سڄي سنڌ ۾ ڪاروبار سميت ۽ ٻيون سرگرميون شام 6 وڳي ختم ڪرڻ جو حڪم
سنڌ ۾ بزنس سينٽر ۽ مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رهنديون جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي رڳو ضروري واپار جي اجازت هوندي. سنڌ جي گهرو کاتي نيشنل ڪمانڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي هدايتن تي ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز جي حوالي سان حڪم نامو جاري ڪيو آهي جنهن موجب سمورين اندرين اجتماعن، بزنس سينٽرن، سينيما، جيمخانه ۽ راندين جون سرگرميون بند ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي، بزنس سينٽرز ۽ مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رهنديون، ڇنڇر ۽ آچر تي رڳو ضروري واپار جي اجازت هوندي، ريسٽورينٽس ۾ کليل جاءِ تي ماني کائڻ جي اجازت هوندي جڏهن ته رات 10 وڳي تائين ماني گهر کڻي وڃڻ ۽ هوم ڊليوري جي اجازت هوندي. سنڌ جي گهرو کاتي هدايت جاري ڪئي ته سمورن سرڪاري، خانگي آفيسن ۽ عوامي ماڳن تي فيس ماڪس پائڻ تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، ڇت جي هيٺان شادي جي تقريبن تي پابندي لاڳو آهي جڏهن ته شادي جي تقريب کليل مقام تي ڪري سگهجي ٿي جنهن ۾ 200 مهمانن جي اجازت هوندي ان کان سواءِ بوفي تي پابندي لاڳو هوندي. تقريب رات 9 وڳي تائين جاري رهندي، مهمانن کي باڪس پيڪ کاڌو ڏيڻ جي اجازت هوندي. سنڌ جي گهرو کاتي سرڪاري ۽ خانگي ادارن کي گهر ۾ ويهي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته 50 سيڪڙو اسٽاف کي گهرايو وڃي.

