خاص

آمريڪا پنهنجي شهرين کي پي آءِ اي ايئر لائين ۾ سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

آمريڪا پاڪستان ۾ رهندڙ آمريڪي شهرين کي پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني آمريڪي شهرين لاءِ سفري هدايت نامون جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارت خاني جي طرفان آمريڪي شهرين لاءِ سفري هدايت نامون جاري ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ آمريڪي شهري ڪنهن به پاڪستاني ايئر لائين تي آمريڪا جو سفر نه ڪن، آمريڪي سفارت خاني ۽ قونصليٽ جا اهلڪار به ڪنهن پاڪستاني ايئر لائين تي آمريڪا جو سفر نه ڪن. آمريڪي سفارت خاني وڌيڪ چيو ته انٽرنيشنل ايوي ايشن سيفٽي پروگرام تحت پاڪستاني ايئر لائين سفر جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي آهي، آئي سي اي او سيفٽي معيار تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري پاڪستان ٻئي نمبر تي آهي. ٻئي درجي وارا هوائي جهاز آمريڪا لاءِ نئين سروس شروع نٿا ڪري سگهن.