خاص

ميگا مني لانڊرنگ: زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم جي ڪارروائي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر تي ٻيهر فرد جرم عائد نه ٿي سگهي آهي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت نمبر 2 جي جج اعظم خان جي عدم دستيابي سبب آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف فرد جرم جي ٻڌڻي بغير ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي. آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي فرد جرم جي ڪارروائي 29 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي. ملزم عبدالغني مجيد ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته هڪ ملزم جي پلي بارگين رپورٽ به ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو امڪان.