خاص

آمدني کان وڌيڪ اثاثا: خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ريفرنس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي. سکر جي احتساب عدالت ۾ سيد خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ريفرنس ۾ نامزد 18 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪئي ۽ ايندڙ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.