آزادي ڪپ جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ اڄ پاڪستان ۽ ورلڊ اليون جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون
لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آزادي ڪپ جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ اڄ پاڪستان ۽ ورلڊ اليون جون ٽيمون آمهون سامهون ٿي رهيون آهن، پهرين ميچ ۾ پاڪستان 20 رنسن تان سوڀ ماڻي، ورلڊ اليون جي ڪپتان فاف ڊوپليسي جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ميچ کٽي سريز برابر ڪنداسين. آزادي ڪپ جي ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ اڄ قذافي اسٽڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي، ورلڊ اليون جي ڪپتان فاف ڊوپليسي جو چوڻ آهي ته پهرين ميچ ۾ پاڪستان بهترين راند جو مظاهرو ڪيو، سيريز ۾ ڪم بيڪ ڪرڻ لاءِ هو اڄوڪي ميچ کٽڻ جي پوري ڪوشش ڪندا. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سرفراز جو چوڻ آهي ته پهرين ميچ ۾ رانديگرن ڪجهه غلطيون ڪيون، ڪوشش هوندي ته باقي ميچز ۾ اهي غلطيون نه ٿين. پهرين ٽي ٽوينٽي ميچ ۾ پاڪستان پهرين بئٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾7 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنز ٺاهيون، ورلڊ اليون جي سموري ٽيم 20 اوورز ۾7 وڪيٽن جي نقصان تي 177رنسون ٺاهي سگهي، اهڙي طرح پاڪستان ورلڊ اليون کي 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. بابر اعظم کي 57 بالن تي 86 رنسون ٺاهڻ تي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو.