خاص

هاڻي وراثتي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت وڃڻ جي ضرورت ناهي

سُڌ سماءُ واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا 2 آرڊيننس جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا قيدين جي سزا ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. معافين وارو اعلان سنگين ڏوهن ۾ ملوث قيدين تي نه هوندو. هن چيو ته ڪابينا اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪراچي جا 100 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگار سڪو جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته هاڻ وراثتي سرٽيفڪيٽ لاءِ عدالت وڃڻ جي ضرورت نه رهي آهي. هاڻ نادرا فيملي ڏسي وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگهندي.