عظيم پروهت جي خودڪشي امداد ڪانهيو May 2021
پڪي کان پرڀرو، وڏي بند جي اڍ ۾ آباد پُراڻو ڳوٺ، پنهنجي قدامت ۾ ڪجهه ورهين جون يادگيريون سانڍڻ لڳو هو، پر ڳوٺ کان سامهون اوڀر ۾ اڏجي ويل نئون شهر، هاڻي ڀر وارن ٻين ڳوٺن کان تڪڙي ترقي ۾ ڏٺو ٿي. شهر جي سيراندي پاسي کان گذرندڙ مُلڪ جي وڏي ۽ ڊگهي رستي جي مُستقل آمد و رفت ئي شهر جي تڪڙي ترقي جو سبب هئي، پر ڳوٺ اڃان اُتي ئي هو جتي ڪي ورهيه پهريان هو. رات جو شهر جون بتيون اُن ڳوٺ کان چِٽيون ٿي نظر آيون ۽ وڏي رستي تي هلندڙ گاڏين جا آواز ڳوٺ ۾ ٻُڌجڻ سان ايئن ٿي لڳو، جيئن اُهو رستو ڄڻ صفا ڪو سڏ پنڌ تي ئي هُجي!!.
ڳوٺ کان پرڀرو انهيءَ ڊگهي رستي جي ڊگهي پُل تي هڪ وکريل ۽ وڃايل شخص گهڻي دير کان بيهي هيٺ درياءَ کي جاچي رهيو هو ته رڪشا واري سندس ڀر ۾ اچي بيهندي چيو، “ڪيڏانهن شهر….!؟”.
ويران شخص درياءَ کي ڇڏي مُڙي رڪشا واري کي ڏٺو ۽ پوءِ نهڪر ۾ پنهنجو ڪنڌ لوڏيندي انڪار ڪري ڇڏيائين ته رڪشا وارو خالي اڳتي ويندي خار مان چوڻ لڳو، “خودڪشي ٿو ڪرڻ چاهين ته بيٺو هُج ڀلي!.” ۽ رڪشي وارو تکو اڳتي شهر ڏي روانو ٿي ويو، پر اُن شخص پنهنجي چپن ۾ چيو، “حالات ته اهڙا ئي ڪري ڇڏيا اٿئو جو هاڻ خودڪشي ئي ڪري ڇڏجي… پر اِها خودڪشي ئي آهي جيڪا ٿئي نٿي!”.
پُل ٿي بيٺي اُنهيءَ شخص سوچيو، “جيڪو پاڻ ماري نٿو سگهي، اُن کي ٻيا مارڻ لاءِ ڪيڏو نه آتا هُجن ٿا!، لفظن سان، عملن سان، ڪِرتن سان… مون کي صديون ماري نه سگهيون، پر هنن جي بي عقلي ته ماري ئي پئي!”.
هُو پُل تي بيهي سوچيندو رهيو ۽ زينت پنهنجا هراسيل ٻار وٺيو انهيءَ وڏي رستي ڏي واڪيو ٿي وئي، ڏهن ورهين جي علي بهار جا ٻئي اُگهاڙا پير، پيچري جي تپندڙ واري ساڙي رهي هُئي، جُتي ته زينت جي پيرن ۾ به نه هُئي، پر هُوءَ به سال ڏيڍ جي ننڍڙي ثقلين کي ڪڇ تي کنيو تِکو وئي پئي.
علي بهار ماءُ جي اڳيان اڳيان ويو پئي ته ساڻس گڏ ستن اٺن ورهين جي ڀيڻ تهمينه به پنهنجي وِک پُڄائيندي پئي آئي، ننڍڙي تهمينه جا پُراڻا ڪپڙا هنڌان هنڌان ڦاٽل اُڊڙيل ۽ علي بهار جا اُگهاڙا پير ڏسي زينت سوچيو، “هنن انگ اگهاڙن ٻارن جا پير تپندڙ واريءَ ۾ جام سڙن پيا!”، پر زينت اڄ فيصلو ڪري ورتو هو، “هيءَ تپندڙ واري پير ساڙيندي روز اسان جا لِڱ ۽ روح ساڙيو وڃي!، ان کان ته بهتر اهو آهي جو اڄ ئي اسان پنهنجا پير ساڙي ڇڏيون!”.
