گهر تي چڙهائي ڪرڻ خلاف عدالت ۾ پيٽيشن داخل ڪرائيندس: صنعان قريشي
جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته گلشن حديد مان کنڀڻ بعد ٻن ڏينهن تائين ملير ڪينٽ تي رکيو ويو، منهنجي گهر تي چڙهائي ڪرڻ تي ايس ايس پي ملير ۽ حد جي ايس ايڇ او خلاف عدالت ۾ پيٽيشن داخل ڪرائيندس، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ٽائيم نيوز سان هن ڳالهائيندي چيو ته مان دهشتگرد نه آهيان جو منهنجي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي، حراست ۾ تشدد بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صنعان قريشي چيو ته جڏهن گرفتار ٿينداسين ته تشدد نه ٿيندو ڇا؟ صنعان قريشي ان دوران پرجوش نظر آيو ۽ کلندو رهيو، جڏهن ته عدالت صنعان قريشي کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

