سنڌ جي ڊاڪٽر عامر گڏاڻي لئه يو اي اِي گورنمينٽ پاران اعزاز عرب امارات مان August 2021
سنڌ جي ڊاڪٽرکي گڏيل عرب امارات حڪومت پاران اعزازي گولڊن ويزا ڏيڻ جو اعلان. ابوظهبي..
سنڌ جي شهر گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر عامر گڏاڻي جيڪو ڪافي سالن کان گڏيل عرب امارات جي ابوظهبي رياست ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي، سندس خدمتن جي عيوض متحده عرب امارات جي حڪومت ۽ ابوظهبي جي صحت جي شعبي کيس ڏهن سالن جو فري گولڊن ويزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڊاڪٽر عامر گڏاڻي يو اي اِي جي مشهور ۽ نالي واري اسپتال ميڊي ڪلينڪ اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ گذريل ست سالن کان وٺي ڪم ڪري رهيو آهي.
ڪورونا جي پهرين ۽ ٻي لهر دوران ڊاڪٽر گڏاڻي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڀرپور نموني سان ڪورونا وارڊ ۽ ڪووڊ آءِ سي يو ۾ ڪم ڪري يو اي اِي فرنٽ لائين هيرو جو اعزاز پڻ ماڻيو.
ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر عامر گڏاڻي جو چوڻ هو ته کيس انتهائي خوشي ٿي رهي آهي جو گڏيل عرب امارات جي حڪومت کيس سندس اهل خانه سميت ان ويزا لاءِ نامينيٽ ڪيو آهي. ڪورونا هڪ وبا آهي، جنهن جي خلاف سڀ ڀرپور نموني سان جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين.
هن قسم جا اعزاز ڪنهن به شخص جي لاءِ حوصلا افزائي لاءِ ڪافي هوندا آهن ته جيئن سندن ۽ سندن اهل خانه جو مستقبل محفوظ رهي. ان سلسلي ۾ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پڻ ڊاڪٽرن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي جو هو پاڻ کي محفوظ سمجهي سگهن.
ڊاڪٽر گڏاڻي پنهنجي شروعاتي تعليم سنڌ جي شهر گهوٽڪيءَ مان حاصل ڪئي. ميڊيڪل جي ڊگري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ هو ڊپارٽمينٽ آف هيلٿ يو اي اِي جو امتحان پاس ڪري ابوظهبي ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيئي رهيو آهي.
***

