خاص

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيس ۾ تيزي، چوويهه ڪلاڪن دوران ڇاهٺ مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وار جاري آهن. فعال ڪيسن جو انگ 49 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 66 مريض ڪورونا وائرس سبب حياتيون وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 40 هزار 969 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽس جو انگ 55 لک 49 هزار 779 ٿي ويو. اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 4 لک 482 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 74 هزار 350، پنجاب ۾ هڪ لک 19 هزار 578، خيبر پختونخواهه 47 هزار 370، اسلام آباد ۾ 30 هزار 406، بلوچستان ۾ 17 هزار 187، آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 933 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 658 انگ ٿي ويو. اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 49 هزار 105 ٿي ويو آهي. جن مان 2 هزار 165 مريضن جو انگ ڳڻتي جوڳو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 863 مريضن ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ ڪروونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 43 هزار 268 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 66 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کانپوءِ گڏيل فوتين جو انگ 6 هزار 091 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6 سيڪڙو آهي. ميرپور، آزاد ڪشمير ۾ سڀني کان وڌيڪ جڏهن ته پشاور ۽ حيدرآباد ڪورونا ڪيسن ۾ مثبت شرح جي لحاظ سان ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهن.