عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ متحرڪ ڪردار ماروي اعواڻ | # فيبروي 2022
همسري
تعارف:
منهنجو نالو ماروي اعواڻ آهي مون کي ايئن ٿو لڳي ته مان شروع کان وٺي ايڪٽوزم ڪري رهي آهيان. شايد ايڪٽوزم منهنجي رت ۾ شامل آهي. منهنجي امي ڳالهه ڪندي آهي ته جڏهن مان اسڪول ۾ هوندي هئس ته اتي به مختلف طريقن سان ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو سوچيندي هئس، هٿ ۾ جيڪڏهن پاڻي جي بوتل هوندي هئي ته اها کولي ان جو پاڻي پکين کي ڏيئي ڇڏيندي هئس. ڪٿي جيڪڏهن ماني کائڻ ويندا هئاسين ته بچيل ماني امي کي چوندي هئس ته پيڪ ڪرائي کڻون ٿا ۽ ٻاهر جيڪڏهن ٻار ويٺل هوندا ته انهن کي ڏيئي ڇڏينداسين. اهي ننڍيون ننڍيون شيون ته هميشه کان ٿينديون رهيون آهن. ان کانپوءِ جڏهن ڪاليج ۾ آياسين ته پنهنجي پاڪٽ مني گڏ ڪري ڪنهن جي اکين جو آپريشن ڪرائي ڇڏيو، ڪڏهن ڪنهن جي گهر جي ڇت ٺهرائي ڇڏي. اهي پئسا فضول سالگره پارٽين ۾ وڃائڻ بدران مون ايئن استعمال ڪيا. ايڪٽوزم جو صحيح مطلب خبر نه هئي ته اها به ڪا فيلڊ آهي جيڪا شايد اڳيان منهنجي لاءِ مستقبل بڻجڻ واري آهي. جڏهن مان يونيورسٽي ۾ هئس تڏهن به ايڪٽوزم جاري رهيو، سٽي اسڪول ۾ به ڪجهه عرصو هڪ استاد جي طور تي ڪم ڪيم. ان کان علاوه سي ايس ايس جي امتحان جي تياري جي لاءِ ۽ قائد اعظم يونيورسٽي مان پڙهڻ لاءِ مان اسلام آباد هلي ويس. هڪ عورت هوندي ۽ اتي ٻين ڇوڪرين سان گڏجي خبر پئي ته مختلف ڇوڪرين جي زندگين ۾ مختلف چئلينجز آهن. هڪ ڇوڪريءَ جي حيثيث سان جيڪڏهن توهان کي ڪنهن سهيلي جي گهر وڃي رهڻو آهي ته توهان نٿا رهي سگهو. ڇو ته توهان ڇوڪري آهيو، تکي آواز ۾ نه ڳالهايو، ڇو ته توهان ڇوڪري آهيو. مان هڪ دفعو پنهنجي چاچا وارن سان گڏ ڪٿي گهمڻ ويس ته اتي گاڏيءَ ۾ مون سيٽي وڄائي مون کي چيائون ته توهان سيٽي ڇو ٿيون وڄايو ڇوڪريون سيٽي ڪونه وڄائينديون آهن. اهي ڪجهه عجيب شيون آهن جيڪي مون سان به ٿيون ۽ منهنجي سهيلين سان به ٿيون. ستين اٺين ڪلاس ۾ هئاسين ته هر ڇوڪريءَ جي اکين ۾ اڳيان وڌڻ جا خواب هوندا هئا، ڪا سوچيندي هئي ته هوءَ ڊاڪٽر ٿيندي، ڪا چوندي هئي ته انجنيئر ٿيندي، ڪا چوندي هئي ته پائليٽ ٿيندي. جيئن اسڪول پورو ڪيوسين ته اڌ کان وڌيڪ ڇوڪرين جي شادي ٿي وئي. ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته اهي ڇوڪريون جيڪي مستقبل ۾ ڪجهه ڪرڻ چاهين پيون، انهن شادي ڪيئن ڪري ڇڏي. وري انٽر ۾ به ساڳي شيءِ ٿي، يونيورسٽي تائين اسان ڏهن ڇوڪرين جي گروپ مان صرف ٻه ڇوڪريون يونيورسٽي تائين پهچي سگهيون سين. اها ڳالهه مون کي ڏاڍو پريشان ڪندي هئي ته ايئن ڇو آهي معاملا ڪٿي گڙبڙ آهن.
زاهده ابڙو: توهان کي باقائدگي سان عورتن لاءِ ڪم ڪرڻ جو خيال ڪڏهن آيو؟
ماروي اعواڻ: مون جيئن توهان کي ٻڌايو ته اسان اسلام آباد ۾ هئاسين اتي هاسٽل لائف هئي. سڄي پاڪستان مان مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ ڇوڪريون اسان سان گڏ هونديون هيون. جنهن ۾ گلگت مان به هيون ته ڪي. پي. ڪي مان به، سنڌ، پنجاب مان به. اتي سڀ پنهنجا مسئلا هڪٻئي سان سلينديون هيون. ڪڏهن ڪنهن جي موبائل رستي ۾ ڇنجي وئي، ڪڏهن گهريلو تشدد جي ڪري ڪنهن جي اک سڄي پئي آهي. هاسٽل ۾ اسان سڀ هڪ خاندان وانگر رهندا هئاسين، مسئلا هڪٻئي سان ونڊيندا هئاسين. جنهن سان عورتن جي مسئلي تي گهري اڀياس جو موقعو مليو. اتي اسان مرڪز ويندا هئاسين ضرورت جون شيون وٺڻ لاءِ جيڪو سڏ پنڌ تي هوندو هو. هڪ دفعو مغرب کانپوءِ معمول مطابق ڪجهه شيون وٺڻ لاءِ نڪتاسين جيئن ته اسان جا سي. ايس. ايس جا ڪلاس شام تائين هلندا هئا صبح جو يونيورسٽي هوندي هئي. رستي ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي مٿان ڪنهن حملو ڪيو سندس جسم کي ڪنهن بري طريقي سان ڇُهڻ (سيڪشوئل ابيوز) جي ڪوشش ڪئي. جڏهن اسان سندس مدد لاءِ اڳيان وڌياسين ته ان ماڻهوءَ سندس موبائل ڦري ورتو. حقيقت ۾ اهو ماڻهو جنسي طور حراسان ڪرڻ وارو هو، پر هن آخر ۾ موبائل ڦري ان کي اسٽريٽ ڦر جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سڄي صورتحال ۾ اسان تمام گهڻا پريشان ٿي وياسين. منهنجي زندگيءَ ۾ شايد اهو پهريون واقعو هو جنهن مون کي اهو احساس ڏياريو ته عورت لاءِ ڪا جڳهه ڪونهي. چاهي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ هجي يا ٻيو ڪو شهر هجي ان کي ڪٿي به تحفظ حاصل ڪونهي. هوءَ پنهنجي شڪايت ڪٿي درج ڪرائي؟ اها رات اسان جي لاءِ ڏاڍي ڏکي گذري. اهو واقعو ٿيو هڪ دوست سان هو، پر ايئن پيو لڳي ڄڻ اسان سان ٿيو هجي. گهر ۾ ٻڌايوسين ته اتان به ڪا موٽ نه ملي ۽ ڪنهن به اها صلاح نه ڏني ته اسان ٿاڻي وڃون ۽ رپورٽ درج ڪرايون. هر ڇوڪريءَ کي اها صلاح پئي ملي ته اسان توهان کي پڙهائي لاءِ موڪليو آهي پنهنجي پڙهائي تي توجهه ڏيو. وارڊن سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيوسين ته ان اها ئي ڳالهه ڪئي ته خبردار جو اها ڳالهه ٻاهر ڪڍي اٿوَ نه ته ماڻهو ايئن سمجهندا ته منهنجي هاسٽل جي ٻاهران وارداتون ٿين ٿيون ۽ منهنجو بزنس خراب ٿيندو. عورت ٿي ڪري عورت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. جيڪي استاد هئا انهن سان جڏهن ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيوسين اهي چون پيا ته ٿاڻي تي هليا وڃو. مطلب ته هڪڙو عجيب قسم جو ماحول بڻجي ويو جتي اسان کي ڪابه حوصلامند مدد نه ملي سگهي. اتان کان مون کي هڪ سوچ ملي ته عورتن جي لاءِ هڪڙو محفوظ مقام هجڻ کپي جتي انهن کي دوستاڻي ماحول ۽ انداز ۾ مدد ملي سگهي ۽ ان جو سلسلو ايئن شروع ٿيو جو عورتن جي حقن لاءِ مان جدوجهد شروع ڪري ڇڏي. هيستائين اسان پنهنجي آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان هڪ رائونڊ فگر جي طور تي چوڏهن هزار عورتن جي مدد ڪري چڪا آهيون. جنهن ۾ گهريلو تشدد کان متاثر، ننڍين شادين ۽ زبردستي وارين شادين کي روڪڻ، ورڪ پليس حراسمينٽ، پبلڪ حراسمينٽ، جنسي تشدد جي سلسلي ۾ سنڌ پوليس سان گڏجي انهن جي مدد ڪئي آهي.
