آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس: شرجيل انعام ميمڻ جي گهرواري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ متعلق ڪيس ۾ شرجيل ميمڻ جي گهرواري صدف شرجيل جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. شرجيل ميمڻ جي گهرواري صدف پنهنجو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ متعلق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته هوءَ دبئي ۾ ڪاروبار ڪندي آهي ۽ ڪاروبار جي سلسلي ۾ وقت بوقت ملڪ کان ٻاهر وڃڻو ٿو پوي. صدف شرجيل جو اهو به چوڻ هو ته ضمانت حاصل ڪرڻ کان پهرين دبئي ۾ رهائش پذير هئي تنهنڪري وزارت داخلا کي نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر شرجيل ميمڻ جي گهرواري جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته صدف شرجيل ريفرنس ۾ مرڪزي ملزم نه آهي، تازو ئي ريفرنس ۾ ملزمن تي فرد جرم به عائد نه ٿي. عدالت نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي صدف شرجيل کي 22 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ شرجيل ميمڻ ۽ ان جي فيملي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments