گريٽر اقبال پارڪ ۾ ٻاهتر لک رپين جي نقصان جو خرچ پي ڊي ايم کان وٺڻ جو فيصلو
پي ڊي ايم جي جلسي دوران ڪارڪنن پاران ڪيل ڀڃ ڊاهه سبب گريٽر اقبال پارڪ کي ٿيندڙ نقصان جو اندازو 72 لک رپين کان وڌيڪ جو لڳايو ويو آهي. ڪارڪنن نه صرف سرسبز لان خراب ڪيا پر لوهه جا جنگلا به ڀڃي ڇڏيا ۽ گل، ٻوٽا به ٽوڙي ڇڏيا. هڪ واڪ ٿرو گيٽ، ميوزيم جو گيٽ نمبر 4 ۽ مينار جا 4 دروازا ٽوڙيا. ان حوالي سان پي ايڇ اي جو خرچ پي ڊي ايم کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان کان علاوه پي ايڇ اي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ انتظاميه لينڊ روينيو ايڪٽ 1997ع جي تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. گريٽر اقبال پارڪ ۾ ٿيندڙ پي ڊي ايم جلسي تي 2 ڪيس لاري اڊا ٿاڻي ۾ داخل ڪيا ويا آهن. ڪيس پي ايڇ اي سيڪيورٽي انتظاميه جي مدعيت ۾ داخل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ سخت نتيجن جون ڌمڪيون، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. هڪ ڪيس 11، ٻيو ڪيس 12 ڊسمبر تي داخل ڪيو ويو. پهريون ڪيس سيڪيورٽي سپروائيزر محمد يوسف جڏهن ته ٻيون ذيشان حيدر نقوي جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. ٻنهي ڪيسن ۾ پارڪ جا تالا ٽوڙڻ ۽ زبردستي داخل ٿيڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب 20 کان 25 ماڻهو آيا جنهن 5 نمبر گيٽ کي هٿوڙي ۽ سرن جا ڌڪ هڻي ٽوڙيو. سيڪيورٽي گارڊ کي سخت نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. جڏهن ته ٻئي ڪيس جي ايف آءِ آر موجب ڪجهه ڪارڪنن طرفان نعريبازي ڪئي وئي. سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ڪندي زبردستي گاڏيون ۽ ٻيو سامان پارڪ ۾ داخل ڪيو ويو.

