”هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ“ ناوليٽ- قسط-6 يان پال سارتر ترجمو: منور سراج July 2021
جنهن مهل مائيءَ مون کي پنهنجي پُٺ ڏني ان مهل مون خارش واري پائوڊر جي مُٺ ڀري هنڌ تي ڇٽي ڇڏي ۽ پوءِ مٿان وري کيس چيم ته “مان نامرد آهيان” ۽ هنڌ مان اٿي ٻاهر نڪري آيس.
ليوسين وسڪيءَ جون ڪجهه سوايون سُرڪيون ڀريون هيون سو همراهه صفا اصل مست لڳو پيو هو.
هو ڪو گيت جهونگارڻ لڳو:-
کيس اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته هن وانگر ان مهل برجري به ڪنهن الهڙ ڇوڪراٽ وانگر موج ۾ هو.
“مون فقط هڪڙو ڪمرو ڪرائي تي ورتو هو” ٻئي هوٽل تي پهتا ته برجري چيو “پر ڪمري جو باٿ روم ڪافي ڪشادو آهي.”
ليوسين گهڻو حيران نه ٿيو. هن سفر دوران ئي پنهنجو ذهن ٺاهي ورتو هو ته هو هڪ ئي ڪمري ۾ برجري سان گڏ رهندو. هاڻي هن کي رڳو هڪ ڳالهه ڪُکي رهي هئي، اها هئي ته سندس پير ڌوتل نه هئا، جنهن مهل سندن ٿيلها مٿي ڪمري ڏي آندا پئي ويا ان مهل ليوسين تصور ئي تصور ۾ ڏٺو ته برجري کيس چئي رهيو آهي “صفا ڪو گدلو آهين چادرون خراب ڪري ڇڏيون اٿئي” ۽ هو وراڻي رهيو هو ته “صفائي سٿرائي جي حوالي سان منهنجا خيال ته صفا بورجوائي آهن.”
پر برجري کيس باٿ روم ڏي ڌڪيندي چيو، “تون وهنجي سهنجي تيار ٿي، مان ڪمري ۾ ڪپڙا ٿو لاهيان”
ليوسين مزي مزي سان پاڻ کي مهٽي سهٽي وهنجڻ لڳو، هن ڪاڪوس به ڪرڻ چاهيو، پر اها همت نه ٿيس. تنهنڪري پاڻ کي واش بيسن ۾ پيشاب ڪرڻ تائين محدود رکيائين. پوءِ رات واري شرٽ ۽ ماءُ وارا سپاٽا پاتائين (جيڪي ماڻس کيس عارضي طور پائڻ لاءِ ڏنا هئا. سندس پنهنجو سليپر صفا ردي هو ۽ هنڌان هنڌان ڦاٽو پيو هو).
“تون تيار آهين” برجري پڇيس “ها… ڀلي اچ هاڻي”
برجري نيري پاجامي تي ڪارو ڊريسنگ گائون پاتو هو، ڪمري ۾ يو ڊي ڪولون جي خوشبو پکڙيل هئي.
“رڳو هڪڙو بسترو؟” ليوسين چيو.
برجري ڪوبه جواب نه ڏنو:- هن ليوسين ڏانهن خاموشيءَ جي ڪناري تان ڏٺو جيڪا نهار پوءِ هڪ وڏي ٽهڪ ۾ ٽُٽي پئي.
“پنهنجي اها شرٽ ته ڏس” برجري کلندي چيو.
“اها اڳڙي پائڻ مان ڪهڙو فائدو! اهو ته صفا اصل مسخرن جهڙي کل جوڳي آهي. ڪاش ان حالت ۾ تون پاڻ کي پاڻ ڏسي سگهين ها”
“ٻن سالن کان وٺي” ليوسين ڪاوڙ مان چيو “امان کي چوندو پيو اچان ته مون کي نئون وڳو وٺي ڏي”
برجري سامهون ڦري آيس “هلو خير آهي، تون اهو پاجامو لاهي ڦٽي ڪر” هن ڪجهه اهڙي آواز ۽ انداز ۾ چيس جو ان جي جواب ۾ انڪار ڪرڻ ممڪن نه هو.
“مان پنهنجي پاجامن مان هڪڙو توکي ڏيان ٿو، ٿي سگهي ٿو اهو توکي ڪجهه موڪرو هجي، پر وري به تو واري پاجامي کان ڪافي بهتر آهي”
ليوسين وچ ڪمري ۾ ڄميو بيٺو رهيو، سندس اکيون ڀت تي چنبڙيل پنن تي کتل هيون. هڪ گهڙي لاءِ هن چاهيو ته کيس واش روم ڏي وڃڻ گهرجي، پر پوءِ کيس لڳو ته اهو عمل سندس احمق پڻو ثابت ٿيندو. اتي ئي بيٺي بيٺي قميص لاهي ڇڏيائين.
