خاصنئون

آرمي چيف جي توسيع تي قانون سازي ٽي رڪني حڪومتي ڪاميٽي قائم

سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ حڪومت آرمي چيف جي توسيع سان متعلق قانون سازي جي معاملي تي ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪاميٽي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزير دفاع پرويز خٽڪ ۽ وفاقي وزير منصوبا بندي اسد عمر تي ٻڌل آهي. حڪومتي ڪاميٽي آرمي چيف جي توسيع سان لاڳاپيل قانون سازي جي لاءِ اپوزيشن سان مذاڪرا ڪندي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي حڪم ڏنو هو ته ايڪٽ آف پارليامينٽ جي ذريعي ڇهن مهينن ۾ آرٽيڪل 243 جي وسعت جو تعين ڪيو وڃي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو هو ته جنرل قمر جاويد باجوه ڇهن مهينن تائين بحيثيت آرمي چيف پنهنجون خدمتون جاري رکندو. ان جي موجوده مقرري پارليامينٽ جي قانون سازي سان مشروط رهندي.