آصف زرداري جو مولانا فضل الرحمان سان رابطو، ڳڙهي خدابخش جلسي ۾ شرڪت جي دعوت
آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان سان 2 ڏينهن دوران ٻيون ڀيرو رابطو ڪيو آهي. اڳوڻي صدر جي يو آءِ سربراهه کي ڳڙهي خدا بخش جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پي ڊي ايم جي حڪومت مخالف تحريڪ بابت به ڳالهيون ڪيون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو. اڳوڻي صدر رابطي دوران چيو هو ته سينيٽ اليڪشن کان اڳ استعيفيٰ نه ڏنا وڃن. اسان ضمني چونڊن جي بائيڪاٽ جي حق ۾ ناهيون. پي ڊي ايم ملي سينيٽ چونڊون وڙهي ته 15 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿي. جنهن تي مولانا فضل الرحمان جواب ڏنو ته هن معاملي کي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ حل ڪنداسين.