هڪ گهڙي ماحول تي چپ چپات ڇانيل رهي، برجري مرڪندي ڏانهس ڏٺو. ليوسين کي اوچتو لڳو ته هو پنهنجي ماءُ جا پومي سليپر پايو وچ ڪمري ۾ الف اگهاڙو بيٺو آهي. پنهنجن هٿن ڏي ڏٺائين ريمباد جا وڏا هٿ، هن انهن هٿن سان پنهنجو اگهاڙو پيٽ ڍڪڻ چاهيو، پر ايئن ڪرڻ بدران پنهنجا هٿ پٺيءَ ڏي ورائي ڇڏيائين. ڀتين تي اڪريل واڱڻائي رنگ جون ٻه چوڪور لڪيرون اڳتي پوئتي ٿينديون پوئتي کان به پوئتي ٿينديون پئي ويون.
“منهنجو رايو آهي ته” برجري چيو تنهنجو هي بدن ايئن پاڪ دامن آهي جهڙوڪر ڪنوارو هجي:- پاڻ کي درسنيءَ ۾ ڏس! سج وانگر ٻرين پيو ٿو. البته تون راتوڪي لباس کان وڌيڪ هن وڳي ۾ ٺهين پيو.
“ها” ليوسين ڳالهه تي زور ڏيندي چيو “پر ڪو ماڻهو جنهن مهل اگهاڙو هوندو آهي تنهن مهل ٺپ ڪونه ٺهندو آهي، مون کي پاجامو ڏي جلدي ڪر.”
برجري ڏانهس ريشمي پاجامو اڇليو جنهن ۾ ڪنهن خوشبودار جهنگلي ٻوٽي جهڙي وڻندڙ خوشبو هئي. پوءِ ٻئي وڃي هنڌ ۾ ڪريا.
آس پاس هڪ ڳري سانت ڇانيل هئي:-
“مان بيمار ٿي پيو آهيان” ليوسين چيو “مان الٽي ڪرڻ ٿو گهران”
برجري ڪجهه نه وراڻيو.
ليوسين پنهنجي نڙيءَ ۾ وسڪيءَ جي ڪوڙاڻ محسوس ڪئي.
“لڳي ٿو هي همراهه منهنجو ڪم لاهڻ ٿو چاهي”
هو سوچڻ لڳو ۽ سامهون ڀت تي اڪريل واڱڻائي رنگت واريون چوڪور مستطيل پٽيون، يو ڊي ڪولون ڳري خوشبو جي ڪري ڦرڻ لڳيون.
“مون کي هن سفر تي نڪرڻ لاءِ هائوڪار نه ڪرڻ گهربي هئي.”
هونئن به هن جو ڀاڳ نه هو.
گذريل ڪجهه ڏهاڙن دوران هو ڪئي دفعا اهو محسوس ڪري چڪو هو ته برجري کانئس ڇا ٿي حاصل ڪرڻ چاهيو! ۽ هر ڀيري ڄڻ ڪنهن خاص مقصد هيٺ اهڙو ڪجهه ٿيو ٿي جو سندس خيال مٽجي ٿي ويو ۽ هاڻي؟ هاڻي هو اتي ئي هو! هن همراهه جي هنڌ ۾. مان هوند جيڪر پنهنجو وهاڻو کڻي وڃي واش روم ۾ سمهان ته چڱو! پر منجهس همت نه ٿي سگهي. هن برجري جي ٽوڪ واري مرڪ جو تصور ڪيو. هو کلڻ لڳو.
“مون هڪ گهڙي اڳ هن طوائف بابت پئي سوچيو”
هن چيو “هاڻي پڪ سان پنهنجي بدن کي کرڙو لايو ويٺي هوندي”
برجري اڃان به ڪو جواب نه ڏنو.
ليوسين اک ٽيٽ ڪري ڏانهس ڏٺو.
هو ڏاڍي معصوميت سان مٿي هيٺان ٻئي هٿ ڏئي سڌو سنئون ليٽيو پيو هو.
ليوسين تي هڪ سگهاري ديوانگي ڇانئجي وئي. هن ٺونٺ ڀر ڪجهه اُڀو ٿيندي چيو، “اڇا ڀلا هڪ ڳالهه ته ٻڌائي! توکي اڃان ڇا جو انتظار آهي! تون مون کي هتي رسا وٽائڻ ته ڪونه وٺي آيو آهين نه!”