زاهده ابڙو: توهان عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪريو پيا اسان کي سنڌ جي عورتن جي باري ۾ خاص طور تي ٻڌايو ته انهن کي ڪهڙا مسئلا وڌيڪ درپيش آهن.
ماروي اعواڻ: اسان وٽ اهڙا اهڙا مسئلا ايندا آهن جو اسان ايئن چئون ته عوام کي انهن جي باري ۾ ڪا خبر نه آهي. اسان جي آرگنائيزيشن عورت جي شناخت کي ظاهر ناهي ڪندي. جنهن جي ڪري هوءَ اعتماد سان اسان وٽ اچي ٿي ۽ پنهنجا مسئلا پراعتماد طريقي سان اسان سان ونڊي ٿي. سنڌ پوليس سان گڏجي اسان جيڪي سيل شروع ڪيا آهن، ان ۾ اسان جي ٽيم ڪنهن تي به زور نٿي ڀري ته اسان ان کي چئون ته هو اسان سان پنهنجو مسئلو ونڊي. انهن کي پر سڪون ماحول ڏيڻو آهي ته جيئن هو پاڻ اسان سان مسئلو ونڊين. هو جيڪڏهن اسان وٽ روز اچن ته روز انهن جي ڳالهه ٻڌڻي آهي. هو جيترو ڳالهائين اسان کي ٻڌڻو آهي. انهن تي دٻاءُ ناهي وجهڻو. جڏهن اسان خاص طور تي سنڌ جي ڳالهه ٿا ڪريون ته ان ۾ خاص ڪري زور زبردستي واريون شادين جو انگ وڌيڪ آهي ۽ اهو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڳالهايو نٿو وڃي. جنهن جا نتيجا اسان کي ان صورت ۾ نظر ٿا اچن ته ڇوڪريون پنهنجا گهر ڇڏي نڪري ٿيون وڃن يا وري اڳتي هلي اهي خودڪشي ڪن ٿيون، ان ۾ گهڻو ڪري ٻئي زال مڙس ذهني مونجهاري جو شڪار رهن ٿا. نفسياتي مسئلا تمام گهڻا ٿا اچن. ننڍپڻ جون شاديون هونئن ئي پنهنجي جڳهه تي تمام گهڻو مسئلو آهن. ڇو ته جڏهن اسان وٽ ڪا رپورٽ ايندي آهي ته ننڍپڻ جي شادي ٿئي ٿي ته اتي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ڏاڍي مشڪل هوندي آهي. ان جو اهو سبب آهي ته اسان وٽ شناختي ڪارڊ وقت تي نٿا ٺهرايا وڃن، ڄم سرٽيفڪيٽ وقت تي نٿا ٺهرايا وڃن. ننڍپڻ جي شادين تي قانون کي ڪيئن لاڳو ڪيو وڃي اهو سڄو عمل ڏاڍو ڊگهو ٿي ٿو وڃي. ان مسئلي کي حل ٿيڻ جي ضرورت آهي ته توهان پنهنجن ٻارن خاص ڪري ڇوڪرين جا شناختي ڪارڊ، انهن جا ڄم سرٽيفڪيٽ صحيح طرح سان ٺهرايو ته جيئن انهن کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ضرورت پوي ته ان مطابق قانون کي امپليمينٽ ڪرڻ لاءِ انهن وٽ صحيح ڪاغذ موجود هجن. گهريلو تشدد جيترو حل ڪرڻ لاءِ اهم معاملو آهي اوترو ئي ماڻهن ان کي ذهني طور تي قبول ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ڪو ٻار پنهنجي ماءُ مٿان تشدد ٿيندي ڏسي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو پٽ آهي ته اهو به اڳتي هلي ان عمل کي دهرائي ٿو، ورهاست ۾ کڻي ٿو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري آهي ته اها برداشت واري حس کڻي اڳيان وڌي ٿي. اهو تمام اهم مسئلو آهي جيڪو گهرن جي اندران شروع ٿئي ٿو. عورتون جڏهن اسان وٽ مدد گهرڻ لاءِ اينديون آهن ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي. مٿن تمام گهڻو حملو ٿي چڪو هوندو آهي، نفسياتي حالت تمام خراب هوندي اٿن. سڀ کان وڌيڪ فڪر جي ڳالهه اها آهي ته اهو صرف ڳوٺن ۾ يا انهن خاندانن ۾ نٿو ٿئي جيڪي اڻ پڙهيل آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان قسم جا واقعا پڙهيل لکيل پروفيسرن ۽ ڊاڪٽرن جي گهرن ۾ به ٿين ٿا. ڪٿي پري نٿا وڃون جيڪڏهن توهان قرت العين جو ڪيس ڏسو ته ان جو مثال سڀني جي اڳيان آهي. بليڪ ميلنگ به تمام گهڻو وڏو مسئلو آهي. سڄي پاڪستان سان گڏوگڏ سنڌ جو مسئلو به آهي ان ۾ اسان ايئن چئون ته پنهنجي نياڻين کي اسان ننڍي هوندي کان اهو ناهيون سيکاريندا ته هو پڙهي لکي وڏي هوندي ڊاڪٽر، انجنيئر يا ٻيو ڪجهه ٿينديون، پر انهن جي ذهنن ۾ اهو وڌو ويندو آهي ته انهن جي شادي ڪرڻي آهي. پوءِ ايئن ٿيندو آهي جو جڏهن به ڪو ماڻهو انهن جي زندگيءَ ۾ ڪٿان به اچي وارد ٿئي ٿو جنهن ۾ گهڻو ڪري هينئر موبائل جو ڪردار اهم آهي. ڇوڪري ڪنهن سان لاڳاپي ۾ اچي ٿي وڃي. مائٽ پنهنجن ٻارن کي صحيح ڄاڻ نٿا ڏين ته انهن گيجٽس جو استعمال مثبت طريقي سان ڪيئن ڪجي ۽ بغير ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي اهي ان قسم جون شيون پنهنجن ٻارن جي هٿن ۾ ڏيئي ٿا ڇڏين، جنهن جو استعمال تمام خطرناڪ طريقي سان ٿئي ٿو. ڇوڪرا، اسان جي ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪن ٿا ۽ ان مان فائدو حاصل ڪن ٿا. ڇوڪريون بيوقوف بڻجي ان قسم جي ڄار ۾ ڦاسي پون ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ بليڪ ميلنگ جا دروازا کلي ٿا وڃن، ان جي باري ۾ ڇوڪريون اڃان گهڻو نٿيون ڳالهائين. اسان وٽ جيڪي به ڪيس آيا آهن اهي تمام گهڻي هاءِ اسٽريس ۾ آيا آهن ته اسان خودڪشي ڪري ڇڏينداسين، اسان کي بچائي وٺو، چئن کان پنجن سالن تائين ڇوڪريون ان قسم جي دٻاءُ کي برداشت ڪنديون رهن ٿيون. ان قسم جي ڪيسن ۾ بليڪ ميلر يا ته جنسي فيور وٺندو آهي يا ته سون ۽ پئسي جي گهر ڪندو آهي يا وري پنهنجي ٻي ڪا گهر پوري ڪرائيندو آهي، جنهن ۾ گهڻو شڪار نياڻيون ٿين ٿيون. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان جو شڪار رڳو ٽين ايجر نٿيون ٿين بلڪه اسان جون شادي شده عورتون به ان جو شڪار ٿين ٿيون. جنهن ۾ اڪثر ڪنهن عورت جي جيڪڏهن ڪنهن سان ڪا پهرين دوستي هئي يا ڳالهه ٻولهه هئي يا ڪو سئوٽ ماسات جنهن سان پهرين مڱڻو ٿيل هجي يا رشتو طئي ٿيل هو ته اهي اتان کان بليڪ ميل ڪن ٿا. ان ۾ ڇوڪريون گهڻو ڪري چپ رهن ٿيون ته گهر خراب ٿي ويندو. ڇو ته انهن کي اهو ڊپ رهي ٿو ته انهن کي جج ڪيو ويندو. اسان وٽ وڪٽم بليمنگ تمام وڏو مسئلو آهي. اهو رڳو نياڻين جو مسئلو ناهي، پر پوري سماج جو مسئلو آهي. جڏهن ڇوڪري ان باري ۾ ڳالهائي ٿي ته ان جي ئي ڪردار ڪشي ڪري ان کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. بليڪ ميلنگ جو هينئر تازو مثال ميڊيڪل جي هڪ شاگردياڻي عصمت جو ڏيندس جيڪا ميڊيڪل جي چوٿين سال ۾ هئي، جنهن خودڪشي ڪري ڇڏي. جنهن ٻه ڏينهن پهرين ٿاڻي ۾ رپورٽ درج ڪرائي هئي ان جي ايف آءِ آر به درج ٿي چڪي هئي، پر هن ٻه ڏينهن به انتظار نه ڪيو ۽ هوءَ ايتري ته دٻاءُ ۾ هئي جو خودڪشي ڪري ڇڏيائين. ان طرح اسان جي نياڻي، اسان جو نوجوان طبقو ضايع ٿو ٿئي.
زاهده ابڙو: توهان جيڪي مسئلا مٿي ٻڌايا ان ۾ مائٽن کي ڪيئن تربيت ڏيئي سگهجي ٿي ته هو پنهنجي نياڻين کي انهن سڀني شين جو صحيح استعمال سيکارين ۽ بليڪ ميلنگ کان بچائين.
ماروي اعواڻ: جينڊر ٽرينر جي حيثيت ۾ منهنجو ان ڳالهه ۾ پورو يقين آهي ته تربيتي پروگرام اسان کي ٿورو دير سان نتيجا ڏيندا آهن، پر انهن جا نتيجا تمام گهڻا ديرپا هوندا آهن. جڏهن اسان تربيت جي ڳالهه ٿا ڪريون ته مون سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن سان گڏجي تمام گهڻا تربيتي ڪورس ڪرايا آهن. اسان وومين پروٽيڪشن سيل هلايون پيا پوليس جي اداري ۾ به تمام گهڻيون ٽريننگس ڏنيون آهن. شاگردن سان يونيورسٽين ۾ ۽ اسڪولن ۾ ڳالهايو آهي. يونيورسٽين ۾ تربيت ڏيڻ سان ايئن ٿو ٿئي ته اتي مختلف ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن مان شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهڻ اچن ٿا ۽ جڏهن اسان انهن سان ڳالهايون ٿا، انهن جي تربيت ڪريون ٿا ته اسان هڪ فورس تيار ڪريون ٿا جيڪا پنهنجن علائقن ۾ وڃي انهن کي اڳيان وڌائيندي، انهن کي ڄاڻ ڏيندي. انهن چئلينجز جي لاءِ کلي ڳالهائڻ تمام ضروري آهي. اڪثر آئون ٽريننگ جي دوران اهو چوندي آهيان ته توهان مائٽن کي گهرجي ته ڏسو توهان جي ٻارن جي موبائلن ۾ ڇا پيو هلي. اسان جي نوجوان طبقي ۽ مائٽن جي وچ ۾ هڪ وڏو خال آهي ان ڪري جو انهن کي ٽيڪنالاجي جي گهڻي ڄاڻ ڪونهي. نوجوان وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو، هاڻي مائٽ مانيٽرنگ ڪيئن ڪن. توهان کي اهڙا ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙا پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي انهن مائٽن کي انهن شين جي هلائڻ جي ڄاڻ هجي ۽ انهن کي شوق سان اهو سکڻ گهرجي ته جيئن هو صحيح طرح سان پنهنجن ٻارن جي مانيٽرنگ ڪري سگهن. اهو به چوندس ته اهو سڄو بار رڳو نياڻين جي مٿان نه وجهو بلڪه پنهنجن پٽن کي به چيڪ ڪريو ڇو ته ابيوزر گهڻو ڪري مرد آهي. گهر ۾ به ايئن ٿيندو آهي ته جڏهن مائرون گهريلو تشدد جو شڪار ٿينديون آهن يا رستن تي پبلڪ حراسمينٽ جو شڪار ٿينديون آهن ته اهي ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي پٽن سان يا گهرن ۾ مردن سان نه ڪنديون آهن، جنهن جي ڪري ڪيترن مردن کي ته اها خبر ئي نه هوندي آهي ته عورت ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏيئي رهي آهي. بهتر اهو آهي ته مائرون پنهنجن پٽن سان، ڀيڻون پنهنجن ڀائرن سان انهن مسئلن تي ڳالهائين ۽ کُلي ڳالهائين ته جيئن انهن کي معاشري ۾ عورت سان ٿيندڙ مسئلن جي خبر پوي ۽ انهن کي خبر هجي ته عورت مرد جي ڪهڙي عمل سبب غير محفوظ محسوس ڪري ٿي.
زاهده ابڙو: توهان جيڪو ڪم ڪريو پيا ان ۾ سنڌ حڪومت جي ٺاهيل عورتن جي لاءِ قانون سازي توهان جي لاءِ ڪيتري مددگار ثابت ٿئي ٿي.
ماروي اعواڻ: قانون ته اسان جي طاقت آهي، قانون جيڪڏهن نه هجن ته شايد اسان جو آواز ايترو سگهارو نه ٿي سگهي. جڏهن اسان گهريلو تشدد جي باري ۾ ڳالهايون ٿا ۽ ان کي بند ڪرڻ جي گهر ڪريون ٿا ته ان جي پٺيان 2013ع جو قانون بيٺل آهي، جيڪو اسان جي آواز کي وڌيڪ مضبوط ٿو ڪري. جڏهن اسان ننڍپڻ جي شادين کي روڪڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ارلي چائيلڊ ريسٽرنٽ مئريج ايڪٽ اسان جي پٺيان بيٺو آهي جيڪو اسان جي آواز کي اڃان وڌيڪ مضبوط ٿو ڪري. ورڪ پليس حراسمينٽ، 2010 جو قانون اسان جي پٺيان بيٺل آهي، جيڪو تمام سٺو آهي. اسان وٽ سائيبر ڪرائيم جا قانون به موجود آهن، جنهن جي ماڻهن کي اڃان تمام گهٽ ڄاڻ آهي. 2016ع جو پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيم جيڪو انهن ماڻهن کي پڪڙي ٿو جيڪي توهان جون تصويرون استعمال ٿا ڪن يا توهان جون فيڪ آئڊيز ٺاهين ٿا يا جيڪا به سائيبر حراسمينٽ ٿئي ٿي ان حوالي سان ان قانون تحت ڪارروائي ٿيندي آهي. انهن سڀني قانونن ٺاهڻ لاءِ اسين حڪومت جا شڪرگذار آهيون جو اسيمبلي مان اهي پاس ٿيا. اڃان به انهن کي مضبوط ٿيڻ جي ضرورت آهي. جڏهن اسان گهريلو تشدد جي قانون کي ڏسون ٿا ته عورت کي پوليس ايڪشن جي تحت يا ڪورٽ جي ايڪشن تحت ان تشدد مان ته ڪڍيو ٿو وڃي، پر ان جي ويلفيئر جي حوالي سان ڪابه شيءِ نٿي ٿئي. مان هڪڙي ڪيس جو مثال کڻندس هڪ عورت جو ڪيس هو، جيڪا جيڪب آباد سان تعلق رکي ٿي، سندس مڙس کيس گنجو ڪري ڇڏيو ۽ مٿس تمام گهڻو جسماني تشدد ڪيو. هن جا ڇهه ٻارڙا آهن، هوءَ هن وقت به مون سان تعلق ۾ آهي. اسان سندس ٻارن کي اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني آهي. هن لاءِ نوڪري جي ڳولا ڪريون پيا. اسان جي آرگنائيزيشن جي اها گهر آهي ته عورت کي صرف ان ابيوز مان ڪڍيو نه وڃي بلڪه ان جي ڇت جو به بندوبست ڪجي. جيڪڏهن هن جا ڪي جائيداد جا حق آهن اهي ان کي ڏياريا وڃن، جائيداد جي حقن جو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن ۾ عورتن کي پنهنجن حقن کان محروم رکيو ٿو وڃي. اسان هر وقت عورتن کي با اختيار ٺاهڻ جي ڳالهه ته ڪريون ٿا، عورت کي تعليم ڏيڻ خود مختار ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ان کي سٺي نوڪري ٿي ملي وڃي ته هوءَ وڌيڪ با اختيار ٿي ٿي وڃي. جيڪڏهن کيس پنهنجي جائيداد جو حصو ملي ٿو وڃي ته کيس پنهنجي خاندان طرفان تمام وڌيڪ سگهه ملي وڃي ٿي، پر ڏٺو اهو ويو آهي ته عورت جي جائيداد ۾ حصي جي ڪري سندس شادي نٿي ڪئي وڃي يا ته تمام غير اهم ماڻهوءَ سان ان جي شادي ڪرائي ويندي آهي جيڪو ان جو حصو گهري نه سگهي يا وري جيڪڏهن کيس جائيداد جو حصو ملي ٿو ته سندس مڙس واري پاسي ان جي جائيداد کي ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو توهان جي ڌيءَ جو قدر نٿو ڪري ته هو ان جي جائيداد جو قدر به نه ڪندو. اتي اسان وٽ جائيداد جا قانون موجود آهن بلڪه تازو ئي سپريم ڪورٽ هڪڙو حڪم جاري ڪيو آهي ته عورت پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي جائيداد جي حصي جي گهر ڪري. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن سندس حياتيءَ کانپوءِ جيڪڏهن ٻين ماڻهن ان حصي کي حاصل ڪيو ته هوءَ جيڪا حقدار هئي، جنهن کي پراپرٽي کي استعمال ڪرڻ جو حق حاصل هو ان جيڪڏهن اهو حق استعمال نه ڪيو ته ان جو ڪهڙو فائدو. جيڪڏهن عورت کي جائيداد مان حصو ملي ٿو، ان کي گڏوگڏ ان ڳالهه جي به تعليم ڏيڻ گهرجي ته هوءَ ان جو استعمال ڪيئن ڪري، هوءَ پنهنجون بچتون ڪيئن وڌائي، هوءَ وڌيڪ سيڙپ ڪيئن ڪري. اسين ان سڄي عمل کان پنهنجي عورتن کي پري ٿا رکون ۽ کيس معاشيات جي اصولن جي سمجهه نٿا ڏيون، جنهن جي ڪري اسان کي ۽ معاشري کي نقصان ٿيندو. جڏهن ته عورت وٽ پنهنجي جائيداد به هوندي آهي، پر ان هوندي به هوءَ ان ابيوزر جي اڳيان محتاج هوندي آهي.
زاهده ابڙو: نڪاح نامي جي حوالي سان عورتن کي ڪهڙي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي؟
ماروي اعواڻ: اسان وٽ جڏهن ڪيس اچن ٿا ته ان وقت ڇوڪرين وٽ نڪاح نامون موجود نه هوندو آهي. جيئن ته نڪاح نامي جون چار ڪاپيون هونديون آهن جنهن مان هڪ ڪاپي گهوٽ کي، هڪ ڪاپي ڪنوار کي ڏيڻي هوندي آهي، هڪ يونين ڪائونسل ۾ جمع ڪرائبي آهي ۽ هڪ نڪاح خوان وٽ هوندي آهي. نياڻي کي پنهنجي نڪاح جي ڪاپي هميشه پاڻ وٽ رکڻ گهرجي ۽ ان کي پاڻ وٽ سنڀالي رکي. ڇو ته ان کي ڪا خبر ڪونهي ته ان کي ان جي ڪڏهن ضرورت پئجي وڃي. جيڪڏهن مٿس گهريلو تشدد ٿئي ٿو ته ان جي لاءِ هوءَ جيڪڏهن خلع جي طرف وڃڻ گهري ٿي ته ان وقت به کيس نڪاح نامي جي ڪاپي جي ضرورت پوي ٿي ۽ هن جي لاءِ معاملا خراب ٿي سگهن ٿا. هن کي ان ڳالهه جي به ڄاڻ هجڻ گهرجي ته سندس والدين وٽ ڪيتري جائيداد آهي ته جيئن اڳتي هلي هوءَ پنهنجي حصي جي گهر ڪري ته اسين ان کي ڪو وڪيل ڪري ڏيئي سگهون. اهي ڪجهه اهڙيون بنيادي شيون آهن جنهن ۾ جن جي قانونن هوندي به عورتن کي اها آگاهي ڪونهي جو هو انهن مان پنهنجي لاءِ ڪو فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجن حقن جي ويڙهه وڙهي سگهن.
زاهده ابڙو: عورتن سان صرف پاڪستان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ ڏاڍايون ٿين ٿيون، پر جيڪڏهن اسان پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ته ڇا ان ۾ اسان جو تعليمي نظام ۽ گڏوگڏ اسان جو نصاب به ذميدار آهي؟
ماروي اعواڻ: مان توهان جي ان سڄي ڳالهه سان سهمت آهيان، اسان جڏهن پنهنجي ڪاليج ۽ اسڪول جي ٽائيم کي ڏسون ٿا ته اسان کي انهن شين جي بلڪل به ڄاڻ نه هئي. جيستائين اسان ان فريم ۾ نٿا اچون، جيستائين خاص طور تي ان جي باري ۾ پڙهون نٿا، ڄاڻ حاصل نٿا ڪريون تيستائين اسان کي ڪا خبر نٿي پوي ته اهڙا ڪي قانون به آهن، ڪي ادارا به موجود آهن يا اسان جا ڪي بنيادي حق به موجود آهن. جڏهن مون انساني حقن جي تربيت ورتي تڏهن مون کي خبر پئي ته پاڪستان جو آئين 8 کان 28 بنيادي حق هر انسان کي ڏئي ٿو، جن ۾ عورت ۽ ٽرانس جينڊر به شامل آهن. جيڪڏهن مان اها ٽريننگ نه وٺان ها ته مون کي انهن جي ڄاڻ نه پوي ها ته اسان جا بنيادي حق ڪهڙا آهن. ماڻهو ڊاڪٽر، انجنيئر ٿي ويٺا آهن، پر انهن کي پنهنجن بنيادي حقن جي خبر ڪونهي. انهن سڀني شين کي جيڪڏهن اسان نصاب ۾ کڻي ٿا وڃون ته اسان جي لاءِ تمام گهڻي آساني پيدا ٿيندي. ڄاڻ ان وقت کان ئي انهن کي ٿي ويندي جڏهن کان انهن کي ٿيڻ گهرجي. هتي گڊ ٽچ ۽ بئڊ ٽچ جي به ڳالهه نٿي ڪئي وڃي ۽ ٻارن سان زيادتيون ٿيون ٿين. جيستائين زينب جو واقعو پاڪستان ۾ نه ٿيو هو تيستائين اسان جي اسڪولن ۾ گڊ ٽچ ۽ بئڊ ٽچ جي باري ۾ ڳالهائڻ ۽ جنسي حراساني جي باري ۾ ڳالهائڻ کان اسڪولن ۾ روڪيو ويندو هو. جيڪڏهن اسان اهو مائينڊ سيٽ کڻي اڳيان هلنداسين ته پنهنجن ٻارن کي تربيت نٿا ڏيئي سگهون. هن وقت اسان کي پنهنجن ٻارن کي انهن چئلينجز جي باري ۾ کلي طرح آگاهه ڪرڻو آهي تڏهن ئي ٻار ان سان مقابلي لاءِ تيار ٿيندا. هاڻي اسان ڏسون ٿا ته زينب واقعي کانپوءِ هاڻي لڳ ڀڳ هر اسڪول ۾ اسان کي دعوت ڏيئي گهرايو ويندو آهي ۽ ٻارن جي آگاهيءَ لاءِ تربيتي پروگرام رکيا ويندا آهن، پر اڃان به اهڙا اسڪول آهن جيڪي پنهنجن ٻارن کي ان بابت آگاهي نٿا ڏيڻ چاهين ۽ اسان کي اها موڪل نٿا ڏين ته اسين انهن جي اسڪولن ۾ وڃي انهن جي ٻارن کي آگاهي ڏيئي سگهون. مون کي ياد آهي ته اسان هڪڙي يونيورسٽي جي هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ هليا وياسين ۽ اسان ڇوڪرين سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي ته اسان کي ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙا معاملا درپيش آهن. اسان ڊي. آءِ. جي آفيس جي طرفان ئي ويا هئاسين، اي. ايس. پي علينا راڄپر به مون سان گڏ هئي. اسان کي ڊپارٽمينٽ جي چيئر پرسن گهرائي ورتو ۽ چيو ته توهان ڪيئن اچي ويا، ڪو معاملو ٿيو آهي ڇا. اسان جي ڊپارٽمينٽ ۾ ته ان قسم جو ڪو مسئلو آهي ئي ڪونه، زيرو سيڪشوئل حراسمينٽ آهي. جيئن ته اسان پهرين ئي ڇوڪرين سان ڳالهائي آيا هئاسين ان ڪري ان باري ۾ اسان کي ڄاڻ هئي. ڇو ته اسان ڏينهن رات ان قسم جون شڪايتون درج ڪندا رهندا آهيون. ڏسڻو صرف اهو آهي ته ماڻهو ان معاملي تي ڳالهائڻ کان گهٻرائين ٿا، ڊڄن ٿا. ڊپارٽمينٽس کي اهو خوف آهي ته ڪا شاگردياڻي اٿي ڪري انهن جي ڪا شڪايت نه ڪري. مطلب ته توهان کي پنهنجي اداري جي ساک ايتري پياري آهي ته ڪا ڇوڪري ان جي شڪايت نه ڪري. ڇوڪرين جي مٿان جيڪڏهن ان قسم جي ڪا صورتحال موجود آهي ته انهن کي ان تي کلي ڳالهائڻ جي اجازت به نه آهي. گهڻو ڪري تعليمي ادارا مون کي گهٽيل ماحول ۾ نظر اچن ٿا جن کي ان کان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن کي ضرورت آهي ته ان ڳالهه کي قبول ڪن ته جنسي حراساني هڪ حقيقت آهي، جيڪا بازارن ۾، گهٽين ۾، گهرن جي اندر ۽ تعليمي ادارن جي اندر موجود آهي. جڏهن اسان ان مسئلي کي قبول ڪنداسين تڏهن ئي اسان ان کي باقائدگيءَ سان روڪڻ لاءِ قدم کڻي سگهون ٿا.
زاهده ابڙو: ننڍن ٻارن سان جيڪا جنسي حراساني ٿئي ٿي اها گهڻو ڪري انهن جي ويجهي رشتيدارن جي هٿان ٿئي ٿي جنهن جي باري ۾ اسان ڳالهائيندي اڃان ڊڄون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته ماڻهن کي ان جي باري ۾ آگاهي ڏجي اسان کي ٻڌايو ته انهن کي اها آگاهي ڪيئن ڏجي.
ماروي اعواڻ: تازو ئي اسان وٽ هڪڙو ڊرامو شروع ٿيو هو، پر ان تي پيمرا بندش لڳائي ڇڏي هئي، پر پوءِ اها پابندي واپس ورتي وئي ان جو نالو آهي ”اڏاري“ اسان کي ان طرح جي پروگرامن ۽ ڊرامن جي سخت ضرورت آهي. اهو هڪڙو اردو ٻوليءَ جو ڊرامو آهي. اسان کي ان قسم جي سنڌي ڊرامن ٺاهڻ جي به ضرورت آهي. جڏهن ان قسم جا خاڪا ۽ ان قسم جا ڊراما ماڻهن جي اسڪرين تي نظر ايندا ته مائٽ پنهنجن ٻارن کي ان قسم جي حالتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا. ڊرامن کان علاوه ريڊيو تي ان قسم جي ڳالهه ٻولهه تمام گهڻي اهم آهي. ڇو ته اسان اڪثر ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ ڏسندا آهيون ته عورتون ٻنين ۾ ڪم ڪندي پاڻ سان گڏ ريڊيو رکي ويٺيون هونديون آهن. انهن وٽ ايترو وقت ڪونه هوندو آهي جو اهي ڪنهن ٽريننگ جو حصو ٿي سگهن يا اسان وٽ به ايترا وسيلا ڪونه آهن جو اسان انهن عورتن تائين پهچي سگهون يا انهن ننڍن ڳوٺن ۽ انهن خاندانن تائين پهچي سگهون. ميڊيا وڌ ۾ وڌ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري ڪميونٽي ليڊر ٺاهيا آهن جيڪي وومين پروٽيڪشن سيل سان ڳنڍجي ڪم ڪن ٿا. انهن ليڊرز کي اسان گهڻو ڪري تربيت ڏيندا آهيون ته جيئن اهي پنهنجن ڳوٺن ۾ ان باري ۾ آگاهي ڏيئي سگهن. دادو جو هڪڙو واقعو هو، هڪ ٽن سالن جي ننڍڙي نياڻي سان ان جي پاڙي واري ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پوءِ سول اسپتال آندو ويو. توهان ڏسو ته ان حادثي کانپوءِ اهو ٻار نفسياتي طور تي ڪيترو نقصان ٿو حاصل ڪري. خدا نه ڪري جو اهڙا حادثا ٿين، پر جيڪڏهن ڪو اهڙو حادثو ٿئي ٿو ته مائٽن کي خبر هجڻ گهرجي ته اهي ان ڳالهه جي يڪدم رپورٽ درج ڪرائين. ان ٻار جا ڪپڙا نه ڌوئن، ڇو جو اهي ڪپڙا هڪ قسم جو ثبوت آهن. جيڪو توهان کي انصاف ڏيارڻ ۾ مددگار ٿيندو. ٻار کي وهنجارين نه، جلد کان جلد پنهنجي گهر جي ويجهو پوليس اسٽيشن کان ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺو ته جيئن توهان ان سڄي معاملي ۾ قانوني طور تي صحيح طريقي سان گذري سگهو ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ مضبوطيءَ سان بيهي سگهو. توهان جي ٻار سان ڏاڍائي ڪرڻ وارو غلط آهي توهان جو ٻار غلط نه آهي يا توهان غلط نه آهيو. اها سوچ اسان کي هر گهر ۾ ڏيڻي آهي، هر خاندان کي ڏيڻي آهي. اسان تربيت صرف انهن ٻارن کي ڏيئي سگهون ٿا جيڪي ڳالهائڻ جهڙا آهن، جيڪي معصوم نٿا ڳالهائي سگهن انهن جي وارثن کي تربيت جي ضرورت آهي ته جيئن اهي انهن جي صحيح طرح سان حفاظت ڪري سگهن.
