پي ڊي ايم اڄ حيدرآباد ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندي
پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) اڄ حيدرآباد ۾ جلسو ڪري سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي. حيدرآباد ۾ پي ڊي ايم پاران جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ جلسي لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. جلسي کي مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته سندس ڪنهن سان به جهيڙو ناهي، هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري، لانگ مارچ سان حڪومت جو انت آڻينداسين. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فوج جو سياست ۾ ڪردار نه هجڻ گهرجي، هن سينيٽ بابت صدارتي آرڊيننس کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