“اڙي يار مون هي ڇا چيو!” ليوسين حيرت مان سوچيو، پر کيس پنهنجي لفظن تي پڇتائڻ ۾ دير ٿي چڪي هئي.
برجري ڏانهس مڙي کيس حيران حيران اکين سان ڏٺو.
“الا! هن ملائي جهڙي منهن واري فرشتي کي ته ڏسو! ٺيڪ آهي ٺيڪ آهي منهنجا گڏڙا، اهو جملو مون توکان ڪونه ڳالهرايو آهي! مان اهو ئي آهيان جنهن کي تون پنهنجي حواسن جي اضطراب جو ذميوار ٿو سمجهين!!”
هن هڪ ڊگهي لمحي تائين کيس گهوريو ٻنهي جا منهن ذري گهٽ هڪٻئي سان مليل هئا. پوءِ هن ليوسين کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ سندس شرٽ مان پنهنجو هٿ اندر اماڻي سندس ڇاتيءَ کي ڇُهڻ ۽ سهلائڻ لڳو. اهو سڀ اڻوڻندڙ نه هو کيس ان مان ٿورو ٿورو مزو پئي آيو. رڳو برجري خود ٿورو ٿورو ڊنل ۽ هٻڪيل هو جنهنڪري هو ڪجهه ڪجهه احمق پئي ڀاسيو.
“توکي حجاب ته ڪونه ٿو ٿئي نه ننڍڙا پلونگڙا… ڦڪائي ته نٿي ٿئي نه ننڍڙا ٻلا…”
برجري جا اهي لفظ ۽ جملا ڪنهن ريلوي اسٽيشن تي گرامو فون مان گونجندڙ ريل گاڏين جي آمد ۽ روانگي جي اعلان وانگر پئي ڀاسيا.
ان جي ابتڙ برجري جو هٿ نازڪ ۽ نفيس ۽ صفا هلڪڙو هو ۽ ها اهو هٿ ڄڻ پنهنجي پاڻ هڪڙو سڄو سارو شخص هو جنهن سندس ڇاتيءَ کي ننهن سوسي پاڻيءَ جي ڇُهاءُ وانگر ٽاڪور پئي ڪئي. ليوسين اهو هٿ جهلي بغل وٽان پٽي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪرڻ چاهيو، پر ايئن ڪرڻ تي ته برجري مٿس کلي ها!!:- هن ڪنواري همراهه جا حجاب ته ڏسو! هن جو هٿ آهستي آهستي هيٺ سرڪندو وڃي ٽرائوذر جي بيلٽ تي بيٺو ۽ پوءِ ڳنڍ کولڻ لڳو ليوسين کي لاڳيتو ٻه ڀيرا آت آيا ۽ کيس ڊپ ورائي ويو ته ڪٿي هو چانديءَ جهڙن چمڪندڙن انهن وارن تي الٽي نه ڪري وجهي جن مان عظمت جا اهڃاڻ پئي بکيا.
ڪاوڙ مان ليوسين جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا ۽ هن پنهنجي پوري سگهه سان پاڻ کي برجري جي ڀاڪر مان ٻاهر ڪڍيو ۽ وڏا وڏا ساهه کڻندي چيو “تو مون کي ڪجهه وڌيڪ ئي پياري ڇڏيو… مون کي هاڻي الٽي پئي اچي.”
“ٺيڪ آهي وڃ وڃ” برجري چيو “وڃي پنهنجو هنياءُ هلڪو ڪر” وڌيڪ چپن ۾ ڀڻيڪو “شاندار شام.”
ليوسين واش روم ۾ گهڙي دروازو بند ڪيو ته پاڻ کي ايڏو تنها تنها ۽ لاوارث محسوس ڪيائين جو صفا ڦسي پيو، سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. سندس گائون ۾ نه ڪوئي کيسو هو نه ئي کيسي ۾ ڪو رومال جو پنهنجون اکيون اگهي ها. ان ڪري اکيون ۽ نڪ ٽئاليٽ ڪاغذ سان اگهيائين، پنهنجي آڱر وات ۾ وجهي ڪاڪڙي تائين پڄايائين، پر الٽي نه آيس. پوءِ روبوٽڪ انداز ۾ ٽرائوذر هيٺ ڪري ڏڪندڙ جسم سان هيٺ ويٺو.
“ڪمينو ڪنهن جاءِ جو” هن سوچيو “ڀڙوو ڀيڻسان” هو ڏاڍي بي رحمي سان بي عزتو ٿيو هو. ڇا جي ڪري ايڏي شرمندگيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو هو! ان ڪري جو هن برجري جي ڇُهاءُ کي قبوليو هو يا ان ڪري جو انهن لمحن ۾ گرمجوشي محسوس نه ڪئي هئائين!!
دروازي جي پَريئن پاسي ٺڪا ٺڪي ٿي ته ليوسين جا ڪن اڀا ٿي ويا، پر هو واش روم مان نڪري ڪمري ڏي وڃڻ جو فيصلو نه ڪري سگهيو.
“مون کي واپس ڏانهس وڃڻ گهرجي” هن سوچيو “لازمي طور… ٻي صورت ۾ هو بارلياڪ سميت مون تي کلون ڪندو.” ۽ هو ٿورو مٿي به اٿيو، پر جيئن کيس دروازي جي جهير مان برجري جي جسم جو ڪجهه حصو نظر آيو ۽ کيس هي لفظ چوندي ٻڌئين “تون ڦڪو ته نه پيو ٿئين نه ننڍڙا پلونگڙا” ته هو مايوسيءَ جي عالم ۾ واپس هيٺ ويهي رهيو. گهڙيءَ کانپوءِ کيس پيٽ ۾ وٽ پيو ۽ هو هڪڙو ٻه دست ويٺو تڏهن وڃي ڪجهه سڪون محسوس ڪيائين” لڳي ٿو ته منهنجي سڄي ڪاوڙ هيٺيان وهي وئي هو ڀڻڪيو “ڏاڍو ڀلو ٿيو” حقيقت ۾ کيس الٽي ڪرڻ جو ارادو نه هو.
“هو مون کي اذيت پهچائڻ ٿو چاهي” هن سوچيو “لڳي ٿو مان بيهوش ٿيڻ وارو آهيان” آخر ۾ کيس ايڏو سيءُ ٿيڻ لڳو جو ڏند ٺڙڪڻ لڳس. کيس لڳو ته هو بيمار پوڻ وارو آهي، همت ٻڌي اٿي کڙو ٿيو. ڪمري ۾ داخل ٿيو ته برجري بي يقيني جي عالم ۾ ڏانهس ڏسڻ لڳو:- ان مهل هن سگريٽ پئي ڇڪيو ۽ پاجامو لٿل هئس جنهن مان سندس بدن جو سنهڙو ڍانچو صاف نظر پئي آيو. ليوسين آهستي آهستي نائيٽ گائون ۽ سليپر لاهي، بنا هڪ لفظ به ڳالهائڻ جي هنڌ ۾ گهڙي ويو. هو مادام بيسي بابت سوچڻ لڳو جنهن سندس پيٽ تي هٿ گهمائيندي کيس “منهنجي ننڍڙي گڏي” ڪوٺيو هو ۽ ان مهل کيس هيبارڊ به ياد آيو جيڪو کيس “ڊگهو لڪڙو” سڏيندو هو ۽ کيس وهنجڻ سهنجڻ وارا اهي صبح به ياد آيا جن ۾ هو مادام بائو فارديئر جو تصور ڪرڻ لڳو جيڪا کيس قبضي ٽوڙ دوائون ڏيندي هئي.
هن پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو “آئون هن جي ننڍڙي گڏي آهيان.”
ٻئي ڏينهن هو ٻئي منجهند ڌاري ننڊ مان اٿيا. بيرو چانهه پاڻي ۽ ناشتو کڻي آيو.
ليوسين کي هو ڪجهه گهمنڊي نظر آيو ۽ هن بيچيني جي هڪ لهر هيٺ سوچيو ته هو سوچيندو هوندو ته “مان هڪ پري آهيان”
برجري تيل ڦليل ڪري صفا من لڳو پيو هو ۽ سگريٽ پيئڻ جي خيال سان ٻاهر دڪانن ڏي هليو ويو. جڏهن ته ليوسين وهنجڻ لڳو. “ڳالهه دراصل مٿي آهي ته” پاڻ کي صابڻ لڳل برش سان مهٽيندي سوچڻ لڳو “اهو سڀ ڪجهه ڏاڍو بيزار ڪندڙ آهي” بهرحال مون ڳالهه جي ڳنڍ کولي ورتي آهي، پر هن پنهنجي حوالي سان پاڻ کي وڌيڪ سوچڻ کان زوري روڪي ڇڏيو. ڏينهن ڏاڍو ڊگهو هو.
برجري کيس لاتر يمونت (فرينچ شاعر) جي زندگيءَ جو احوال ٻڌايو، پر ليوسين سندس ڳالهين ڏي خاص توجهه نه ڏيئي سگهيو.
برجري ساڻس ٿورو ڦڪو ڀوڳ چرچو ڪيو.
اها رات هو ڪاديبيڪ ۾ ترسيا ۽ منجهند ڌاري پيرس موٽي آيا.
ٿلهي ليکي ڳالهه جو ڳر هيءُ ته ليوسين پنهنجي پاڻ ۾ هرو ڀرو ناخوش به نه هو.
والدين وڏا ڀاڪر پائي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
“مون کي اميد آهي ته تون برجري جو احسانمند ٿيندي کيس “مهرباني، چيو هوندو” ليوسين کي سندس ماءُ چيو.
هن گهڙي کن ماءُ سان حوال ڪيا، کيس نارمنڊي (اتر فرانس جو علائقو) جي ٻهراڙين بابت ٻڌايو ۽ پوءِ ساجهر ئي وڃي هنڌ ۾ پيو. اها رات هن ڪنهن فرشتي جهڙي گهري ننڊ ڪئي، پر صبح جو ننڊ مان جاڳيو ته پنهنجي اندر ۾ ڏڪڻي محسوس ڪيائين. هو هنڌ مان نڪتو ۽ خاص دير درسنيءَ ۾ پنهنجو منهن ڏسندو رهيو.
“مان لونڊي باز آهيان” هن پاڻ کي چيو ۽ سندس روح ٻڏي ويو.
“ليوسين پٽ اٿ هاڻي” ماڻس در وٽان کيس سڏيو “اڄ اسڪول وڃڻو اٿئي”
“ها امان” هن فرمانبرداريءَ سان چيو، پر ٻاهر نڪرڻ بدران پاڻ کي واپس هنڌ ۾ کڻي سٽيائين ۽ پنهنجي پيرن جي آڱوٺن ڏي گهورڻ لڳو. “اهو سڀ صحيح ناهي، مون کي اندازو نه هو، مون کي اهو تجربو ناهي” هڪ شخص هڪ هڪ ڪري اهي ٻئي آڱوٺا چوپيا هئا. ليوسين حقارت مان منهن ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيو.
هو تيار ٿي ٻاهر نڪتو، پر اسڪول وڃڻ لاءِ دل نه مڃيس، هيٺئين پاسي لامبيل اوينيو (فرانس جو هڪ علائقو) ۾ سئن درياهه ڏي وڌي ويو ۽ ان جي ڪناري سان پسار ڪرڻ لڳو. آسمان صاف شفاف هو. رستن راهن ۽ ڳلين ۾ ساون پنن ۽ انگلش تماڪ جي خوشبو ڦهليل هئي. هڪڙو نئون وڳو پائڻ جو خواب هڪ نئين نڪور روح ۾ ڌوتل پوتل بوٽ تي صاف سٿرا تهدل ڪپڙا. ماڻهن جو ڏيک ويک اخلاق وارو هو:- بهار جي هن دلڪش رت ۾ رڳو هڪڙو ليوسين ئي بي يقينيءَ جو شڪار ۽ عجيب و غريب ڪيفيت ۾ مبتلا هو.
“قسمت جو چڪر” هن سوچيو“ مون اوڊيپس ڪامپليڪس کان شروعات ڪئي ۽ هاڻ آئون لونڊي باز آهيان! الائي ڪٿي دنگ ڪندس.”
پڪ سان اڃان سندس معاملو ايڏو گهڻو ڳنڀير نه بڻيو هو:- هن برجري جي “مهٽ سهٽ” مان ايڏو ڪو گهڻو مزو نه ماڻيو هو، “پر فرض ٿا ڪريون ته جي آئون عادي ٿي وڃان ته پوءِ!؟”
هو ڳڻتي مان سوچڻ لڳو ته هو هڪڙو گندو ماڻهو بڻجي ويندو. ساڻس ڪوبه ماڻهو عليڪ سليڪ نه ڪندو. جنهن مان پنهنجي پيءُ جي ملازمن کي ڪوبه حڪم ڪندس ته اهي مون تي ٺٺوليون ڪندا. ليوسين شڪايت جي انداز ۾ پنهنجي ڀيانڪ مستقبل جو تصور ڪيو. هن پاڻ کي هڪ بدشڪل، ڀيانڪ ۽ مرڻينگ مُڇر پوڙهي جي شبيهه ۾ ڏٺو.
“جناب اوهان جي هتي موجودگي منهنجي ڌيئرن لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي، بلڪه بي عزتيءَ برابر آهي” هو اوچتو دهلجي ويو ۽ تصور جي دنيا مان موٽي آيو. برجري سان سندس واسطي وارو تجربو هڪڙو چتاءُ هو، ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه! کيس ٻيهر اهڙو قدم کڻڻو نه هو. ڇو جو ڪٿي عادت جلد ماڻهوءَ سان چهٽي پوندي آهي ۽ پوءِ کيس ته پنهنجي انهن مرضن Complexes جو علاج به ڪرڻو هو. هن پنهنجي والدين کي ٻڌائڻ بنا ڪنهن ماهر کان پنهنجو Psycho analysis (تحليل نفسي) ڪرائڻ جو ارادو ڪيو ۽ اهو پڻ سوچيو ته انهيءَ کانپوءِ هو پنهنجي وندر لاءِ ڪا نه ڪا سريت سنگتياڻي هٿ ڪندو ۽ ٻين وانگر پاڻ به مرد بڻجي زندگي گذاريندو. جنهن مهل هن جي ذهن ۾ اوچتو برجري جو خيال آيو ته ٺيڪ ان مهل پاڻ کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته بنهه اصل هن گهڙيءَ برجري پيرس جي ڪنهن ڪنڊ پاسي پنهنجي پاڻ ۾ مگن، خوش باش ۽ ذهن ۾ ڀريل يادگيرين سان موجود هوندو.
ليوسين پنهنجي مڪمل حواسن سان برجري لاءِ نفرت محسوس ڪئي هن کانسواءِ سندس لا علاج زهريلي ضمير کانسواءِ هرهڪ شيءِ بهتر ۽ ٺيڪ ٺاڪ هئڻ گهرجي. اهو سڀ ڪنهن کي به معلوم نه هجڻ گهرجي، نتيجي طور هو خود ليوسين کان به وسري وڃڻ گهرجي! “جيڪڏهن هو اوچتو مري پئي! منهنجا مٺا خدا! مان توکان دعا ٿو گهران ته اڄ رات بنا ڪو ڄاڻ ڏيڻ جي کيس موت وجهه! او منهنجا خدا هن سڄي کانجاڻي کي ختم ڪر! مون کي پوري پڪ آهي ته تون نٿو چاهين ته مان لونڊي باز ٿيان” احتياط طور هن اڃان وڌيڪ ٻه قدم کڻڻ لاءِ رب کي ٻاڏايو “منهنجا پيارا خدا اڳوپو بارلياڪ کي به هڪڙي پاسي ڪر.”
ليوسين ان معاملي کي پنهنجي مٿان بوجهه بڻائي برجري ڏي موٽي نه پئي سگهيو. گذرندڙ انهن ڏهاڙن دوران هن پاڻ کي هر هر هن سان ملاقات ڪندي محسوس ٿي ڪيو. اڪثر پنهنجي ڪمري ۾ ڪنهن ڪم ۾ مصروف هوندي به دروازي تي وڄندڙ گهنٽيءَ تي ٽپ ڏيئي کڙو ٿي ٿيو. راتين جو ڊيڄاريندڙ خواب لهڻ ٿي لڳو، پر برجري وري ڪڏهن به مڙي ڏانهس نه ڏٺو ۽ نه ئي کيس پنهنجي زنده هجڻ جو ڪو اشارو ڏنائين.
“هن کي رڳو منهنجي بدن جي طلب هئي” ليوسين ڏکاري من سان سوچيو. بارلياڪ به يڪو گم هو ۽ گئگارڊ جيڪو ڪڏهن ڪڏهن آچر تي ساڻس سائيڪل تي گڏ گهمڻ ويندو هو، تنهن ليوسين کي ٻڌايو ته هن نروس بريڪ ڊائون جي دورن کانپوءِ پئرس ڇڏي ڏنو هو.
ليوسين ڪجهه وڌيڪ ئي چپ چپ رهڻ لڳو:- روئن واري سفر مٿس هڪ ڌنڌلي، ڇنل ڦاٽل خواب جهڙو اثر وڌو. خواب جنهن جو ڄڻ ڪنهن سان ڪو تعلق نه هو:- گهڻو ڪري هو سڀ تفصيل وساري ويٺو هو. هن وٽ رڳو گوشت جي مايوس ڪندڙ بوءِ، يو ڊي ڪولون جو هڳاءُ ۽ هڪڙي برداشت کان وڏي تڪليف جو تاثر بچيل هو.
ڪنهن مهل مسٽر فليوريئر کانئس پڇيو ٿي:-
“تو واري سنگتي برجري جو ڪو حال احوال؟ سندس احسان مندي جي موٽ ڏيڻ لاءِ کيس پاڻ وٽ فيرولس گهرائڻ گهرجي.
“هو نيو يارڪ هليو ويو آهي” هن مختصر جواب ڏئي ڄڻ جند ٿي ڇڏائي.