زاهده ابڙو: ڇا توهان سنڌ جي عورت کي تبديل ٿيندي محسوس ڪيو پيا ته ان جي اندر تبديلي اچي رهي آهي؟
ماروي اعواڻ: 2017ع کان اسان جي آرگنائيزيشن پنهنجو ڪم شروع ڪيو آهي. 2012ع کان مان هڪ شاگردياڻي طور متحرڪ ٿي ڪم ڪري رهي آهيان. اسان جي جدوجهد جو سلسلو جاري آهي، ان ۾ ڪيترائي ماڻهو شامل آهن جيڪي ادبي طور تي جنگ کي اڳيان وڌائي رهيا آهن. اسان به پنهنجي پوري ڪوشش ڪريون پيا، ٻيا به ڪيترائي نالا آهن جن پنهنجون زندگيون ڏيئي ڇڏيون آهن، عورتن کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ. جڏهن به عورتن سان ڪا نا انصافي ٿئي ٿي يا ڏاڍائي ٿئي ٿي ته اسان پنهنجو آواز بلند ڪري ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. اهڙا معاملا جن جي لاءِ چڱا ڀلا ماڻهو نٿا ڳالهائي سگهن، پر اسين ان تي ڳالهايون ٿا. اسان کي ڪيترائي خطرا سامهون هوندا آهن، چئلينج هوندا آهن، پر اسان پنهنجي جنگ کي جاري رکي ويٺا هوندا آهيون. اسان اهو ڏسون پيا ته عورت سجاڳ ٿئي پئي، اڳيان وڌي پئي ۽ اهڙي سماج ۾ جتي ڪيتري ئي وقت کان مرد راڄ ڪري رهيو آهي، اها ئي عورت جي ڪاميابي آهي، پر ساڳئي وقت جڏهن اسان ڏسون ٿا ته هڪڙي پڙهيل لکيل ڇوڪري تشدد جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ رات وچ ۾ پنهنجي زندگيءَ کان هارائجي ٿي وڃي ته ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. اسان جڏهن ڏسون ٿا ته هڪ پڙهيل لکيل نياڻي کي زنده ساڙيو ٿو وڃي، جنهن ۾ ان سان گڏ ان جو ننڍڙو ٻار به سڙي ٿو وڃي جنهن کي هوءَ جنم ڏيڻ واري هئي ۽ اهو ٻار به سڙي ٿو وڃي جيڪو سندس هنج ۾ آهي. هن وقت اسان اهڙي نهج تي بيٺل آهيون جتي اسان کي رڳو پڙهيل لکيل نياڻي نه کپي، پر اهڙي نياڻي کپي جنهن کي پنهنجن حقن جي ڄاڻ هجي ۽ صرف پنهنجن حقن جي لاءِ نه، پر پوري سماج جي مظلوم عورتن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري سگهي. مون کي جنهن ڳالهه جي اڃان تائين کوٽ نظر ٿي اچي جنهن تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي اها آهي همت. اسان جي عورت چاهي اها ڪنهن ڳوٺ سان تعلق رکندي هجي، ڪنهن شهر سان تعلق رکندي هجي يا ڪنهن به وڏي پوزيشن تي هجي ان ۾ ايتري همت هجڻ گهرجي جو هوءَ غلط کي غلط چوي غلط جي خلاف اٿي بيهي ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ ڏاڍ جي لاءِ جنگ ڪري، جائيداد جي حق تان دستبردار ان ڪري نه ٿي وڃي جو ان کي اهو چيو وڃي ته توهان کي ڏاج ڏنوسين، توهان کي ڇا ضرورت آهي، توهان جي شادي ۾ ايترو خرچ ڪيوسين توهان کي ڇا ضرورت آهي، توهان جو مڙس ايترو ڪمائي ٿو توهان کي پنهنجي حصي جي ڪهڙي ضرورت آهي. حق جو مطلب حق آهي پنهنجي حق کي وٺو ۽ پنهنجو پاڻ کي صحيح طرح سان مضبوط ڪرڻ ۾ ان جو استعمال ڪريو. اسان جون عورتون جيڪڏهن معاشي طور تي خود مختار آهن به، پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سماج جي پدرشاهي جو شڪار رهن ٿيون. ان لاءِ جيڪڏهن عورت، عورت جو ساٿ ڏيندي. مان اهو نٿي چئي سگهان ته عورت مڪمل طور تي با اختيار ٿي وئي آهي. جيستائين گهريلو تشدد جا ڪيس ايندا رهندا، جيستائين عورتن سان ڏاڍائي جا واقعا سامهون ايندا رهندا، ان جو مطلب اهو اهي ته ايستائين اسان جون عورتون مڪمل طور تي با اختيار نه ٿيون آهن.
زاهده ابڙو: جڏهن ماروي عورتن جي جنگ وڙهي ٿي ته کيس ڪهڙا چئلينجز اڳيان اچن ٿا؟
ماروي اعواڻ: جڏهن مون سوچيو هو ته عورتن جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ان حوالي سان اڳيان وڌڻو آهي ۽ ڪو اهڙو ادارو قائم ڪرڻو آهي ۽ هڪڙي اهڙي طاقتور اداري سان يعني پوليس جي اداري سان ڪم ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي، پر اهڙي چئليجنگ اداري سان گڏ اسان ڪم ڪريون پيا ۽ انهن جا ٿورائتا آهيون جو انهن اسان کي تمام گهڻي سپورٽ ڪئي آهي ۽ ايئن چوان ته هڪ خواب جي تعبير حاصل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي. اهو سڀ ڪجهه ايترو آسان نه هو، سڀ کان وڌيڪ مخالفتون ته اسان جون خاندان مان اندران به شروع ٿي ويون. پهرين ته اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته عورتن جي لاءِ ڪير ڪم ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڪيريئر کي ڏسو، پنهنجي مستقبل کي ڏسو. اهڙيون شيون، اهڙا واقعا ۽ اهڙا احساس پٺيان هئا جن رڪجڻ نه ڏنو. منهنجي والدين منهنجو ساٿ ڏنو باقي خاندان منهنجي مخالفت ڪئي، پر اڄ جڏهن ڪاميابيون ملن ٿيون ته انهن جون فونون اچن ٿيون، مبارڪون به ڏيندا آهن. تازو ئي منهنجي ان سڄي جدوجهد تي آمريڪن ايمبيسي هڪ ڊاڪيومينٽري ٺاهي آهي ۽ انهن انهن ماڻهن فون ڪري ان جي باري ۾ ڳالهايو جيڪي اڳ ۾ مون کي چون پيا توهان ايئن نه ڪري سگهندا، چوندا هئا ته عورتن جي لاءِ ڪير ڪم ڪندو آهي ۽ هاڻي چون ٿا ته توهان کي ڪٿي اسان جي ضرورت هجي ته اسان کي ٻڌائجو. عورت، عورت جي لاءِ جڏهن ڪم ڪري ٿي ته ان جي لاءِ چئلينجز وڌي ٿا وڃن. عورت جي ڪم ڪرڻ ته هونئن ئي چئليجنگ آهي. گهر جي چار ديواري جي اندر جيڪي چئلينجز شروع ٿا ٿين. توهان ڪم ڪيو ٿا، توهان ڪاميابي طرف وڌو ٿا ته ان رستي تي به ڪافي رڪاوٽون اچن ٿيون. جن عورتن کي اسان گهريلو تشدد کان بچايون ٿا، حراسمينٽ کان، بليڪ ميلنگ کان انهن جي ابيوزر جي طرفان کان ڌمڪيون اچن ٿيون، جيڪي بااثر خاندان هوندا آهن انهن جا جيڪڏهن ڪيس هجن ته انهن جون فونون اچڻ، ڌمڪيون ڏيارڻ اها هڪڙي الڳ نوعيت هوندي آهي. جيڪو سوشل ميڊيا آهي ان تي چئلينجز ڏسڻ ۾ آيا آهن. بليمنگ ٿيندي آهي، الزام لڳندا آهن، هڪڙي قسم جي پروپيگنڊا شروع ٿي ويندي آهي. اسان جي آواز کي ڌٻائڻ لاءِ، اسان جي ادارن کي بند ڪرائڻ لاءِ، انهن کي ناڪام ڏيکارڻ لاءِ. جيڪي ڪيسز اسان وٽ نه پڳا آهن انهن کي هرو ڀرو ادارن جو نالو هڻي انهن ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي عورتن جي بري حالت مختلف طريقن سان ڏيکاري انهن کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي به اسان مان هڪڙي قسم جو خطرو محسوس ڪندا آهن. ڇو جو اسان وٽ اهو ڪم قانوني طريقي سان ٿئي ٿو ۽ اسان ان وڪٽم کي انصاف وٺي ڏيڻ ۾ ڪنهن به غلط شيءِ جو استعمال نٿا ڪريون. اسان وڪٽم جي عزت ۽ احترام جو خيال ڪريون ٿا. جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجو مسئلو کڻي اچي ٿي ته ان جو اسان سان متفق ٿيڻ تمام ضروري آهي ته ان جي ڪيس کي ڪهڙي طريقي سان اڳتي کڻي هلجي، اها جيڪڏهن ڪئمرا جي سامهون نٿي اچڻ چاهي ته اسان ان کي مجبور نٿا ڪري سگهون، پنهنجو نالو ظاهر نٿي ڪرڻ چاهي ته ان جي لاءِ به اسين ان جو ساٿ ڏينداسين. جيڪڏهن ڪا عورت آواز کڻي ٿي ته ان جو پورو خاندان ٿريٽ ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن ماڻهو اسان کي نٿا بخش ڪن ته سوچيو ته ان وڪٽم جو ڇا حال ٿيندو هوندو ۽ ان جي خاندان سان ڇا حال ٿيندو هوندو؟ جڏهن اسان ان قسم جي ڳالهه ڪندا آهيون ته ماڻهو اسان جي مٿان ئي فليش بيڪ ڪندا آهن. اسان کي متاثره عورت جي عزت ۽ احترام جو خيال ڪندي ان جي مدد ڪرڻي آهي. ان طرح سان هو اسان جي مٿان ڀروسو به ڪنديون ۽ اڳيان وڌنديون. ڪڏهن ڪڏهن مان به پريشان ٿي ويندي آهيان ڇو جو مان به انسان آهيان. ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته جڏهن ڪو ٿريٽ آيو ته مون کي پنهنجي خاندان کي نه ٻڌائڻ گهرجي ته جيئن هو پريشان نه ٿي وڃن، پر مان ان جو به مقابلو ڪيو. سوشل ميڊيا تي به ٿريٽ ملندا آهن ۽ اڪثر اهڙيون ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ملنديون آهن جنهن ۾ ڪابه حقيقت نه هوندي آهي، پر اسين سمجهون ٿا ته اسان جو ڪم اهڙو آهي جنهن سان اسان جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جيڪو شايد ناممڪن آهي.
زاهده ابڙو: توهان جي آرگنائيزيشن پوليس سان گڏجي جيڪو وومين پروٽيڪشن سيل هلائي ٿي ان جو پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن ڪيئن ٿو ٿئي، ان جي ورڪنگ ڪيئن ٿي ٿئي ۽ عورتن جي ڪيئن مدد ڪئي وڃي ٿي؟
ماروي اعواڻ: مان سڀني کان پهرين ته وومين پروٽيڪشن سينٽر جي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيندس جيڪا هڪ نان پرافٽ آرگنائيزيشن آهي جنهن جي مان CEO آهيان. اسان کي اهو خيال ان لاءِ آيو ته اسان عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪريون ٿا، جيڪڏهن اسان اهو ڪم آرگنائيزيشنل طريقي سان ڪنداسين ته ان جو اسڪوپ وڌندو. جيئن ته اسان معذور عورتن لاءِ به ڪم ڪري سگهنداسين ۽ اسان ڪم ڪريون به پيا، اسان خواجه سرائن لاءِ به ڪم ڪريون پيا ۽ اهو ڪم اسان ڪووڊ-19 جي ڏينهن ۾ شروع ڪيو، جنهن ۾ خواجه سرائن جي لاءِ ٻاهر نڪرڻ به مشڪل ٿي پيو، انهن جا فنڪشن بند ٿي ويا ۽ صفا محتاج ٿي ويا، نه هو ڪٿان ڪمائي پيا سگهن ۽ نه وري پني پيا سگهن. ان لاءِ اسان انهن جي ڪمائي جا رستا انهن کي ٺاهي ڏنا. انهن جي تحفظ جي لاءِ جيڪي بل پاس ٿين ٿا انهن جي لاءِ ڪم ڪيو. گهريلو تشدد جي خلاف اسان مهم هلايون آهن ته جيئن ماڻهن کي گهڻي ۾ گهڻي ڄاڻ ملي سگهي. تربيتي سيشنز جو هڪڙو سلسلو اسان ڳوٺن ۾ ۽ تعليمي ادارن ۾ شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ مان پاڻ به ٽريننگ ڏيندي آهيان اسان جي ٽيم به ان ۾ شامل هوندي آهي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ماڻهن ۾ ڄاڻ پيدا ٿي سگهي. جڏهن ڳالهه ٿا ڪريون ته وومين پروٽيڪشن سينٽر پوليس سان گڏ ڪهڙو ڪم ڪري رهيو آهي ته اهو ٻڌايان ته اسان 2017ع کان پوليس سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان هڪڙو عورت دوست ماڊل کڻي آيا آهيون جتي ڪابه عورت اطمينان سان اچي پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي ٿي، ان کي ڪنهن ٿاڻي تي وڃڻ جي ضرورت ناهي، اهي وومين پروٽيڪشن يا وومين چلڊرين سيل ۾ اچي پنهنجي مسئلي يا ٻار جي مسئلي جي باري ۾ ٻڌائي سگهن ٿيون. اتي رڳو انهن کي پوليس ايڪشن نه ڏنو ويندو آهي، اتي جيڪڏهن ڪا اهڙي عورت جيڪا معاشي طور ڪمزور آهي ۽ وڪيل نٿي ڪري سگهي ته ان کي وڪيل به فراهم ڪيو ويندو آهي، ان کي مفت مشورا به ڏنا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو ايف آءِ اي جي نوعيت جو ڪيس آهي ته ان کي ايف آءِ اي تائين به پهچايو ويندو آهي، ان کي ايف آءِ جا نمبر ڏيئي ان جي ڪيس کي ريفر ڪيو ويندو آهي. اسان جو سنڌ پوليس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته عوام جو پوليس تي ڀروسو قائم ڪيو وڃي. اسان شايد سڀاڻي نه هجون، پر اهي ادارا هلندا رهندا. جيڪڏهن اسان حڪومتي ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌندا رهنداسين ته اها هڪڙي گهڻ وقتي خدمت هوندي، اها سروس اي ڊي خواجه آءِ جي سنڌ جي وقت ۾ شروع ٿي ۽ پاڻ ان جو افتتاح ڪيو. اسان کي شروع ۾ اهو ئي ٻڌڻ لاءِ پئي مليو ته اهڙا ڪيترائي ماڊل شروع ٿيا ۽ ختم ٿي ويا، پر اڄ اهو فخر سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ماڊل سنڌ جي هر ضلعي جي ايس. ايس. پي آفيس ۽ ڊي. آءِ. جي آفيس ۾ موجود آهي. جيڪڏهن ڪنهن به عورت سان ڪوبه گهريلو تشدد ٿئي ٿو يا حراسمينٽ ٿئي ٿي يا ننڍپڻ جي شاديءَ جو ڪو مسئلو آهي يا ان کان علاوه ٻيو ڪوبه واقعو آهي جنهن جي لاءِ قانوني مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي ته ايس. ايس. پي آفيس ۽ ڊي. آءِ. جي آفيس ۾ اسان جا وومين اينڊ چلڊرين پروٽيڪشن سيل سنڌ پوليس سان گڏ قائم آهن، جنهن جي اندر تربيت يافته خواتين پوليس جو عملو موجود هوندو آهي، جيڪي توهان جي ڳالهه ٻڌنديون ۽ توهان کي صحيح مشورو به ڏينديون ۽ جيڪڏهن پوليس ايڪشن جي ضرورت هوندي ته ان ۾ به توهان جي پوري مدد ڪئي ويندي. 0229200877 هي نمبر ڊي آءِ جي آفيس حيدرآباد جو آهي. اتان توهان فون ڪري سنڌ جي هر ضلعي ۾ قائم ٿيل سيل جو فون نمبر حاصل ڪري سگهو ٿا. اسان جو تجزيو اهو آهي ته عورت جي مٿان گهڻو ڪري تشدد پنجين وڳي کانپوءِ ٿو ٿئي. ڇو ته ان جو ابيوزر سڄو ڏينهن ٻاهر ڪمائڻ ۾ مصروف هوندو آهي ۽ جڏهن هو گهر اچي ٿو ته هو عورت جي مٿان تشدد ڪري ٿو، کيس گهر کان ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ ان ڪري ضروري آهي ته اهي نمبر رات جي ٽائيم تي به موجود هجن. جيڪي انچارجز آهن انهن وٽ واٽس ايپ نمبر موجود هوندا آهن ته جيئن وڪٽم انهن سان آسانيءَ سان رابطو ڪري سگهن. فيس بُڪ تي وومين پروٽيڪشن سيل جي نالي سان پيج آهي. توهان ان کي وزٽ ڪري سگهو ٿا ۽ ان جي ان باڪس جي ذريعي ٽيم سان رابطي ۾ اچي سگهو ٿا. اها اسان جي هڪڙي ڪوشش آهي ته اسان سڀ گڏجي ڪري پنهنجي انهن ڀيڻن کي انهن حالتن مان ڪڍي اچون. حالتون ايتريون ته خراب هونديون آهن جو اڪثر اوقات عورتون بنا پوتي ۽ پيرن ۾ چپل به نه هوندي اٿن ٻارن کي وٺي اسان جي سيل پهچنديون آهن. جن عورتن جي مٿان جسماني تشدد ٿئي ٿو يا انهن جو ريپ ٿئي ٿو اهي هڪڙي نفسياتي ٽراما ۾ هليون وڃن ٿيون، ان جي مئنيجمينٽ لاءِ به اسان ڪم شروع ڪري رهيا آهيون. جيڪي عورتون ماهر نفسيات آهن انهن جي طرف اسان ريفر به ڪندا آهيون. ان کان علاوه شاگردن جي والنٽيئر ٽيم آهي جيڪا فون جي ذريعي ڪائونسلنگ ڪندي آهي.
زاهده ابڙو: جيڪڏهن توهان ايڪٽوزم نه ڪندا هجو ها عورتن جي حقن لاءِ ڪم نه ڪندا هجو ها ته هينئر توهان ڇا ڪندا هجو ها؟
ماروي اعواڻ: مون کي آرٽ جو شروع کان وٺي تمام گهڻو شوق رهيو آهي. يوٽيوب تي ۽ ٻين مختلف چئنلن تي ڏسي ڪري مصوري ڪرڻ، گلاس پينٽنگ ڪرڻ جو شوق رهيو آهي. هڪ ته آرٽسٽڪ ذهن آهي ان کان علاوه مون کي لکڻ جو به تمام گهڻو شوق رهيو آهي. في الحال شيون لکي اڌ ۾ ڇڏي ڏيندي آهيان، پر مون کي لکڻ جو شوق آهي ۽ چاهيان ٿي ته ايڪٽوزم سان گڏ ليکڪه به ٿيان. ان کان علاوه هن وقت ايل. ايل. بي به ڪري رهي آهيان ۽ قانون جي ٽئين سال ۾ آهيان ۽ هڪ جج جي صورت ۾ سامهون اچڻ چاهيان ٿي. محسوس ڪندي آهيان ته جڏهن خواتين جا ڪيس ڪورٽن ۾ وڃن ٿا ته اتي ڪا نه ڪا ڪمي رهجي ٿي وڃي ۽ ان ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ مون کي ان جو حصو بڻجڻ گهرجي.
زاهده ابڙو: جيڪڏهن پاڪستاني عورت ۽ خاص ڪري سنڌ جي عورت جو دنيا جي ٻين ملڪن جي عورتن سان تقابلي جائزو ڪجي ته اسان کي سنڌي عورت ڪٿي بيٺل نظر ايندي.
ماروي اعواڻ: جيڪڏهن اسان مقابلو ڪريون ٿا ته اسان جي عورت ڪنهن کان به گهٽ ناهي. توهان کي هڪڙو مثال ڏيندي هلان ته جڏهن مان ملتان وئي هئس ۽ اتي پروفيسرن کي جينڊر سينسيٽائيزيشن جي ٽريننگ ڪرائي رهي هئس ته اتي ماڻهو حيران پيا ٿين ته توهان سنڌ مان آيا آهيو، اسان ته ٻڌو آهي ته سنڌ ۾ عورت کي پڙهايو نٿو وڃي، اتي ته عورت کي ڪاري ڪري ڇڏيندا آهن. ان قسم جون عجيب و غريب ڳالهيون اسان جي لاءِ مشهور آهن، جن ۾ ڪابه حقيقت ڪونهي. اسان وڌ ۾ وڌ تعليم حاصل ڪري وڌ ۾ وڌ سفر ڪري انهن خيالن کي غلط ثابت ڪري سگهون ٿا. اها ڳالهه ٻي آهي ته سکر واري پٽي تي جيڪڏهن ڏسجي ته ڪاريءَ وارو رجحان نظر اچي ٿو. عورتن کي مٿي ۾ ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مسئلا موجود آهن، پر ان جي باوجود به سنڌ جي عورت تمام گهڻي مضبوط آهي ۽ اسان جي عورت کي اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ضرورت آهي. اسين پاڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهيون ته اسان سنڌ جون عورتون آهيون، پاڪستان کي ريپريزنٽ ڪرڻ لاءِ مان تازو سيپٽمبر ۾ رشيا وئي هئس اتي ستهتر ملڪن جون نوجوان خواتين نمائندا اسان سان گڏ هيون ۽ انهن جي وچ ۾ اسان سنڌ کي، سنڌي ٻوليءَ کي، سنڌي ڪلچر کي، پنهنجي ٽئلينٽ کي ۽ پنهنجن انهن خيالن کي پيش ڪيو ته اسان مسئلن کي ڪيئن حل ڪري سگهون ٿا. يقين ڪريو ته ان ۾ جيڪي اسان جا ڏهن ڏهن عورتن جا گروپ ٺاهيا ويا جنهن ۾ اٺ اٺ يا پندرهن پندرهن عورتون شامل هيون. جنهن ۾ مون تقريبن هر گروپ کي ريپريزنٽ ڪيو. ان کان وڌيڪ سنڌي عورت ڇا ڪندي. سنڌ جي عورت تمام گهڻا ميدان کٽيا آهن. جنهن ۾ اسان به هڪ مثال قائم ڪيو آهي. اسان جون عورتون ادب، تعليمي ادارن، سول سروسز، بيورو ڪريسي ۾ موجود آهن، جتي هو سنڌ جو نالو ۽ پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪري رهيون آهن.
زاهده ابڙو: عورت لاءِ هڪ ننڍڙو پيغام ته هو پنهنجو پاڻ کي اڃان وڌيڪ ڪيئن سنواري.
ماروي اعواڻ: مان پنهنجي پيغام کان پهرين هڪ ننڍڙي چوڻي دهرائڻ چاهينديسInjustice anywhere is a threat to justice to everywhere. جيڪڏهن اسان پنهنجين نياڻين کي دنيا ۾ مقابلو ڪرڻ نٿا سيکاريون ته ان سان بي انصافي ٿيندي ۽ جيڪڏهن هوءَ ان نا انصافي کي برداشت ٿي ڪري ته ان ۾ کيس ڪمزور ڪرڻ وارن جو به حصو هوندو آهي. توهان وڌ ۾ وڌ پنهنجين نياڻين کي مضبوط ڪريو ۽ پنهنجين نياڻين کي دنيا جو مقابلو ڪرڻ سيکاريو، کيس صرف برداشت ڪرڻ نه سيکاريو. جڏهن اسان انهن کي مقابلو ڪرڻ سيکارينداسين ته هو هر چئلينج ۽ هر مشڪل مان پاڻ به ٻاهر نڪرنديون ۽ جن ٻارن کي هو جنم ڏينديون انهن کي به هو ساڳيو مقابلو ڪرڻ وارو ۽ مضبوط ٺاهينديون. پنهنجين نياڻين کي تعليم ضرور ڏيو. ڇو ته جيڪڏهن توهان جي نياڻي کي زندگيءَ ۾ ڪنهن به مشڪل يا تشدد جو مقابلو ڪرڻو پيو ته ان وقت کيس ڏنل ڏاج نه، پر ان وقت سندس ذهانت ۽ سندس تعليم ان تشدد ۽ چئلينج مان به سهارو ڏئي ڪڍندي. تعليم عورت جو بنيادي حق آهي، جيڪو ان کي اسان جو آئين ڏئي ٿو، جيڪو کيسUniversal Declaration of Human Rights (UDHR) جو چارٽر ڏئي ٿو جيڪو سڄي دنيا ۾ جتي جتي جنهن ڪنڊ ۾ به عورت رهي ٿي ان کي حاصل ڪرڻ کپي. عورت به هڪ ٻار جي شڪل ۾ هڪ گهر ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ ماءُ پيءُ جي اها پهرين ذميداري آهي ته جيئن هو پٽن کي پڙهائين ٿا اوتري تعليم بلڪه ان کان وڌيڪ تعليم انهن کي پنهنجي نياڻين کي ڏيڻ گهرجي. ڇو ته اهي توهان جو گهر ڇڏي ٻئي گهر ۾ وينديون انهن کي تعليم جي مضبوط سهاري جي ضرورت آهي.
***

