بلاگخاص

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه قسط: 7 (آخري)

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط: 7 (آخري)

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

الطاف شيخ

سنگاپور جهڙن ملڪن کي ڪو اڪيلو هلائڻ سولو ڪم نه آهي. سنگاپور اهو زمين جو ٽڪرو آهي جتي نه باغ ۽ پوکون آهن نه معدنياتي شيون: ٽامو، پتل، تيل يا گئس، ٻيو ته ٺهيو پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي جيڪو اڄ تائين وڏي اگهه تي پائيپن ذريعي ملائيشيا کان خريد ڪن ٿا… پر پوءِ دنيا ڏٺو ته لي ڪئان يو هن ننڍڙي ملڪ ۽ ماڻهن کي ماڊرن ۽ خوشحال بڻائي ڇڏيو. هن سڀ کان گهڻو زور امن امان ۽ انصاف تي ڏنو. ٻئي نمبر تي تعليم ۽ پوليس کاتي تي ڏنو… ان بعد واپار تي. سنگاپور ۾ ته نه پوک هئي نه ڪارخانا فيڪٽريون، پوءِ هتي جا ماڻهو هڪڙن ملڪن مان شيون گهرائي ٻين کي وڪڻڻ لڳا. چيني هنرمند ته هئا، هو ريڊيو ٽي وي کان جهازن تائين جي مرمت ڪرڻ لڳا. لي ڪئان يو پنهنجن ماڻهن کي تلقين ڪئي ته موڪلن جو گهٽ سوچيو. اسان جي ڪمائي “سروس” ۾ آهي، يعني ٻئي جي خدمت ڪرڻ سان ڪمائي ٿئي ٿي، ان ڪري موڪل واري ڏينهن به ڪو جهاز مرمت لاءِ اچي وڃي ٿو ته ان جي مرمت ڪريو. ان کي تيل پاڻي يا جيڪا شيءِ کپي اها دڪانن تان خريد ڪري پهچايو… نتيجي ۾ ڇا ٿيو جو اسان جهاز وارا هر وقت سنگاپور وڃڻ جو سوچڻ لڳاسين جتي بنا وقت ضايع ٿيڻ جي موڪل واري ڏينهن به جهاز جي repair لاءِ ورڪشاپ وارا پهچي ويا ٿي. کاڌي پيتي کان جهاز جي اسپيئر پارٽن تائين هر شيءِ مهيا ٿي وئي ٿي ۽ پوءِ آهستي آهستي سنگاپور کي جهازران ۽ هوائي ڪمپنيون به پنهنجون ٿي ويون. تعليمي ادارا به ايترا وڌي ويا ۽ انهن جو معيار ايڏو اتاهون رکيو ويو جو اسان جي ملڪن جا ماڻهو به اڄ اعليٰ تعليم لاءِ سنگاپور جو رخ اختيار ڪن ٿا. نه ته 1980ع تائين به سنگاپور ۽ ملائيشيا جا ماڻهو پڙهڻ لاءِ اسان جي يونيورسٽين ۾ ايندا هئا. اڄ سنگاپور ايڏو خوشحال ۽ هر سهولت وارو ملڪ آهي. جو ڪنهن سنگاپوريءَ جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ بدلي ٿئي ٿي ته هن جو منهن لهيو وڃي… اهو ايئن آهي جيئن ڪراچي يا حيدرآباد جي رهاڪوءَ کي نوڪري ملي مٺي، کپرو يا گهوٽڪي موڪلجي. ايشيا جي ملڪن ۾ سنگاپور اهو ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ وڃڻ چاهين ته بنا ويزا جي وڃي سگهن ٿا، ويندي آمريڪا (USA) ۾ به. ان جي ڀيٽ ۾ اسان ڏسون ته ڪو زمانو هو جو اسان بنا ويزا جي جاپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ پئي وياسين ۽ اڄ اسان کي بنگلاديش، دبئي ۽ نيپال جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ به ويزا لاءِ پريشان ٿيڻو پوي ٿو. سريلنڪا ئي هڪڙو ملڪ هو جتي وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه هئي… ان ملڪ لاءِ به ٻُڌجي پيو ته گذريل مهيني کان اسان جي ماڻهن تي بنا ويزا جي سندن ملڪ ۾ وڃڻ تي بندش هڻي ڇڏي آهي.

“لي ڪئان يو” جيتوڻيڪ جمهوريت کي قائم رکيو، پر ان ۾ ڪجهه پنهنجون ڳالهيون به سختيءَ سان مڃرايون. جيئن اخبارن کي آزادي هوندي به هن اخبارن تي سختي ڪئي ٿي، خاص ڪري جيڪڏهن هنن ڪنهن خبر کي سنسني خيز بڻائي باهه ڀڙڪائي ٿي، جنهن سان مذهبي، لساني يا قومي هنگاما ٿي سگهن. هو اجاين جلوسن جلسن جي به خلاف هو. ڏياري، پونگل، لائن ڊانس، ڪرسمس ڊي جهڙا خوشيءَ جا جشن ملهائڻا آهن ته ڀلي ملهايو… جيئن سک يا چيني رنگين ڪپڙا پائي سنگاپور جي رستن تي نچن ٽپن ٿا ته سٺي ڳالهه آهي. سنگاپور ۾ آيل ڌاريان ٽوئرسٽ به ان قسم جا جشن ڏسي خوش ٿين ٿا. اندران گانڌيءَ جي قتل وارن ڏينهن ۾ آئون سنگاپور هئس. دهلي ۾ سکن سان ٿيل ظلمن جي خلاف سنگاپور جا سک روڊن تي نڪري آيا ۽ انڊيا حڪومت خلاف نعرا هڻڻ شروع ڪيا. لي ڪئان يو هڪدم حڪم جاري ڪيو ته ان قسم جي مسخري ڪرڻي اٿوَ ته انڊيا وڃي ڪريو هتي ڪوبه “هنگامو” يا “گوڙ گهمسان” نه ڪريو. سک ويچارا چُپڙي ڪري گهر هليا ويا. ان سان گڏ ٻين کي به سبق/نياپو ملي ويو. اسرائيل جو وزيراعظم سنگاپور آيو ته ملائيشيا جي ملئي مسلمانن سان گڏ سنگاپور جي ملئي ماڻهن به احتجاج ڪيو. “لي ڪئان يو” کين اکيون ڏيکاريون ته “سڌا ٿي هلو، اسان کي هر ان ملڪ جي عزت ڪرڻي آهي جيڪو اسان سان سٺو ٿو هلي.” ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنگاپور کي جڏهن شروع وارن ڏينهن ۾ اڪيلو ڪيو ويو هو ته ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ ڊفينس لاءِ سنگاپور جي نوجوانن کي اسرائيل ۽ انڊيا ٽرينڊ ڪيو. هونئن به انڊيا جا سنگاپور سان ويجها تعلقات ان ڪري آهن جو سنگاپور جا تامل ڏکڻ هندستان جا آهن ۽ سنگاپور جڏهن انگريزن جي هٿ هيٺ هو ته اهو “مدراس پريزيڊنسي” ۾ آيو ٿي جيئن سنڌ ۽ عدن ٻئي “بامبي پريزيڊنسي” ۾ هئا. هينئر به “لي ڪئان يو” جي وفات تي انڊيا هڪ ڏينهن جو سوڳ ملهايو آهي.

سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ گهٽ هجڻ ڪري “لي ڪئان يو” هر فيملي تي گهڻا ٻار ڄڻڻ تي سختي ڪئي. مون کي ياد آهي انهن ڏينهن ۾ سنگاپور جي بندرگاهه کان ٻاهر نڪربو هو ته جتي ڪٿي “STOP AT TWO” جا بل بورڊ نظر ايندا هئا، يعني “بچي دو هي اڇي.”

اڄ به سنگاپور ۾ جنهن کي ٻن کان وڌيڪ ٻار ٿين ٿا انهن کي حڪومت طرفان سهولتون گهٽ ملن ٿيون. “لي ڪئان يو” زال ڳولڻ جي سلسلي ۾ به پرچار ڪئي ته جيتري قدر ٿي سگهي گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪرين سان شادي ڪريو.

انگريزن جي ڏينهن کان اسڪول ۾ ڪيننگ (لڪڻ سان مار ڏيڻ) جاري هئي. لي ڪئان يو ان کي جاري رکيو، جو هن جو اهو ئي خيال هو ته ڏنگن ٻارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ ڏنڊو ضروري آهي. نه رڳو شاگردن لاءِ پر نشي پتي جي ڏوهارين ۽ ڀتين تي لکڻ وارن (Vandals) لاءِ به ڪيننگ قائم رکي. ان تي ڪافي ملڪن اعتراض ڪيو، پر لي ڪئان يو ڪنهن جي به نه ٻڌي. ملڪ جي هر نوجوان لاءِ ٻه سال فوجي سکيا وٺڻ پڻ لازمي ڪئي ۽ اسڪولن ڪاليجن ۾ پڙهائي سان گڏ رانديون، تقريرون ۽ ڊبيٽنگ ضروري ڪئي. لي پاڻ به سٺو ۽ محنتي شاگرد هو ۽ سندس تعلق امير خاندان سان هجڻ جي باوجود ٻي جنگ عظيم دوران ڏکيا ڏينهن اچڻ تي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هن هٿ جو پورهيو ڪيو… خاص ڪري Stik fas برانڊ جو کونئر پاڻ ٺاهي وڪرو ڪيو. ان ڪري لي چاهيو ٿي ته سندس ملڪ جا ٻار به محنتي ٿين ۽ جيڪو پاڻ کي پڙهڻ ۾ هوشيار نٿو سمجهي، اهو ميٽرڪ بعد واڍي، اليڪٽريشن، پلمبر يا درزي وغيره جو هنر سکي ان فيلڊ ۾ ماهر ٿئي. تعليم جو معيار هن تمام مٿانهون رکيو، جنهن ڪري سنگاپور جي گريجوئيٽ کي جتي ڪٿي نوڪري مليو وڃي.

لي ڪئان يو جي ڪاميابين تي چين به حيرت کائيندو رهيو ٿي. چين جي حڪمران دينگ زيائوپنگ (Deng Xiaoping) جي ڏينهن ۾، چين کان 2200 آفيسر سنگاپور ۾ خاص ان بابت سکيا وٺڻ لاءِ موڪليا ويا ته ملڪ کي ڪيئن خوشحال بڻائجي، ان کي ڪيئن ترقي وٺرائجي. آمريڪا جو صدر رچرڊ نڪسن چوندو هو ته لي جيڪڏهن آمريڪا يا يورپ ۾ هجي ها ته هن جو قد ڪاٺ چرچل، ڊسرائيلي ۽ گلئڊ اسٽون برابر هجي ها. برطانيه جو وزير اعظم ٽوني بليئر چوندو هو ته: “Lee is the Smartest leader I ever met”

انگلينڊ جي ميڊم تسائو جي ميوزيم ۾ لي ۽ سندس زال کي مرڪندو ڏيکاريو ويو آهي. سال 2014ع ۾ A Luxury we cannot afford نالي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن جو اهو عنوان لي جي هڪ اڻ پسند چوڻيءَ تان آهي. لي چوندو هو ته شعر ۽ شاعري جهڙين شين تي وقت ضايع نه ڪريو، ان جي بدران ڪنهن ڪم جي ڳالهه ڪريو.

“Poetry is a Iuxury we cannot affored… What is important for pupils is not literature, but a philosophy of life”

لي ڪئان يو ڪيترائي ڪتاب لکيا، جيڪي دنيا اندر وڏي دلچسپي سان پڙهيا وڃن ٿا. سڀ کان گهڻو مشهور يادگيرين جا ٻه واليوم آهن The Singapore Story ۽ ٻيو From Third World to first ان کان علاوه لي جا ٻيا ڪجهه مشهور ڪتاب آهن:

Keeping Mandarin Alive هن ڪتاب ۾ لي ڪئان يو جو چيني زبان سکڻ جو تجربو آهي.

Hard Truths to keep Singapore Going.

The Wit & Wisdom of Lee Kuan Yew.

One Man’s View of the World.

…(پورو ٿيو)…