آمريڪا گرين ڪارڊ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

صدر جوبائيڊن آمريڪا ۾ گرين ڪارڊ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي. آمريڪي صدر جوبائيڊن گرين ڪارڊ جي ڪيترين ئي درخواستن کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي بابت فيصلي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته ان پابندي سبب آمريڪا کي فائدي بجاءِ نقصان پلئه پئجي رهيو آهي، ان پابندي جي نتيجي ۾ آمريڪي شهرين ۽ جن ماڻهن کي قانوني طور تي آمريڪا ۾ مستقل رهائش جو اختيار حاصل آهي اهي به پاڻ ۾ ملي نه پيا سگهن. ان پابندي سان آمريڪي صنعتن کي به نقصان رسي رهيو آهي جيڪي پنهنجي ڪم لاءِ سموري دنيا جي صلاحيتن جو استعمال ڪندا آهن.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments