خاص

آصف زرداري خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جو ٽرائل هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پنهنجي خلاف احتساب عدالت ۾ ٿيندڙ ٽرائل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ۾ آصف زرداري ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس ۾ بريت جي استدعا ڪئي آهي. آصف علي زرداري فوري ٽرائل روڪڻ جي به درخواست ڏني آهي. اڳوڻي صدر طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس نيب جو دائره اختيار نه آهي ان کي رد ڪري ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس ۾ بري ڪيو وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ آصف علي زرداري نيب ريفرنس جي خلاف احتساب عدالت ۾ به درخواست داخل ڪئي هئي. اڳوڻي صدر طرفان پارڪ لين، ميگا مني لانڊرنگ ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس جي خلاف اپيل ڪئي وئي هئي. پ پ جي شريڪ چيئرمين پنهنجي موقف ۾ چيو هو ته نيب جو ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي. عدالت چيو هو ته زرداري کي نيب ريفرنس ۾ بري نٿو ڪري سگهجي. عدالت آصف زرداري تي ٽنهي ڪرپشن ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت آصف علي زرداري ۽ ٻين جوابدارن تي پارڪ لين، ميگا مني لانڊرنگ ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 28 سيپٽمبر  2020 تي طلب ڪيو آهي.