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو.

کيتان: (ڏاڏي جي ننهن) سامهون ويٺي ماني پچائي.

زميندار: ڇوڪري ٻه مانيون منهنجون به پچائي، آئون به تنهنجي هٿن جي ماني کائيندس.

کيتان اٽو ڳوهيندي مٿي واري گندي ٺاهي ڇاتي کي ڍڪيو ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري هاڪار ڪئي.

ڏاڏي زميندار جي نظرن کي سمجهي وئي ۽ جلد ڪم ڇڏي چلھ جي ٻئي پاسي اچي ڪاٺيون ٺاهڻ جي بهاني ويهي رهي ته جيئن زميندار جيڪو سامهون کٽ تي ويٺو هو کيتان کي نه ڏسي سگهي.

ڏاڏي زميندار کي، سائين اسان وٽ ته دال به ڪونهي جو توکي کارايون اسين مرچن سان کائينداسين، باقي مانيون حاضر آھن.

زميندار: اڙي چري هن جي هٿن جون ته رکيون ئي مزي واريون هونديون، ها ها ها.

ڏاڏي پريشان ٿي وئي ۽ پنهنجي پٽ جي اچڻ جو بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳي.

زميندار واهي کي سڏ ڪندي، وڃ گاڏيءَ مان پاڻي کڻي اچ ۽ پريان کير به وٺيو اچ.

هو مشين کي هلندو ڇڏي گاڏي ڏانهن ڀڳو، جيڪا زمين جي ٻئي پاسي بيٺل هئي.

زميندار: ڇوڪري هٿ ڌوئي هيڏانهن اچ ۽ پنهنجي پاسي ۾ پيل پسٽل ھٿ ۾ کنيو.

زميندار ڏاڏي کي، مائي تون هوڏانهن پريان ٿي ويھ.

کيتان ڊپ ۾ ڏڪي ڏڪي ويجهو آئي زميندار کيتان کي ٻانهن مان جهليو ۽ کيس پسٽل ڏيکاريندي ٻنهي کي چپ ڪرائي ڇڏيو.

اونداھ ٿي وئي هئي ۽ ٻئي گڏ روئي رهيون هيون.

بچايو: امان زميندار ڪيڏي مهل ويو مشين ڇو بند ٿي وئي تيل کٽي ويو ڇا، واهي ڪيڏانهن ويو.

ڏاڏي کيتان جي منهن ۾ نهاريو، ٻنهي جي اکين مان پاڻي وهي رهيو هو،

برسات به زور سان وسڻ لڳي، پر اکين جي برسات ۽ ڪڪرن جي برسات ۾ وڏو فرق هو.

ڏھ مهينا پورا ٿيا، ڇوري ڄائي، کيتان ڇوري کي ڄڻيندي ئي دم ڏنو، پر ڏاڏي کي سورن ۾ وجهي وئي.

ڇوري جي سونهن ڏسي ڏاڏي پريشان ٿي وئي، سندس رنگ، اکيون ۽ موڪري پيشاني ته هوءَ ننڍي زميندار جي ڄمڻ جي خوشي تي پينگهي ۾ لڏندي ڏسي آئي هئي.

ڇا ڪري ڪٿي لڪائي،

هارن جي آواز تي ڏاڏي اکيون پٽيون.

ننڍو زميندار، مائي ستي پئي آھين ڇا، ڪيڏانهن ويا سڀ، بچايو ڪٿي آھي.

ڏاڏي: ابا سائين تون آھين ڇا، بچايو ڪسي کڻڻ ويو آھي، برسات هاڻي بند ٿي آھي ٻيو ته ڪير آيو ئي ڪونهي.

ننڍو زميندار: واهي ڪونه آيو ڇا، اهو چوندي چپ ٿي ويو.

ڏاڏي ڏٺو ته هو وائڙن وانگر ڇوري کي ڏسي رهيو هو، جيڪا ڪاٺيون سندس گندي ۾ ٻڌي کڻي پئي آئي سندس چولو سندس ڇاتي کي پورو نه پئي ڍڪي سگهيو ۽ برسات ۾ پسيل هئڻ ڪري اڃا سڪو ئي نه هو سندس ڪڻڪائو رنگ سندس ڪپڙن مان ٻاهر نڪري باهه جا شعلا ڪڍي رهيو هو.

ننڍو زميندار گاڏي مان لهي اچي کٽ تي ويٺو ۽ ور ۾ لڳل پسٽل ٻاهر ڪڍي ڇوري ڪاٺيون هيٺ رکيون ته هن سٽ ڏيئي کيس جهلي کٽ تي ڪيرايو ۽ پسٽل ڇوري جي مٿي تي رکيو.

اونداھ ٿي وئي هئي ۽ برسات پنهنجي روايت موجب وسڻ لڳي.

***