خاص

ڪورونا جو نئون ڀارتي قسم ڊيلٽا خطرناڪ قرار: اين سي او سي پاران 31 جولاءِ تائين ورڪرن کي ويڪسين لڳرائڻ تي زور!

اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جو نئون ڀارتي قسم ڊيلٽا خطرناڪ قرار ڏيندي ويڪسينيشن جو عمل تيز ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي. پاڪستان ۾ ڊيلٽا وائرس جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن جيڪي شايد ڪورونا جي چوٿين لهر هوندا. اين او سي سي پاڪستان ۾ ڊيلٽا وائرس ۽ ٻين وائرسز جي لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏني آهي. ڊيلٽا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون نه وٺڻ جي ڪري خطرناڪ نتيجا پيدا ٿي سگھن ٿا. هندستان ۾ وائرس نه رڳو لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي، جتي اسپتالن ۾ آڪسيجن نه هئڻ سبب ماڻهو اذيت کي منهن ڏيندا رهيا آهن. پاڪستان جي عوام کي هن وائرس جي مضر اثرن کان بچائڻ لاءِ اين سي او سي پاران خاص قدم کڻندي ايس او پيز کي 9 کان 18 جولاءِ تائين سختي سان لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. وبا جي وڌندڙ صورتحال سبب سياحت تي پڻ پابندي جي تجويز غور هيٺ آهي. جڏهن ته مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن کي 31 جولاءِ تائين ويڪسين لڳرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پهرين آگسٽ کان ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ کانسواءِ هوائي سفر تي پابندي هوندي. بنا ويڪسين وارا سياحت تي ويندڙ هوٽل بڪ ڪرائي نه سگهندا، ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.