آصف زرداري خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس ڪراچي منتقلي تي رجسٽرار جا اعتراض ڪالعدم
سپريم ڪورٽ آصف زرداري خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنسز ڪراچي منتقلي جي اپيل تي رجسٽرار جا اعتراض ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا. عدالت آصف زرداري جي اپيلن تي سياري جي موڪلن کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رجسٽرار آفيس ريفرنسز منتقلي جي اپيلن تي اعتراض لاڳو ڪري ان کي ٻڌڻ نه جوڳو قرار ڏنو هو. اعتراضن جي خلاف چيمبر جي اپيل تي کلي عدالت ۾ ٻڌڻي جو حڪم ڏنو ويو هو. آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪيس منتقلي جي درخواست نيب قانون تحت داخل ڪئي. درخواست کي ٻڌڻ نه جوڳو قرار ڏيڻ عدالت جو اختيار آهي. رجسٽرار کي درخواستن تي اعتراض ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناهي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ ڪيس اسلام آباد ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالتي حڪم وقت ريفرنس داخل نه ٿيا هئا. جنهن کانپوءِ جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته ڪيس وفاق نه پر هڪ صوبي کان ٻئي صوبي منتقل ڪرڻ جو معاملو آهي. فاروق ايڇ نائيڪ صاحب اوهان ڪيس جي تياري ڪري اچجو.