خاص

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ 28 نقطن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪورونا جي ملڪ ۾ صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. جڏهن ته نيشنل ڪميشن اسٽيٽس آف ويمن جي چيئر پرسن جي مقرري، نيشنل ڪميشن هيومن رائٽ جي ميمبرن ۽ چيئر پرسن جي مقرري جي منظوري به ڏني ويندي. اجلاس ۾ پاڪستان جي سرڪاري دورن تي ايندڙ دپلوميٽس ۽ آفيسرن جي لاءِ ويزا فيس ۾ ڇوٽ، پرڏيهي ملڪن ۾ ترسيل پاڪستانين کي وراثتي سرٽيفڪيٽ جي جاري ڪرڻ لاءِ نادرا ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي منظوري به اڄوڪي اجلاس ۾ ڏني ويندي. اسلام آباد ۾ سهولت سينٽر قائم ڪرڻ ۽ زائرين مئنيجمينٽ پاليسي، ريگوليٽري فريم ورڪ جي به منظوري اڄوڪي اجلاس ۾ ڏني ويندي.