خاص

سنڌ سرڪار مختلف کاتن ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتيون روڪي ڇڏيون: 5000 اميدوار رلي ويا

سنڌ سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڪاليج ايجوڪيشن، ماحوليات، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، آبپاشي، توانائي، راندين توڙي ثقافت سميت مختلف کاتن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن، اسسٽنٽ انجنيئرن، سبجيڪٽ اسپيشلسٽن سميت ٻين پوسٽن تي ڀرتين وارو عمل روڪي ڇڏيو. سروسز کاتي جي اختيارين پبلڪ سروس ڪميشن کي خط لکي انٽرويو ۽ لکت ٽيسٽ وارو عمل اڻڄاڻايل مُدي تائين روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سروسز کاتي جي خط کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هلندڙ مهيني رٿيل لکت وارو امتحان ۽ انٽرويوز روڪڻ جو سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو. ڀرتين واري عمل ۾ بريڪ لڳڻ بعد مختلف کاتن ۾ 120 کان وڌيڪ پوسٽن تي ڀرتيون رولڙي جو شڪار، 5 هزار کان وڌيڪ اميدوار به پريشان ٿي ويا آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ سرڪار ظاهري ڪو سبب ڄاڻائڻ بنا ڪميشن امتحان ذريعي 17 هين گريڊ ۾ ڀرتين وارو عمل روڪرائي ڇڏيو. ذريعن موجب ڄاڻايل کاتن ۾ 17 هين گريڊ جي 120 کان وڌيڪ خالي پيل جاين تي ڀرتين وارو عمل هلندڙ هو، جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر، نوابشاهه،  گھوٽڪي، بدين، شڪارپور، مٽياري ۽ ٻين ضلعن جي 5 هزار کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو. امتحانن ۽ انٽريوز جو شيڊيول اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ٿيڻ ۽ ڀرتين کي بريڪ لڳڻ سبب اميدوار پريشان ٿي ويا آهن. ان حوالي سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار جي ايندڙ حڪمن تائين ڀرتين وارو عمل روڪيو ويو آهي.