آمريڪي صدارتي چونڊون: ٻنهي اميدوارن ۾ سخت مقابلو

آمريڪي چونڊن ۾ ٽرمپ ۽ جوبائيڊن وچ ۾ سخت مقابلو، ووٽن جي ڳڻپ جاري، چونڊن ۾ اهميت رکندڙ رياستن پنسلوينيا، ايري زونا، جارجيا ۽ نيواڊا ۾ جوبائيڊن اڳتي، ڊيمو ڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن رڳو پنسلوينيا ۾ ئي کٽي ورتو ته وائيٽ هائوس پهچي ويندو، فاڪس نيوز موجب جوبائيڊن هينئر تائين 264 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري چڪو آهي، نيويارڪ ٽائمز، واشنگٽن پوسٽ ۽ سي اين اين موجب جوبائيڊن جي اليڪٽورل ووٽن جو انگ 253 آهي، فاڪس نيوز ايري زونا ۾ بائيڊن کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو، آمريڪي صدر بڻجڻ لاءِ 270 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنل آهن، ٻئي پاسي آمريڪي اميدوار جوبائيڊن چيو آهي ته اسان جي ڪاميابي واضح آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن اميدوار کي 74 ملين ووٽ مليا آهن، صدارتي ريس کٽي رهيو آهيان، بس نتيجن جو انتظار آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments