آٽــو گــراف نعيم ملڪ
عبدالشڪور “مغموم” وڏو مزاحمتي شاعر هو، جيئن ئي ون يونٽ خلاف مهم شروع ٿي ته عبدالشڪور “مغموم” هر جلسي، هر ڌرڻي ۽ هر مظاهري ۾ ترنم سان پنهنجا انقلابي گيت پيش ڪري ڪارڪنن ۾ هڪ نئون جذبو ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏيندو هو، هر محفل عبدالشڪور “مغموم” کانسواءِ ٻُسي ٻُسي محسوس ٿيندي هئي، هو بنيادي طور تي غريب هو، هو مختلف پورهيا ڪري گهر جو خرچ پورو ڪندو هو، اڪثر سياسي ۽ سماجي پارٽين وارا کيس زور ڀري پنهنجي پروگرامن ۾ وٺي ويندا هئا يا دعوتون ڏئي پنهنجي پروگرامن ۾ ضرور اچڻ لاءِ چئي ويندا هئا. عبدالشڪور “مغموم” کي مختلف پروگرامن ۾ جيڪا شهرت ۽ مڃتا ملندي هئي. اها کيس اڃا به بهتر لکڻ لاءِ اتهاس پيدا ڪندي هئي. هو روزانو جيڪي ڪمائيندو هو انهي مان مس وڃي سندس گهر هلندو هو. پروگرامن ۾ وڃڻ جي ڪري هو ڄڻ ته ٻه ڏينهن بيروزگار ٿي ويندو، هڪڙو ڏينهن جيڪو ڪنهن پروگرام ۾ وڃڻ تي ضايع ڪندو هو ۽ ٻيو جيڪا هڪ ڏينهن جي جمع پونجي هئي اها پروگرام ۾ اچ وڃ جي ڀاڙي ۽ چانهه پاڻي ۾ خرچ ٿي ويندي هئي، انهيءَ خرچ جي پورائي لاءِ کيس چار پنج ڏينهن لڳاتار ڪم ڪرڻو پوندو هو، تڏهن وڃي سندس هٿ سڌو ٿيندو هو. هاڻي جڏهن کيس ڪنهن به پروگرام ۾ شعر پڙهڻ جي دعوت ملندي هئي ته کيس ڳڻتي ورائي ويندي هئي ته ٻه ڏينهن سندس گهر ڪيئن هلندو…!!.
عبدالشڪور “مغموم” جي شاعري جا موضوع سنڌ جا پورهيت، هاري، عورتن جي مظلومي، قومي ۽ عوامي حق، انهن جا اهنج، ڏاڍ، ڏمر غريبن ۽ بي ڏوهين تي ظلم هئا، جهڙي الله تعالى کيس ڏات ڏني هئي تهڙو کيس ڏانءُ هو. سندس زبان مان نڪتل هر شعر تي واهه واهه ٿي ويندي هئي. سنڌ جو هر ماڻهو دل سان سندس عزت ڪندو هو، ڪيترائي ماڻهو عقيدت ۽ احترام مان کيس جهڪي ملندا هئا، هر پروگرام ۾ سندس هر شعر تي داد ملندو هو ته عبدالشڪور “مغموم” ٽڙي پوندو، واهه واهه ۽ تاڙين وارو داد سندس يا سندس ٻچن جو پيٽ ڀري ته نه سگهندا هئا، تنهن جي باوجود “مغموم” دلي طور تي مطمئن هوندو هو ته هو پنهنجي مٿان پيل سنڌ ۽ قوم جو قرض لاهي رهيو آهي، ڌرتي ۽ قوم سان محبت سندس رت جي هر ڦڙي ۾ سمايل هئي. هو پنهنجي قوم سان ٿيندڙ هر انياءَ تي جهري پوندو هو.
جنهن به پروگرام ۾ هيءُ شامل هوندو هو ته چوڌاري ماڻهن جا ميڙ سندس ديدار ڪرڻ ۽ ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ بيقرار ۽ بي چين هوندا هئا. عوام جي طرفان ڀرپور موٽ ملڻ تي “مغموم” پنهنجا ڏک ۽ درد وقتي طور تي وساري ويهندو هو.
عبدالشڪور “مغموم” جي شهرت اها هئي ته هر تقرير ڪندڙ سندس شعر پنهنجي تقرير شروع ڪرڻ کان پهريان يا تقرير دوران پنهنجي تقرير جو ڌاڪو ڄمائڻ ۽ ماڻهن کي تاڙيون وڄائڻ تي مجبور ڪندو هو.
عبدالشڪور “مغموم” هڪ جلسي ۾ پنهنجا شعر پڙهي ٻاهر نڪري رهيو هو ته هر ماڻهو کائنس آٽو گراف وٺڻ لاءِ آتو هو، عبدالشڪور “مغموم” هر ماڻهوءَ کي آٽو گراف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر ماڻهن جو ميڙ هو جيڪو کٽڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي، عبدالشڪور “مغموم” آٽو گراف ڏئي ڏئي ٿڪجي پيو، هن سوچيو ته جيڪڏهن هو هتي وڌيڪ بيٺو رهيو ته هن جي ڳوٺ وڃڻ واري بس نڪري ويندي ۽ هو پريشان ٿي ويندو، هن سوچيو هو ته جيڪڏهن هو رات دير تائين گهر نه پهچندو ته ٻئي ڏينهن هو پنهنجي محنت مزدوري جاري رکي نه سگهندو. جيئن هو ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ڀرسان بيٺل هڪ نوجوان رڙ ڪندي چيو “مغموم” صاحب پليز آٽو گراف…!!.
عبدالشڪور “مغموم” جي ڪن تي اهو آواز ته پيو پر هو لاپرواهي ڪندي اڳتي وڌڻ لڳو، هن ٻيهر اهو آواز ٻڌو “مغموم صاحب پليز آٽو گراف…!!”. هن ڏٺو ته هڪ نوجوان آٽو گراف بڪ هٿ ۾ کڻي التجائي نظرن سان هن ڏانهن ڏسي رهيو هو. هن جي جيئن ئي مٿس نظر پئي ته هن محسوس ڪيو ته انهيءَ نوجوان جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيا، عبدالشڪور “مغموم” کي اهو سٺو نه لڳو ته هو ڪنهن جي دل آزاري ڪري ائين اڳتي وڌي وڃي عبدالشڪور “مغموم” واپس وريو ۽ نوجوان کي ڀاڪر پائي کيس آٿت ڏني ۽ آٽو گراف بڪ تي کيس هي لفظ لکي ڏنا “زندگيءَ ۾ ڪنهن جي دل آزاري نه ڪجانءِ” اهو لکي هن پنهنجي صحيح ڪري ڇڏي. جيئن ئي هن آٽو گراف بڪ نوجوان کي واپس پئي ڪيو ته هن ڏٺو ته نوجوان جي منهن تي مرڪ اچي وئي هئي.
عبدالشڪور “مغموم” جي دل ٺري پئي ته هن نوجوان جي دل آزاري نه ڪئي ۽ کيس آٽو گراف ڏئي ڇڏيو، “توهان جو نالو….؟”. “محبوب حسين الهه بخش….” نوجوان جواب ڏنو.
عبدالشڪور “مغموم” کي اهو پسي ڏاڍي خوشي ٿي سندس پرستار کيس ڪيڏو نه چاهين ٿا.
انهيءَ واقعي کي چاليهه سال گذري ويا، هاڻي عبدالشڪور “مغموم” جي عمر به لڳ ڀڳ اسي سالن جي اچي ٿي هئي. عبدالشڪور مغموم جي آواز ۾ اهو ڪڙڪو نه رهيو هو. شگر، بلڊ پريشر ۽ دم جي بيماري کيس نهوڙي ڇڏيو هو. هن پروگرامن ۾ وڃڻ ته پري جي ڳالهه پر گهر کان نڪرڻ به ڇڏي ڏنو هو، سندس هم عمر ساٿي دوست به آهستي آهستي ڪري راهه رباني اختيار ڪندا ويا ۽ عبدالشڪور “مغموم” به ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو، پر هن سڄي زندگي انهيءَ نوجوان کي وساري نه سگهيو هو جيڪو آٽو گراف نه ملڻ تي مايوس ٿي لڙڪ لاڙي ويٺو هو. عبدالشڪور “مغموم” اڪثر پنهنجي وڏي پرستار محبوب حسين الهه بخش بابت پڇا ڪرائيندو رهندو هو ته اهو ڪيئن آهي؟ ۽ اڄڪلهه ڇا ڪري رهيو آهي، هن کي خبر پئي هئي ته محبوب حسين الهه بخش انگلينڊ مان بئريسٽري جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ وڪالت سان گڏ هڪ وڏي سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ وزير ٿي ويو هو. عبدالشڪور “مغموم” وڏي فخر سان پنهنجي اولاد کي اهو ٻڌائيندو هو ته سندس پرستار اهم پوسٽن تي ويٺل آهن، عبدالشڪور “مغموم” جي وڏي پٽ منظور علي اهي ڳالهيون ٻڌندي هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ کي چيو ته هو پنهنجي پرستار وزير کي درخواست ڏئي ته هن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي، عبدالشڪور “مغموم” کيس ورندي ڏني ته هو خود دار آهي، علاج لاءِ ڪنهن کي به درخواست نه ڏيندو، وڏي پٽ جي لڳاتار چوڻ تي هڪ ڏينهن عبدالشڪور “مغموم” ۽ سندس وڏو پٽ منظور علي صوبائي وزير محبوب حسين الهه بخش جي آفيس پهتا، وڏي رش هئڻ باوجود به عبدالشڪور “مغموم” پنهنجو نالو هڪ ڪاغذ تي لکي محبوب حسين الهه بخش جي پٽيوالي کي ڏنو ته کيس ٻڌائي ته قومي عوامي شاعر عبدالشڪور “مغموم” ساڻس ملڻ چاهي ٿو، چئن ڪلاڪن جي انتظار کانپوءِ جيئن ئي وزير موصوف آفيس مان ٻاهر نڪتو ته منظور علي پيءُ جي هٿ مان درخواست ڦري وڃي سڌو وزير سان مليو. “سائين هي قومي عوامي شاعر عبدالشڪور “مغموم” جي سرڪاري خرچ تي علاج لاءِ درخواست آهي… “مهرباني ڪري هن تي صحيح ڪيو ته هن غريب شاعر جو سرڪاري خرچ تي علاج ٿي سگهي…” منظور علي اهو سڀ ڪجهه يڪ ساهي چئي ويو.
“بابا رستو ڇڏ…، مون کي جلدي سي ايم صاحب جي ميٽنگ ۾ پهچڻو آهي” وزير منهن خراب ڪندي چيو، “پر سائين توهان ته عبدالشڪور “مغموم” جا پراڻا پرستار رهيا آهيو…!! صرف توهان هن درخواست تي صحيح ڪريو…!!.”
منظور علي هٿ ٻڌندي چيو.
“انهن شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي پنڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو اچي…!!” ائين چئي وزير هٿ سان منظور علي کي پري ڪري روانو ٿي ويو، اهو ٻڌندي ئي عبدالشڪور “مغموم” جو اندر جهري پيو، هن جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا ۽ هو ڳوڙها اگهندي آفيس مان ٻاهر نڪري ويو…!.