ڪڏهن ڪڏهن هو گئگارڊ سان گڏ ميرني ڏانهن ڪشتي باني لاءِ به وڃڻ لڳو جتي گئگارڊ جي ڀيڻ کيس رقص سيکاريو.
“آئون جاڳڻ لڳو آهيان” هن سوچيو “آئون نئون جنم وٺي رهيو آهيان.”
پر هو اڪثر پنهنجي پٺيءَ تي ڪو بار محسوس ڪرڻ لڳو هو:- هن جي احساس ڪمتريءَ جا احساس، هن حيرت مان سوچيو ته ڇا کيس فرائيڊ سان ملڻ لاءِ ويانا وڃڻ گهرجي؟
“آئون هٿين خالي پيرين پنڌ نڪري پوندس ۽ کيس چوندس ته مون وٽ پئسو پائي ٺپ ناهي، پر آئون تنهنجو Case مريض آهيان.”
هڪ دفعي جون جي هڪ ٽاڪ منجهند مهل بوليوارڊ جي هڪ گليءَ ۾ فلسفي جي سندس اڳوڻي استاد پروفيسر بابون سان سندس ملاقات ٿي وئي.
“ها مسٽر فليوريئر” پروفيسر بابون چيو “ڏي خبر سينترال جون تياريون آهن؟”
“جي ها سر” ليوسين وراڻيو.
“تو ۾ قابليت هجڻ گهرجي” بابون چيو “ادب جي تعليم سان پاڻ کي ڳنڍڻ جي تون فلسفي ۾ بهتر هئين…”
“سر مون ان مان اڃان به هٿ نه ڪڍيا آهن” ليوسين چيو “هن سال مون ان حوالي کان ڪافي ڪجهه پڙهيو آهي. جيئن مثال طور: فرائيڊ…”
هن ڳالهه اڳتي وڌائيندي چيو “منهنجا محترم استاد مان اوهان کان معلوم ڪرڻ گهرندس ته اوهان جو تحليل نفسي Psycho analysis جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟”
پروفيسر بابون کلڻ لڳو “هڪ انڌو جنون… ڌنڌ” هن چيو “جيڪو گذري ويندو، فرائيڊ جي علم جو هڪ بهترين حصو اڳواٽ ئي اوهان افلاطون وٽ ڏسي سگهو ٿا، سڄي جو سڄو” هن ڪجهه اهڙي آواز ۾ پنهنجي ڳالهه ۾ واڌارو ڪيو جو وڌيڪ ڪنهن بحث جي گنجائش نه بچي “مان توکي ٻڌايان ٿو ته مون کي اهڙي قسم جي بيوقوفي ۾ ڪابه دلچسپي ڪونهي. منهنجي لاءِ اسپونزا Spinoza کي پڙهڻ وڌيڪ بهتر رهندو.”
ليوسين پنهنجي دل تان وڏو بار لهندو محسوس ڪيو ۽ بغل وڄائيندو خوش خوش ساڳين پيرن تي گهر موٽيو. “اهو هڪڙو ڀيانڪ خواب هو” هن سوچيو “جنهن جو هاڻي ڪو نالو نشان نه بچيو آهي”
ان ڏينهن سج ٽامڻي هنيو بيٺو هو، پر ليوسين بنا اک ڇنڀڻ جي ڏانهس گهوريو: اهو سج سڄي دنيا جو هو ۽ ليوسين کي ان جي منهن ۾ ڏسڻ جو پورو حق هو:- هو بچي ويو هو.
“فضول بڪواس” هن سوچيو “اها بيوقوفي هئي… هنن مون کي جنوني بنائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو، پر مون تي سندن هڪ به نه هلي” حقيقت هيءَ آهي ته هن مزاحمت تان هٿ نه کنيو هو. برجري کيس پنهنجي منطقيت (Reasoning) جي ڄار ۾ ڦاسايو هو، پر ليوسين خطري جي بوءِ سونگهي ورتي هئي. مثال طور: اهو ريمباد وارو لونڊي باز جو رجحان هڪڙو داغ هو ۽ ها سچي جڏهن هن ڊينڍڙي بارلياڪ کيس حشيش پيارڻ لاءِ اڪسايو هو ته هن کيس کتو جواب ڏنو هو:- مون پاڻ کي وڃائڻ جو جوکم کنيو هن سوچيو “پر جنهن شيءِ مون کي بچايو اها هئي منهنجي ڪردار جي صحت” ان شام رات واري مانيءَ تي هن مسٽر فليوريئر ڏانهن رحمدل نگاهن سان ڏٺو. مسٽر فليوريئر جا ڪلها ڪجهه وڌيڪ ويڪرا ٿي ويا هئا، ٻهراڙي جي ڪنهن هاريءَ جهڙي شڪل شبيهه اکين ۾ ٽامي جهڙي چمڪ، ٿڌو مزاج، ڀوريون اکيون ۽ مقامي سونهن!