“هنن کي ايئن ڏسي مان پنهنجي بيوسين ۾ پئي لُڇان… پر… پر هنن سڀني مسئلن جو حل بس اِهوئي آهي ته هڪ ڀيرو ئي مڪمل پير ساڙي وٺجن!.”
زينت سوچيندي ٿي وئي ته گڏ ئي پنهنجي پاڻ کان پڇندي ۽ پاڻ ئي پاڻ جواب ڏيندي ٿي وئي، اکيون اُگهندي به ڳوڙها هر هر وهي ٿي آيس، “رن گهر جي ڳالهه گهر ۾ ڍڪي پئي هوندي، مڃ به کڻي ۽ هاڻ ضد ڇڏ به!”.
ڏير جنهن ورهين کان کيس تڪيو ٿي، تنهن اڄ بُهاري ۾ کيس اڪيلو ڏسي منجهس اچي هٿ وڌا هئا ۽ هُوءَ سٽ ڏئي پاڻ ڇڏائي ڀڳي هُئي ته ڪيئي ريهون سندس اندر ۾ دٻجي رهجي ويون هيون. “ڪنهن کي دانهن ڏيان؟. منهنجي دانهن ته منهنجي مٿان ئي الزام ٿي پوندي… خُدا جو بيواهه ڪيم ۽ رنڙ!!.”
هُوءَ سوچن ۾ پڄرندي هلندي رهي ته علي بهار جيڪو سوير کان هلندي هر هر مُڙي پوئتي ماءُ ڏي نهاريندو به پئي ويو، تنهن هلندي وري جو لنئوڻو هنيو ته ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙهن جو سمنڊ ڏسي ورتائين ۽ سندس وِک ڍري ٿي پئي، “امان… او امان…!!، تون روئين پئي!؟”، علي بهار هلندي ماءُ کان پڇيو.
زينت جي نِڙيءَ مان ڪو گُفتو نڪري نه سگهيو، پر هڪ سُڏڪو گُهٽجي نِڙيءَ ۾ اٽڪي پيس ۽ هُن جو وڏو پُٽ بهار ڪُجهه سمجهي نه سگهيو ته امان روئي ڇو پئي؟، هُو اڄ ڪيڏانهن پيا وڃن!؟، واپس ڪڏهن ورندا؟، بهار هلندي سوچيو پئي، پر تڏهن به زينت ٽنهي ابهم ٻارن سان ديوين جي جُهنڊ مان ويندڙ اُنهيءَ واريءَ جي پيچري تي خاموش سُڏڪندي وئي پئي.
ڪجهه دير ۾ زينت سهڪندي وڏي رستي جي اُڀي چڙهائي، مٿي چڙهي پڪي رستي تي پهتي ته بهار آمهون سامهون وهندڙ ٻنهي وڏن جاڙن رستن کي ڏسي بيهي رهيو، زوڪاٽ ڪندي ڪئي ننڍيون وڏيون گاڏيون ڊوڙنديون ويون ٿي، ڪي ڀريل ٽرڪون وزن سان سٿيل هوريان هليون ٿي ته ڪي تکيون، انيڪ گاڏيون ڏسندي بهار سوچيو، “اسان ڪهڙي گاڏي ۾ چڙهنداسين!؟ ۽ اڄ اسان ڪيڏانهن وينداسين؟، ڳوٺ ته پوئتي رهجي ويو آهي!”.
اڳتي وڌندي زينت بيٺل بهار جي ٻانهن جهلي سٽ ڏني ته تهمينه چيو، “امان رستو اچي ويو آهي، ڪجهه دير ساهي کڻون پيرن ۾ جام سُور آهي!”.
“سڀ سُور ختم ٿي ويندا سِگهو!”، زينت پنهنجا ڳوڙها پيئندي چيو، “هُو ڏس باقي ٿورو پنڌ… اِجهو پهتاسين…
سامهون نهاريندي بهار ۽ تهمينه جو تجسس وڌي ويو، ٻارن کي لڳو سامهون ڪا گاڏي بيٺي آهي، جنهن ۾ چڙهي هُو روانا ٿيندا، پر اُتي ڊگهي پُل کانسواءِ ٻيو ڪُجهه به نه هو!، ٻار اڳتي وڌيا ته زينت ڪڇ کنيل ننڍڙي ثقلين کي ڪڇ تان لاهي پنهنجي سيني سان لڳائي ورتو.
ڊگهي پُل جي وچ تي پُڄي زينت اُمالڪ اُداس ٿي پئي، اُتي بيهي ڪي پل زينت اڳ ۾ بيٺل اجنبيءَ شخص ۽ پوءِ هيٺ درياءَ کي نهاريندي رهي ته ٻئي ٻار ماءُ کي تڪيندا رهيا، نيٺ ماءُ کي مايوس ڏسي بهار پڇيو، “ڇا ٿيو امان؟، گاڏي نه آئي!؟”.
“هان… ڪُجهه نه!”، زينت خيالن مان نڪرندي چيو، “گاڏي اچي ويندي ٿورو اڳتي هلون ٿا… اڳتي… ڪُجهه،
“اڳتي به خالي واريءَ آهي پاڻي نه!”، زينت ٻار سنڀاري وک کڻڻ واري هُئي ته اُنهيءَ اجنبي جي آواز تي بيهي رهي ۽ ٻئي ننڍا ٻار اجنبيءَ شخص کي ڏسڻ لڳا.
“پاڻي هتي ناهي، پر اڳتي ڪٿي هوندو ئي!”، زينت پريان نهاريندي پري کان نظر ايندڙ سنهي ليڪي جهڙي واهڙ کي ڏسندي چيو، پر اُن اوپري اجنبيءَ شخص وري چيو، “اُهي ته پاڻي جا دُٻا آهن بس… جيڪي ڪنهن به وجود جا پورا انگ لِڪائي نٿا سگهن!”.
“دُٻن کان اڳتي وڌيڪ پاڻي هوندو الائي نه…!!”.
“وڌيڪ پاڻي ته بس هاڻ اکين ۾ هوندو آهي!”، چاپئين ڏاڙهي ۽ ويڪري مُنهن واري اُن شخص چيو، “سُٺو آ ته ماڻهو… پنهنجي اکين جي پاڻي ۾ ئي خودڪشي ڪري ڇڏي!”.
اجنبيءَ جي واتان خودڪشي جو لفظ ٻُڌي زينت ڇرڪي پئي ۽ بهار ماءُ کان پڇيو، “امان خودڪشي ڇا ٿيندي آهي؟”.
“هُون… ڪُجهه نه!”، زينت ڪجهه سوچيندي بهار کانپوءِ انهي شخص کي چيو، “اکين جي پاڻي ۾ ٻُڏندي ڪاش ساهه نڪري وڃي ها ته سُٺو هو… پر ايئن ٿئي نٿو!”.
“هتي ماڻهن جي عملن ئي اکين جي پاڻي ۾ ٻُڏي مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آ!، اکين ۾ جيڪو ٻُڏي مري ٿو سو وري نه اُٿي ٿو ۽ هونئن به درياءَ ته پاڻ سڀني کان گهڻو اڳ ئي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي”.
اوپري اجنبيءَ شخص هيٺ لاهي ۾ اُڏامندڙ واريءَ ۽ واريءَ جون ڀرجي ويندڙ ٽراليون ۽ ڊمپر نهاريندي چيو، “ناسمجهي ۽ بي علمي ته درياءَ جو پيٽ ئي چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي”.
“ها درياءَ جو دامن ته خالي ويران ۽ ڀڙڀانگ لڳو پيو آهي!”، زينت نراسائي مان چيو، “پر تڏهن به مان وڌيڪ جيئڻ نٿي چاهيان!”.
“جيئڻ ته مان به هاڻ هنن وٽ نٿو چاهيان، پر تڏهن به مري نٿو سگهان.. پر تون ڇو ٿي مرڻ چاهين!؟؟”، اجنبيءَ شخص جي سوال تي زينت درياءَ جو سينو ڇڏي پهريون ڀيرو اُن اجنبي شخص کي نهاريو ۽ پوءِ خاموش خاموش هُوءَ کيس ڏسندي رهي، ڪجهه دير جڏهن ڪنهن به نه ڳالهايو تڏهن زينت بس هڪ وڏي آهه ئي ڀري سگهي.
زينت اونهو ٿڌو ساهه کنيو ته اُن شخص وري پڇيو، “ٻُڌائي ڇا تون به صدين کان سُور سهندي ٿڪي پئي آهين؟ يا توکي به ڪنهن ڀُونڊا ڏئي تنهنجو ڪنڌ نوايو آ؟”.
“ڀُونڊا…!؟”.
“ها ڀُونڊا…”.
“ڀُونڊن جي ته خبر ناهي، پر هزارين چڪ منهنجي هانءُ جي هڏ ۾ هنيا ويا آهن”. زينت هيٺ پنهنجي پيرن ڏي نهاريندي چيو، “مرڻ سواءِ هاڻ ٻيو ڪرڻ لاءِ مون وٽ رهيو ئي ڇا هي ڀلا؟”.
“پوءِ به آخر…”
زينت جي اکين جا ڳوڙها جيڪي سُڪي پيا هئا سي وري رم جهم ٿي وسي پيا، هُن ثقلين کي پنهنجي هانءُ سان ڀڪوڙي ورتو، ننڍڙي تهمينه سندس ٽنگن ۾ چنبڙي پئي ته هُوءَ پنهنجو ٻيو خالي هٿ هراسيل وياڪل بهار جي اڻڀن وارن ۾ گُهمائڻ لڳي!.
“هتي اُس جام آهي!”، اجنبي چيو، “سُري هِن لوهي بورڊ جي ڇانوَ ۾ ويهه ٻارن کي اُس اڃارو پئي ڪري!”.
زينت پهريون شخص ڏٺو هو جنهن کيس ۽ سندس ٻارن کي ڇانوَ پئي آڇي، زينت ڪجهه ڪُڇي ان کان پهرين بهار چيو، “امان گاڏي ايندي نه؟”.
“ها پُٽ گاڏي ايندي ضرور ايندي!”، زينت بجاءِ اُن شخص چيو، “تنهنجو نانءُ ڇا آهي بابا؟”.
“بهار…”
“بهار…. معنى آئيندو!”.
بهار ماءُ جي پُٺيان ٿي بيٺو ۽ زينت پنهنجا ڳوڙها جيڪي پگهر سان رلي ملي ويا هئا، اُهي اُگهندي روڊ ڇڏي لوهي بورڊ جي ڇانو ۾ اچڻ لڳي، تڏهن هُن زينت کان پُڇيو، “ٻُڌائي ڇو ٿي هنن ابهم ٻارن سان گڏ خودڪشي ڪرڻ چاهين!”.
زينت روڊ ڪناري مٿي بورڊ جي ڇانو هيٺ ويهندي چيو، “مان نٿي چاهيان هي بهار وڏو ٿي ڪو قاتل رهزن بڻجي!”.
“قاتل رهزن!؟”
“ها قاتل، رهزن، ڦورو ۽ لٽيرو… مان هنن کي پڙهائي انسان ٺاهڻ ٿي چاهيان، پر مان ته هنن جو پيٽ ئي پالي نٿي سگهان ته پڙهايان ڪيئن!؟”.
“تنهنجو مُڙس…”
“منهنجو مُڙس مارجي ويو”
“ٻيا مٽ مائٽ عزيز…”
“سڀ آهن پر…”
پر جهڙا ناهن…!”
زينت هيٺ ڌرتي تڪيندي چيو، “جهان سمورو مون لاءِ انڌو ٿي پيو آهي، شام صبح سڀ نگاهون منهنجي هاٺي تڪين ٿيون، کڄندڙ هر اک اُگهاڙي ٿي منهنجي چيلهه کان منهنجو سينو تڪيندي مُنهنجي رُوح ۾ چُڀي وڃي ٿي ۽ ورندي مان روز رتو ڇاڻ ٿي پوان ٿي… هنن لاءِ ڦٿڪان ٿي ته سڀ چون ٿا رن چئي ۾ ناهي، مُڙس ماري پنهنجي ڪندي وتي ٿي، زورآور ٿيو پنهنجي هلائيندي ٿي وتي، اسان جو ته نڪ ئي وڍائي ڇڏيو اٿس ۽ ڪيئي ٻيا نِت نوان الزام… ڳوٺ جا شودا ۽ شريف هڪ ئي قطار ۾ بيهي روز منهنجو رستو روڪي ٿا بيهن، حاجي نمازي به لالچون آڇي مون کي تورين تڪين ٿا… ڪنهن به منهنجي مٿي تي ڪڏهن ڪا پوتي نه رکي، پر جنهن به هٿ وڌايو اُن منهنجا انگ ئي ڪڇيا آهن… ۽ مان پاڻ بچائيندي هاڻ ٿڪي پئي آهيان… بيحد ٿڪي… مان وڌيڪ جيئڻ نٿي چاهيان بس…”
زينت سُڏڪي پئي ته اجنبيءَ شخص ننڍڙي جي مٿي تي هٿ گهمائيندي پڇيو، ٻچا تنهنجو نانءُ ڇا آهي!؟.
ننڍڙي حيراني مان اجنبيءَ کي ڏسڻ لڳي ته زينت پنهنجا ڳوڙها اُگهندي چيو، “تهذيب!.”
“تهذيب؟.”
“ها تهذيب، پر سڀ سڏينس تهمينه!.”
“۽ هن ننڍڙي جو!؟.”
زينت ڇاتي لڳل ننڍڙي کي هنج ۾ ليٽائيندي چيو، “ثقلين جو پورو نالو ته پيءُ ثقافت رکيو هو پر…”
“پر ڇا!؟”
“پر هي زنده هوندي به ڄڻ زنده ناهن!”، پنهنجي ٻارن جا ڦاٽل ليڙون لٽا، ميرا ۽ مروٽيل چهرا، اڻڀا ۽ الجهيل وار، هراسيل ۽ نراسيل اکيون ڏسندي زينت چيو، “مون کي ته لڳي ٿو، تهذيب ۽ ثقافت وقت کان اڳ ئي مري پيون آهن!.”
اجنبيءَ شخص پهريون ڀيرو خاموش ٿي پيو. هُو ڪا دير سوچيندو رهيو ۽ پوءِ ڪا گهڙي ٽِڪ ٻڌي زينت جي پُٽ کي نهاريندو رهيو ته زينت چيو، “هن جو نانءُ علي بهار رکيو هو پيءُ، پر ڏسينس ڪا بهار اٿس وجود تي؟.”
“بهار معنيٰ گلن جي خوشبوءِ جو منظر ۽ آئيندو…”، اجنبيءَ هڪ اونهو ساهه کڻندي چيو، “تون سچ ٿي چوين تهذيب مري وئي!، ثقافت لڏي وئي!”.
اجنبيءَ جا آخري لفظ ٻُڌي روئي پوندڙ زينت ڇرڪي پئي ۽ خوف منجهان ڀر ۾ بيٺل تهمينه کي ڇڪي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتائين!.
“تنهنجو مُڙس ڪو ڪوي هو؟.”
“ڪوي!؟، ڪويءَ جي ته خبر ناهي مزدور ته هو ۽ مزدوري ڪرڻ سان گڏ جام سهڻا خواب به ڏسندو ۽ ڪاڳرن تي لکندو ۽ ڳائيندو هو… ڪُل ڪائنات سان بنا فرق جي پيار ڪندو هو… پر… پوءِ ڌرتي جيئان مون کي ڌوڏي، ڀُون جيڏا وشال ڏُک ڏيئي مون کان ويو هليو!”.
ساروڻيون ساريندي زينت جون اکيون وري وسي پيون. اجنبيءَ شخص چيو، “هاڻ ته پڪو منهنجو روح ڪري ٿو مان خودڪشي ئي ڪري وٺان!.”
“پر تون ڪيئن ٿو خودڪشي ڪري سگهين!؟”، زينت اجنبيءَ کي ڏسندي پنهنجا ڳوڙها اُگهندي حيرت مان چيو، “توڙي جو اجرڪ سان تو پنهنجو پاڻ کي ويڙهي، پنهنجو هڪ پاسو ڍڪي ڇڏيو آهي، پر تڏهن به تنهنجون ڀڳل ٽُٽل ٻانهون ته ڏسجن ئي پيون!.”
“منهنجون ٻانهون ڀڳل ناهن!”، اجنبيءَ چيو، “هي ته مون پاڻ ئي لڪائي ڇڏيون هيون، جيئن ايندڙ وقت مون کي ظاهر ڪري پنهنجي قدامت جاچي، پر وقت منهنجون ٻانهون ظاهر نه ڪيون!، علم جي لڏپلاڻ وڌيڪ مون کي لٽي پوري ورتو!”.
زينت اجنبيءَ کي حيرت مان ڏسڻ لڳي ته هُن چيو، “بادشاهن جون ٻانهون ڪڏهن ڀڄنديون ناهن!، پر تڏهن به مان خودڪشي ڪري پاڻ ماري نٿو سگهان!”.
“بادشاهه…”
“ها بادشاهه…”
“بادشاهه به ته مري ويندا آهن!.” زينت چيو، “سڀئي موت جي لٽ ۾ لٽجي وڃن ٿا.”
“ها وقتي بادشاهه مري سگهن ٿا، پر عظيم پروهت ڪڏهن نٿا مرن!.”
“عظيم پروهت!؟”
“ها عظيم پروهت… صدين جو بادشاهه… ڪڏهن به نٿو مري!”، اجنبيءَ چيو، پر زينت کيس ٽوڪيندي چوڻ لڳي، “ڀُل اٿئي بادشاهه ناهن مرندا… ڏاڍي کان ڏاڍو بادشاهه به موت جي لهرن ۾ لُڙهي ويندو آهي، ڄڻ ڪڏهن هو ئي ڪونه!”.
“ها بي علم ذهن ۽ بي هُنر هٿ جڏهن کان مون ڏٺا آهن تڏهن کان مان به سمجهي ويو آهيان ته بادشاهه به مري وڃن ٿا!، جي نه مرن ته ماڻهو ڀُونڊا ڏئي ماريو وجهن!”، اجنبيءَ ٿڌو ساهه کڻندي چيو، “تون ٻار وٺي ڳوٺ موٽي وڃ ۽ وڃي اکين ۾ اکيون وجهي جيئڻ سِک ۽ هي بهار، بهار ناهي، تاريخ ۽ آئيندو آهي، هي ثقلين نه ثقافت آهي، هي تهمينه نه تهذيب آهي، تون وڃي هن تهذيب، هن ثقافت، هن تاريخ کي جيئار، هِنن کي پڙهائي سمورا آئيندا علم سان اُجار ۽ سنوار ته جيئن ايندڙ سموري نسل جي هٿن ۾ علم ۽ آگاهي هُجي، ڪُهاڙين ۽ ڪاتين وارا هٿ گُل نه ڀُونڊا ئي آڇيندا، پاڻ کي پٿر بڻائي وڃي هنن هٿن جا رُخ بدلائي ڇڏ!، ته جيئن توسان گڏ ڪڏهن وري صدين جو بادشاهه به نه مري!.”
زينت ساڳي حيرت منجهان اُن اجنبيءَ کي نهارڻ لڳي، پر هُو اڳتي وڌي ويو ۽ هيٺ درياءَ جي پيٽ ۾ لهندو واريءَ جي دڙن ۾ گُم ٿيندو ويو.
***

