ٽڪ ٽاڪ اسٽارز لاءِ خوشخبري: وفاقي وزير پاران پابندي هٽائڻ جو اِشارو
انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته شارٽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تان جلد ئي پابندي هٽائي ويندي. وفاقي وزير امين الحق اسلام آباد ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز کي هلائڻ واري آزمائشي منصوبي جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽڪ ٽاڪ تان جلد پابندي هٽائڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو. وفاقي وزير امين الحق جو چوڻ هو ته هو پاڻ به ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي خلاف آهي ۽ کيس اميد آهي ته شيئرنگ ايپليڪيشن انتظاميه سان معاملا حل ٿي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ امين الحق تصديق ڪئي ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميه حڪومت پاڪستان سان رابطي ۾ آهي ۽ ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. امين الحق موجب مڪمل ضابطن سان ئي ٽڪ ٽاڪ تان پابندي هٽائي ويندي، پر هن واضح ناهي ڪيو ته ايپليڪيشن تان ڪيستائين پابندي هٽائي ويندي.