“آئون هوبهو پنهنجي پيءُ جهڙو ٿو لڳان.”
ليوسين سوچيو هن کي ياد آيو ته سمورا فليوريئر پيئرن کان پٽن تائين بلڪه چئن پيڙين کان وٺي ڪارخانن جا مالڪ رهندا پئي آيا.
“خاندان جي سنڀال لاءِ جفاڪشي”
۽ هن فليوريئرس جي ڪردار جي سگهه تي بجا طور فخر محسوس ڪيو.
ليوسين ان سال گريجوئيشن لاءِ امتحان ۾ ويٺو ۽ ٿوري وقت ۾ فليوريئرس واپس فيرولس موٽي آيو. هو هڪ دفعو وري پنهنجي گهر جو سک ماڻي ڏاڍو خوش ٿيو. باغ، ڪارخانو، سانت ۽ ننڍڙو سهڻو شهر اها ڄڻ ڪا ٻي دنيا هجي:- هن روز صبح سوير ننڊ مان اٿڻ ۽ پري پري تائين ٻهراڙين جو سير ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو.
“مان چاهيان ٿو ته” هن پيءُ کي ٻڌايو “پنهنجي ڦڦڙن ۾ صاف سٺي سڄي هوا ڀريان ۽ ايندڙ سال لاءِ پنهنجي صحت جو ذخيرو ڪريان.”
هن گهر جي ڪم ڪار ۾ بائو فار ديئر ۽ بليسي سان گڏ پنهنجي ماءُ جو هٿ ونڊايو، جنهنڪري سڀني کي لڳو ته هاڻي هو وڏڙو، سلڇڻو ۽ سمجهدار ڇوڪرو ٿي ويو آهي. هيبارد ۽ ونڪلمئن جيڪي پئرس ۾ قانون جا ڪورس ڪري ڪري رهيا هئا، موڪلن تي فيرولس ۾ لٿل هئا. هو انهن سان گڏجي کوڙ دفعا گهمڻ ڦرڻ نڪتو. رستي ۾ هنن هڪٻئي سان ڪافي ڀوڳ چرچا ڪيا ۽ هڪٻئي کي لطيفا ٻڌايائون لطيفا جيڪي هو راهب جيڪمارٽ تي ٺاهيندا هئا. سائيڪلن تي هيڏي هوڏي چڪر چاڙي ڏيندي گيت به جهونگاريائون. ليوسين پنهنجي انهن پراڻن لنگوٽين دوستن جي کليل ذهنيت واري رويئي ۽ پنهنجائپ کي ساراهيو ۽ اهڙن جگري دوستن کان ڪو وقت اڳ ڪجهه موشو ڪرڻ تي پنهنجي پاڻ کي ملامت ڪيائين ۽ هيبارد جي آڏو اعتراف ڪيائين ته کيس پيرس جي ڪا خاص پرواهه ناهي، پر هيبارد سندس ڳالهه جو مطلب سمجهي نه سگهيو:- سندس والدين کيس راهب وٽ بطور امانت ڇڏيو هو ۽ مٿس سخت چوڪسي رکي وئي هئي، هو اڃان تائين لوزي جي سير سپاٽن بابت ۽ ان شام جي حوالي سان حيران هو جيڪا شام ان اوپيرا ۾ گذاري هئي.
هيءَ سادگي ليوسين کي ڇهي وئي هئي:- هن پاڻ کي هيبارد ۽ ونڪلمئن جي وڏي ڀاءُ جيان محسوس ڪيو ۽ پنهنجي پاڻ کي چوڻ لڳو ته کيس گذريل برباد زندگيءَ تي ڪو افسوس ڪونهي. هن زندگيءَ جو تجربو حاصل ڪيو آهي. هن انهن کي فرائيڊ ۽ تحليل نفسي بابت ٻڌائيندي کين ٿورو حيران پريشان ڪري پاڻ به لطف اندوز ٿيو. هنن احساس محرومين جهڙن Complexes کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو، پر سندن اعتراض ٻاراڻا هئا ۽ ليوسين مٿن واضح ڪيو ته فلاسافيڪل نقطهءِ نگاهه کان فرائيڊ جي خامين کي پڌرو ڪرڻ بنهه آسان آهي. هنن ان ڳالهه تي سندس ساراهه ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو، پر ليوسين ڪجهه اهڙي ڏک ڏني ڄڻ همراهه ڪجهه ٻڌو ئي نه هجي. …(هلندڙ)…

