ڊائري جا ورق ڀون سنڌي | # فيبروي 2022
فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر جتي عام ماڻهن کي نه صرف پنهنجي موقف رکڻ، راءِ جو اظهار ڪرڻ ۽ مسئلن جي نشاندهي جي ڀرپور سگهه ميسر ڪئي آهي، اتي عام ماڻهن کي متحد ڪري تحرڪ ۾ آڻڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪا سهولت عام ماڻهو کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ميسر نه هئي. اهو فيس بُڪ يا ٽوئيٽر جو مثبت ڪردار آهي.
پر ساڳئي وقت ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ کانپوءِ ڪنهن شريف ماڻهو جو پٽڪو لاهڻ ۽ ڪنهن لچ لوفر ۽ بدڪردار کي پڳ ٻڌائي هيرو ڪري پيش ڪرڻ جو ڪم به سولو ٿي پيو آهي. اهو فيس بڪ ۽ ٽويئٽر جو منفي ڪردار آهي.
هاڻي اوهان تي ڇڏيل آهي ته توهان سماج جي شعور جي آبياري ٿا ڪرڻ چاهيو يا ڀڀڙ ڀينگ؟ انهيءَ ڪري فيس بڪ يا ٽوئيٽر تي رکيل پوسٽن تي لائيڪَ ۽ ڪمينٽ توري تڪي ۽ معاملي جي تفصيلي ڄاڻ وٺي ۽ تحقيق ڪري پوءِ ڏيڻ گهرجن. جيئن نه ڪنهن جي دل آزاري ٿئي نه ئي ڪو هرو ڀرو هيرو بڻجي سگهي، وڌيڪ وس وارا آهيو.
***
جڏهن آئون ڪرپٽ ۽ لٽيرن حڪمرانن کي اسٽيج تان پنهنجين تقريرن ۾ حبيب جالب ۽ شيخ اياز جي انقلابي شاعري پڙهڻ تي مظلوم عوام کي تاڙيون وڄائيندي، واهه واهه ڪندي يا نعرا هڻندي ڏسندو آهيان ته آئون حيران ٿيندو آهيان ۽ سمجهي ڪونه سگهندو آهيان ته جيڪڏهن عوام انهن کي پنهنجو هيرو يا ليڊر سمجهي ٿو ته آخر انهن جا حق ڪنهن غصب ڪيا آهن ۽ انهن جي جنگ ڪنهن سان آهي؟
***
جيڪو علم جو اڪابر، ڏاهو يا محقق چوي ٿو ته سائنس اڳي ئي ڌرمي ڪتابن ۾ موجود آهي يا انهن مان نڪتي آهي ته منهنجي نظر ۾ اهو به ايترو ئي جاهل آهي جيترو پنڊت.
***
سگنل تي ڳاڙهي بتي جي ٻرڻ سان گاڏيون بيهي رهنديون آهن. مون کي خبر ناهي ته ڳاڙهي رنگ لاءِ زندگي جو رڪجڻ ڪنهن تجويز ڪيو يا ڇو ڪيو؟ پر مان ايترو ڄاڻان ٿو خون جو رنگ به ڳاڙهو آهي ۽ ڳاڙهو رنگ انقلاب ۽ زندگي جي تحريڪ جي علامت آهي.
***
لڳاتار گولين جي بوڇاڙ هن جو بدن ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو هو. سندس جسم مان رت ناري وانگر وهي، ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي رهيو هو. موت هن کان اک ڇنڀ جي وٿي تي هو، پر هو پوءِ به مرڪي رهيو هو. هن کي پنهنجي رت جي سرخي ۽ شفق جي لالاڻ ۾ اهائي مستي محسوس ٿي رهي هئي. (ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي تي لکيل).
***
بندوقن جا منهن ڇا کليا ڄڻ درياهه جو بند ٽٽي پيو هو. ڳڀرو جوان هڪٻئي جي پويان ڌرتي تي ڪري رهيا هئا. هن جي جسم جڏهن ڌرتي کي ڇهيو ته هن کي پنهنجي ماءُ جي گود ياد پئي. ٻنهي ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي هئي. ساڳيو اڻ ميو پيار ۽ سڪون. هن کي لڳو ته هو اڃان اهو ئي ننڍڙو ٻار آهي، جيڪو ماءُ جي گود ۾ پرسڪون ليٽيو پيو آهي… ۽ پوءِ هو پنهنجون اکيون… هميشه لاءِ بند ڪري ڌرتي ماءُ جي گود ۾ سمهي پيو. (ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحي تي لکيل).
***
چوڏس لاش زمين تي پکڙيا پيا آهن، جي تون ڄاڻين ٿو ته هي سڀ مري چڪا آهن ته تو انهن تي پهريدار ڇو بيهاريا آهن؟ ۽ تنهنجي اندر ۾ ڇو هورا کورا مچيل آهي ۽ تنهنجي ننڊ ڇو ڦٽل آهي؟ او ظالم! تون هٿيارن هوندي به ڪيڏو نه هيڻو ۽ ڪانئر آهين.
***
اچو ته زندگي جو سلسلو اتان کان ڳنڍيون جتان کان ڇنيو ويو. اچو ته گيت ڳائي دردن کي وساريون. اچو ته ٽهڪن ۾ زندگي جي تلخين کي ڀلايون. اچو ته رات جي ڪاراڻ ۾ جڳمڳ جوت جلايون. اچو ته زندگي جي خوبصورتي کي ڪائنات مان ماڻي زندگي کي نيون معنائون ڏيون. اچو ته مڌ ماٽي مان سرڪون ڀري پنهنجي وجود کي ڪائنات جي ڪل ۾ سمائي ڇڏيون.
***
هر آزادي ۽ نظريي کي به پنهنجون حدون ۽ بندشون آهن.
***
جهالت وهم کي جنم ڏي ٿي ۽ وهم مان عقيدا جنم وٺن ٿا جيڪي ماڻهو کي سدائين لاءِ اطاعت جو عادي بڻائي ڇڏين ٿا.
***
عقيدو سوچ کي فل اسٽاپ ڏي ٿو. مان زندگيءَ ۾ فل اسٽاپ جو قائل ناهيان. منهنجي نظر ۾ زندگي ۾ سوچ جو عمل وهندڙ آبشار جيان آهي، جيڪو رستي ۾ ايندڙ جبلن، کيتن… کي آباد ڪندو اڳتي وڌي ٿو.
***
ماڻهو نجي زندگيءَ ۾ پراڻين شين جي بدلي جديد ٽيڪنالاجي جي تعارف ڪيل شين کي استعمال ڪن ٿا. مثال طور: هر جي جاءِ تي ٽريڪٽر، جنڊ جي جاءِ تي چڪي وغيره، پر حيرت آهي ته سوچ جي معاملي ۾ هو پراڻن فڪرن ۽ عقيدن تي هلڻ ئي پسند ڪن ٿا.
***
اڄ من کي ڪجهه نٿو سجهي. بس توڏي مختلف وقتن ۽ مختلف وقفن ۾ لکيل خط ڦلهوريان پيو. توڏي لکيل خط، جن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل جي زندگي جي رستي تي وقت جي وهندڙ ڌارائن جو ذڪر آهي. وقت، جنهن ڌرتي جي سيني تي ڪيئي ڪردار اڀاريا ۽ ڪيئي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيا. تاريخ جي سيني ۾ دفن ٿيل انيڪ محبتون، نفرتون، تنهنجون يادون، منهنجا سپنا، اهي سڀ جذبا، جن کي لفظن جو روپ ڏيئي مون توکي ارپيا خطن جي روپ ۾. انهن خطن مان چونڊ ٽڪرا توڏي اماڻي ان وقت کي جو ماضي ٿي چڪو آهي. حال ۾ موٽائي رهيو آهيان ۽ تنهنجي اندر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پنهنجي ڌنڌلي ٿيل عڪس (جي ايئن ٿيو آهي ته؟) کي ٻيهر اجارڻ چاهيان ٿو.
***
تو پڇيو آهي ته وقت ڪيئن ٿو گذري؟ ڇا ٻڌايان ته وقت ڪيئن ٿو گذري؟ بس ساموئي جو چيل بيت لکي ٿو ڇڏيان. سمجهو آهين سمجهي ويندين.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻند اروڙ،
بيهه مڇي لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
***

